18 سومر , جون 2018

سپريم ڪورٽ: فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ بابت عمران خان جي درخواست تي اعتراض رد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ ضم ڪرڻ بابت درخواست تي اعتراض رد ڪندي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ ضم ڪرڻ بابت عمران خان جي درخواست تي ان چيمبر ٻڌڻي ڪئي، عمران خنا طرفان بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو. سپريم ڪورٽ عمران خان جي درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض رد ڪندي درخواست کليل عدالت ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. واضح رهي ته ان کان اڳ سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزير اعظم جي نيب ريفرنس گڏ ڪرڻ جي حوالي سان درخواست جي ٻڌڻي ڪئي هئي ۽ رجسٽرار آفيس جا اعتراض برقرار رکندي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيصل آباد ۾ بس هوسٽس جو قتل، پنجاب جي نگران وڏي وزير نوٽيس ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ بس هوسٽس  جي قتل واري واقعي جو نگران وڏي وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے