26 اربع , سيپٽمبر 2018

عمران خان مون کي طلاق ڏيڻ کان پهرين بشريٰ وٽو سان رابطي ۾ هو: ريحام جو الزام

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عمران خان جي ٽئين شادي سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ڪري ڇڏيو آهي ڪنهن مبارڪ ڏني ته ڪنهن تنقيد جو نشانو بڻايو ته اتي ئي سندس اڳوڻي گهرواري ريحام خان به عمران جي خلاف ميدان ۾ اچي وئي. برطانوي اخبار کي انٽرويو ۾ پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جي گهرواري ريحام خان الزام لڳايو ته عمران خان شاهدي جي دوران بي وفائي ڪئي، عمران خان کيس ڏيڻ کان پهرين ئي بشريٰ وٽو سان رابطي ۾ هو ۽ هو ان وقت هڪ وفادار مڙس نه هو ۽ هن کي خبر آهي ته عمران خان پهرين جنوري تي ٽئين شادي ڪئي پر اعلان بعد ۾ ڪيو.  اڳوڻي گهرواري ريحام خان جو چوڻ هو ته مون سان شادي جي وقت به ائين ئي ڪيو هو، شادي کان پهرين ڪئي ۽ اعلان بعد ۾ ڪيو. ريحام خان جو چوڻ هو ته عمران خان ۽ بشريٰ وٽو گذريل ٽن سالن کان ملي رهيا ها،  جنهن جي تصديق بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس به ڪئي هئي جڏهن ته عمران خان ٽئين شادي ڪري پنهنجي ڪردار کي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے