23 ڇنڇر , جون 2018

ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي تاريخ جو بدترين صدر قرار

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي تازي سروي ۾ ملڪي تاريخ جو بدترين صدر قرار ڏنو ويو آهي. آمريڪي ميڊيا جي رپورٽ موجب 2018ع پريزيڊينٽ ايگزيڪيوٽو پوليٽڪس پريزيڊنشل گريٽنيس سروي ۾ ابراهيم لنڪن ملڪ جو بهترين ۽ ڊونلڊ ٽرمپ بدترين صدر قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته اڳوڻي صدر بارڪ اوباما 10 بهترين صدرن ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. هر چئن سالن بعد ٿيندڙ سروي ۾ ابراهيم لنڪن بدستور پهرين، جارج واشنگٽن ٻي ۽ روز ويلٽ ٽئين پوزيشن تي آهي، جڏهن ته بارڪ اوباما 10 درجا ترقي ڪري اٺين پوزيشن حاصل ڪئي. سروي ۾ آمريڪي پوليٽيڪل سائنس ايسوسيئيشن جي اڳوڻن صدرن ۽ سياست تي گرفت رکندڙ ناليوارن ماڻهن حصو ورتو. سروي ۾ حصو وٺندڙ 57 سيڪڙو ماڻهن جو تعلق ڊيمو ڪريٽڪس، 13 سيڪڙو جو ريپبلڪن ۽ 27 سيڪڙو آزاد راءِ ڏيندڙ جڏهن ته 3 سيڪڙو ٻين ماڻهن جي چونڊ ڪئي وئي. سروي موجب پسنديده صدرن جي سروي ۾ موجوده آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو نمبر سڀ کان آخر ۾ آيو. 2014ع ۾ اٺين نمبر تي ايندڙ اڳوڻو صدر بل ڪلٽن 5 درجا تنزلي کانپوءِ 13 هين نمبر تي اچي ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فٽبال ورلڊ ڪپ 2018: برازيل اهم ميچ ۾ ڪوسٽاريڪا کي 0-2 تان هارائي ڇڏيو

سينٽ پيٽرز برگ (اسپورٽس نيوز) فٽبال ورلڊ ڪپ جي اڄوڪي ميچ ۾ برازيل ڪوسٽاريڪا کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے