24 آچر , جون 2018

عاصمه راڻي قتل ڪيس: مفرور جوابدار لاءِ قانون ۾ همدردي باقي نٿي بچي: چيف جسٽس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ ڪوهاٽ ۾ ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي عاصمه راڻي جي قتل جي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته مفرور جوابدار لاءِ قانون ۾ همدردي باقي نٿي بچي، جلد يا دير سان جوابدار کي پڪڙڻو ئي آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ عاصمه راڻي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ڪي پي ڪي جي ڊپٽي ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار مجاهد الله آفريدي جا ريڊ وارنٽ جاري ڪيا. پوليس اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته اميد آهي ته جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. جوابدار جي چاچي آفتاب عالم عدالت کي ٻڌايو ته مجاهد آفريدي جي پيءُ سان پرڏيهه رابطو ڪيو آهي. ان موقعي تي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته مفرور جوابدار قانون جي هٿ ۾ اچي ئي ويندو آهي، جلد يا دير سان جوابدار کي پڪڙڻو ئي آهي پر ان لاءِ قانون ۾ همدردي باقي نٿي بچي. چيف جسٽس جوابدار جي چاچي کي مخاطب ڪندي ڪندي چيو ته توهان پي ٽي آءِ جا ميمبر آهيو، توهان طرفان ڪيس تي اثر انداز ٿيڻ جي خبر پئي ته ايڪشن وٺنداسين. جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ پوليس اختيارين کي مفرور جوابدار مجاهد آفريدي جي گرفتاري جي حوالي سان هڪ مهيني تائين نتيجا ڏيڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Tehreek-e-Insaf (PTI) leader Shah Mehmood Qureshi showed his asset

تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي به ڪروڙ پتي نڪتو

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي به ڪروڙ پتي نڪتو، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے