22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

پاڪستان سپر ليگ ٿري  لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي ٽئين ايڊيشن ۾امپائرن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو آهي، جن ۾ ٽي پرڏيهي امپائر پڻ شامل ڪيا ويا آهن. پي ايس ايل ٿري لاءِ انگلينڊ جي ٽم رابن سن، سريلنڪا جي رينمور مارٽينز ۽ روشن ماهناما کي امپائرز پينل ۾ شامل ڪيو ويو آهي،جڏهن ته پاڪستاني امپائرن ۾ عليم ڊار، شوزب رضا، احمد شهاب، ارشد رياض، آصف يعقوب، خالد محمود ۽ محمد انيس شامل آهن. انگلينڊ جو ٽم رابن سن ۽ سريلنڪا جو رينمو مارٽينز گرائونڊ ۾ امپائرنگ جا فرض سرنجام ڏيندا جڏهن ته روشن ماهناما پاڪستان جي محمد انيس گڏ ميچ ريفري طور پنهنجو ذميواريون نڀائيندا. پاڪستان جي ٻين امپائرن ۾ عليم ڊار، شوزب رضا، احمد شهاب، راشد رياض، آصف يعقوب ۽ خالد محمود آن فيلڊ امپائرن جون ذميواريون ادا ڪندا. واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي ٽئين ايڊيشن جي شروعات اڄ کان ٿي رهي آهي، پهرين ميچ ۾ دفاعي چيمپئين پشاور زلمي ۽ ملتان سلطان هڪ ٻئي سان مقابلو ڪنديون

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے