25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيب چيئرمين جو وفاقي وزير رياض پيرزادي جي خلاف جاچ جو حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال وفاقي وزير رياض پيرزادي ۽ ڊي جي اسپورٽس بورڊ اختر گنجيرا خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب گذريل مهيني نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال ڪرڪيٽ بورڊ ۽ هاڪي فيڊريشن ۾ وسيلن جي غلط استعمال جي شڪايت تي پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۾ بدعنوانين جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هو تنهن هوندي هاڻ نيب جي طرفان جاري ٿيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نيب چيئرمين وفاقي وزير رياض پيرزادي ۽ ڊي جي اسپورٽس بورڊ اختر گنجيرا خلاف به جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پڌرائي موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مختلف شعبن ۾ گذريل 4 سالن دوران بدعنواني، نون پراجيڪٽن ۾ گهوٻين ۽ خلاف ضابطه مقررين جون شڪايتون هيون جڏهن ته راندين جي فيڊريشن ۽ مالي گرانٽ ۾ به مبينا گهوٻيون ڪيون ويون جنهن تي نيب چيئرمين پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۾ بدعنواني ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي نوٽيس ورتو ۽ وفاقي وزير ۽ ڊي جي اسپورٽس بورڊ خلاف جاچ جو حڪم ڏنو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے