25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

احسن خان کي آمريڪا ۾ ايوارڊ سان نوازيو ويو

لاس اينجلس (شوبز نيوز) ناليواري پاڪستاني اداڪار احسن خان کي ٻارن جي تعليم لاءِ ڪم ڪرڻ تي آمريڪا ۾ ايوارڊ سان نوازيو ويو. احسن خان آمريڪا ۾ پاڪستاني ٻارن جي تعليم جي حوالي سان هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي هئي،  جتي پاڪستان ٻارن جي تعليم لاءِ ڪم ڪرڻ جي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس لاس اينجلس جي ميئر ايوارڊ ڏنو. ان موقعي تي احسن خان پاڪستاني ڪميونٽي سان گڏجي آمريڪين سان ملاقات به ڪئي ۽ پاڪستان طرفان امن، دوستي ۽ محبت جو پيغام به پهچايو. احسن خان آمريڪا ۾ موجودگي دوران نڪتل تصويرون پڻ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيون آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

From the beginning I'm not going to enter the item number: kubra khan

شروع کان چئي رهي آهيان ته آئٽم نمبر نه ڪنديس: ڪبريٰ خان

ڪراچي ( شوبز نيوز ) ويجهڙائي ۾ ريليز ٿيندڙ فلم ”طيفا اِن ٽربل“ جي آئٽم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے