18 سومر , جون 2018

جمساني صحت کان آگاهه ڪرڻ واري مصنوعي چمڙي تيار

ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ)جاپاني يونيورسٽي جي ماهرن اليڪٽرونڪ چمڙي تيار ڪئي آهي جيڪا ڪنهن ماڻهو جي جسماني صحت تي تفصيل ان جي چمڙي تي ظاهر ڪري سگهي ٿي.ج ڏهن ته هن کل جي تياري ۾ باريڪ نينو جهلي، لچڪدار اليڪٽروڊ ۽ وڌيڪ ننڍيون ننڍيون ايل اي ڊي استعمال ڪري سگهن ٿيون جيڪي روشن ٿي ڪري جسم جي مٿان ان جي ڪيفيت ظاهري ڪري رهيون آهن. ان کان سواءِ سڄي ڄاڻ کي سمارٽ فون  ڏانهن موڪلي سگهجي ٿي. ان کان پهريان ڪيتريون ئي جسماني ڊسپلي تيار ڪيا ويا پر اهي کل جي حرڪت ۽ مڙڻ  سان ٽٽي ناڪارا ٿي وينديون هون. ماهرن هن کي  ٻئي کل قرارڏئي رهيا آهن. ان جي موجب هي پهريڻ ۾ تمام آرام ڏيندڙ ۽ هلڪي آهي.   هن کي اسپتالن ۾۽ نرسنگ هوم جي مريضن کي پارائي ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ ان جي مدد ڪري جان بچائي سگهجي ٿي . ۽ هلڪي هئڻ جي  سبب ڪمزور ۽ پوڙهي مريض کي به آساني سان پارائي سگهجي ٿي.  ڊاڪٽر ٽيڪائو سوميا هن کي هڪ ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو آهي جتي ان جي هٿ تي ان جي دل جي ڪيفيت ڳاڙهي ايل اي ڊي ۾ ظاهر ٿي رهي آهي.2021 تائين هن کي بازران ۾ وڪرو لاءِ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي جنهن لاءِ ان جي قيمت گهٽ ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گرين ٽي دل جي حفاظت ڪندي آهي

لنڊن(ويب ڊيسڪ) گرين ٽي ۾ هڪ مرڪب دريافت ٿيو آهي جيڪو رت جي رڳن ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے