23 آچر , سيپٽمبر 2018

لالي ووڊ جلد وڏين فلم انڊسٽرين جو حصو بڻبي: عروا حسين

لاهور (شوبز نيوز) من موهڻي اداڪارا عروا حسين چيو آهي ته پاڪستاني فلمن جو معيار ۽ ڪم ڪندڙ نوجوانن جو انداز تبديل ٿي ويو آهي،  انهن جي ڏينهن رات محنت کي ڏسندي اهو چوڻ غلط نه هوندو ته تمام جلد پاڪستاني فلم انڊسٽري دنيا جي وڏين فلم انڊسٽرين جو حصو بڻجي ويندي. هڪ انٽرويو ۾ عروا حسين جو چوڻ هو ته ماڊلنگ ۽ ٽي وي ڊرامن کانپوءِ جڏهن مون کي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي ته مان اهو قبولي ورتي ۽ پوءِ وڏي اسڪرين تي به مون کي سٺي موٽ ملي، ان دوران گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ به مليو، جيتوڻيڪ ڪم ڪندڙ ماڻهو لڳ ڀڳ اهڙا هئا، جن مان گڏ مان ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪي هيس پر فلم ميڪنگ جو انداز مختلف هو. هن چيو ته فلم ميڪر توڙي نوجوان اداڪار سٺو ڪم ڪري رهيا آهن، اهو ڏينهن پري ناهي، جنهن ڏينهن پاڪستاني فلم انڊسٽري به دنيا جي وڏين فلم انڊسٽرين ۾ شمار ٿيندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistani movie Cake being considered for Oscars awards nomination

پاڪستاني فلم” ڪيڪ“ آسڪر ايواردد لاءِ نامزد

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني فلم ”ڪيڪ“ کي دنيا جي سڀ کان وڏي فلمي ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے