25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

گوجرخان: بس شاگرد کي چيڀاٽي ڇڏيو، 2 بسن کي باهيون

گوجر خان (ويب ڊيسڪ) ڊرائيور جي مبينا غفلت جي ڪري شاگرد بس جي ٽائرن هيٺان چيڀاٽجي ويو جنهن تي مڇريل شاگردن احتجاج ڪندي 2 بسن کي باهه ڏئي ڇڏي. تفصيل موجب گوجر خان ۾ بس ڊرائيور جي مبينا غفلت جي ڪري هڪ شاگرد بس جي ٽائر هيٺ اچي ويو جنهن جي ڪري هو چيڀاٽجي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. ريسڪيو ذريعن موجب مارجي ويل شاگرد گورنمنٽ سرور شهيد ڪاليج ۾ فرسٽر ايئر جو شاگرد هو. واقعي کان پوءِ مارجي ويل شاگرد جا ساٿي شاگرد شديد مڇرجي ويا ۽ احتجاج شروع ڪري ڏنائون، ان دوران شاگردن جي ٽي روڊ تي احتجاج ڪندي 2 بسن کي به باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، شاگردن جي ٽي روڊ کي 2 هنڌن تان رنڊڪ لڳائي بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سان ٽريفڪ جي رواني شديد متاثر ٿي. مڇريل شاگردن ريسڪيو 1122 جي آفيس ۽ تحصيل اسپتال جي ايمرجنسي ۾ به ڀڃ ڊاهه ڪئي جنهن جي ڪري اسپتال جي ايمرجنسي کي عارضي طور تي بند ڪيو ويو. واقعي جي اطلاع تي پوليس جي نفري مڇريل شاگردن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ موقعي تي پهچي وئي. پوليس موجب بس جو ڊرائيور فرار آهي ۽ ان حوالي سان هينئر تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

معاشي حالتن جو ڏوهاري اسحاق ڊار آهي، ميثاق جمهوريت هئڻ گهرجي: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے