22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

پنهنجي ئي ٻوجهه سان ٻڏندڙ ادارن تان بار هلڪو ڪرڻ جي تجويز

قومي اسيمبلي ۾ نجڪاري واسطي اسٽينڊنگ ڪميٽي چيو آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري بدران اداري جا مسئلا حل ڪري انهن کي نفعو ڏيندڙ اداري ۾ بدلايو وڃي. ڪميٽي ميمبر شيري رحمان چيو آهي ته ادارن جي نجڪاري سان ملڪ جي ادارن جي خودمختياري ۽ مالڪي داءَ تي لڳي ويندي. ان موقعي تي نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين دانيال عزيز چيو ته پي آءِ اي ساليانو 40 ارب رپيا نقصان ڪري رهي آهي. هر روز 17 ڪروڙ رپين جو نقصان برداشت ڪرڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. ان اداري جي نجڪاري سان سرڪار وٽ 51 سيڪڙو شيئر موجود رهندا ۽ ملازمن جي حقن جو بچاءُ ڪيو ويندو.

ٻه ڏينهن اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ڪابينا پي آءِ اي، پاڪستان اسٽيل ملز ۽ لاکڙا ڪول پاور پلانٽ جي نجڪاريءَ جي سختي سان مخالفت ڪندي وفاق آڏو احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز جا ڪارڪن پگهارن جي عدم ادائگي ڪري لنگهڻ ڪاٽي رهيا آهن. وفاقي حڪومت ڄاڻي واڻي اسٽيل ملز جهڙي نفعي بخش اداري کي نقصان ۾ بدلائي ڇڏيو آهي ۽ ساڳيو حال پي آءِ اي جو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه بلڪل واضح آهي ته جيڪڏهن پاڪستان اسٽيل ملز جي نجڪاري ڪئي ويندي ته پاڪستان اسٽيل ملز جي زمين پاڻمرادو صوبائي حڪومت ڏانهن منتقل ٿي ويندي. هن چيو ته وفاقي حڪومت کي گهرجي ته پي آءِ اي جي ورڪرن جي مفادن جو تحفظ ڪيو وڃي. سنڌ حڪومت انهن جي نجڪاري خلاف احتجاج ڪندي، ڪابينا يڪراءِ سان وڏي وزير کي اختيار ڏنو ته وفاقي حڪومت کي ڪابينا جو واضح نياپو پهچايو وڃي.

سنڌ توڙي سڄي ملڪ ۾ موجود نقصان ڏيندڙ ادارن جي حوالي سان صوبائي توڙي وفاقي سرڪار کي ٻن حوالن سان سوچڻ گهرجي. هڪ ته ادارو ڪنهن به حوالي سان جانبر ٿي نه سگهي ته پوءِ ان جي نجڪاري هر حال ۾ ڪرڻ گهرجي. پر جي ڪجهه ادارا جيڪي پنهنجي ئي ٻوجهه سبب تباهه ٿي رهيا آهن، انهن تان انتظاميا توڙي ملازمن جو بار هلڪو ڪري اهي ادارا بهتر حال ۾ ڪيا وڃن. ان سلسلي ۾ ملازمن جي حوالي سان ڪي اهم پاليسيون جوڙي ڪي ضروري قدم کنيا وڃن.

اربع 21 فيبروري  2018ع، 4  جمادي الثاني 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ حڪومت جي بجيٽ ۽ مالي بحران جون شڪايتون

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے