18 سومر , جون 2018

سينيٽ جي چونڊن لاءِ اميدوارن جي آخري لسٽ جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن 3 مارچ تي سينيٽ جي چونڊن لاءِ اميدوارن جي آخري لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. چئني صوبن جي اسيمبلين ۾ ٿيندڙ پولنگ ۾ سنڌ ۽ پنجاب مان 12، 12، جڏهن ته ڪي پي ۽ بلوچستان مان 11 اميدوارن جي چونڊ ڪئي ويندي.  صوبائي اليڪشن ڪمشنر يوسف خٽڪ موجب سينيٽ جي 12 سيٽن تي 33 اميدوار ميدان تي هوندا جنهن ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جا 14، پ پ جا 12، پاڪ سرزمين پارٽي جا 3، تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ فنڪشنل  جو هڪ هڪ اميدوار چونڊن ۾ حصو وٺندو. ٽيڪنو ڪريٽ جي سيٽ لاءِ 6 اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو جنهن ۾ پ پ جو  ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو ۽ رخسانه زبيري، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو حسن فيروز، ڊاڪٽر قادر خانزاده ۽ علي رضا عابدي جڏهن ته تحريڪ انصاف جو نجيب هارون شامل آهي. سيٽ جي جنرل سيٽن تي پ پ جو رضا رباني، مرتضيٰ وهاب، مصطفيٰ نواز کوکر، مولابخش چانڊيو، امام الدين شوقين، اياز احمد ۽ محمد علي شاهه ڄاموٽ ميدان تي هوندا. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اميدوارن ۾ فروغ نسيم، ڪامران ٽيسوري، احمد چنائي، سيد امين الحق، عامر چشتي ۽ فرحان چشتي شامل آهن، جڏهن ته پاڪ سرزمين پارٽي جي انيس احمد، ڊاڪٽر صغير ۽ سيد مبشر امام ۾ مقابلو ٿيندو. مسلم ليگ فنڪشنل جو سيد مظفر حسين ۽ مسلم ليگ ن جو سرفراز جتوئي به سينيٽ جي اميدوارن ۾ شامل آهي. سنڌ مان اقليتي سيٽ تي پ پ جي انور لعل ڊين، ايم ڪيو ايم جي سنجي پرواني ۽ پاڪ سرزمين پارٽي جي ڊاڪٽر موهن پاڪ ۾ مقابلو ٿيندو. عورتن جي مخصوص سيٽن تي پ پ جي قرت العين مري ۽ ڪيشو بائي اميدوار هوندا جڏهن ته ايم ڪيو ايم طرفان ڊاڪٽر نگهت شڪيل، ڪشور زهرا، نسرين جليل ۽ منگلا شرما اميدوار هونديون. پنجاب مان ٽيڪنو ڪريٽ جي سيٽ تي مسلم ليگ ن طرفان نصرت ڀٺا، حافظ عبدالڪريم، اسحاق ڊار اميدوار هوندا، تحريڪ انصاف جو آصف جاويد ۽ پ پ جو نوازش پيرزاده ميدان تي هوندا. جنرل سيٽن تي حڪمران جماعت مسلم ليگ ن جي آصف ڪرماني، مصدق ملڪ، راڻا محمود الحسن، زبير گل، مقبول احمد، هارون خان ۽ شاهين خالد بٽ ۾ مقابلو ٿيندو جڏهن ته تحري انصاف جي چوڌري محمد سرور، پ پ جي شهزاد علي خان ۽ مسلم ليگ ق جي ڪامل علي آغا ۾ دنگل ٿيندو. پنجاب جي اقليتي سيٽن تي ڪامران مائيڪل، مسلم ليگ ن ۽ وڪٽر عزاريا پي ٽي آءِ جا اميدوار هوندا، جڏهن ته عورتن جي سيٽ تي سعديه عباسي ۽ نزهت صادق مسلم ليگ ن جڏهن ته عندليب عباس تحريڪ انصاف جي اميدوار هوندي. ڪي پي ۾ ٽيڪنو ڪريٽ جي سيٽ تي تحريڪ انصاف جو اعظم سواتي، مسلم ليگ ن جو دلاور خان، جي آءِ ف جو يعقوب شيخ ميدان ۾ هوندا جڏهن ته مولانا سميع الحق ۽ نثار خان آزاد اميدوار هوندا. عورتن جي سيٽن تي تحريڪ انصاف جي مهرتاج روغاني، نورين فاروق ميدان ۾ هوندا، قومي وطن پارٽي جي انيسا زيب طاهرخيلي، پ پ جي روبينا خالد، مسلم ليگ ن جي رئيسه دائود، جي يو آءِ ف جي نعيما ڪشور، اي اين پي جي شگفته ملڪ اميدوار آهن جڏهن ته ثوبيه شاهد آزاد اميدوار هوندا. بلوچستان مان جنرل سيٽن تي وڏي تعداد ۾ آزاد اميدوار ميدان تي لٿل آهن جنهن ۾ احمد خان، انوار الحق، حسين اسلام،سردار شفيق ترين، علاوالدين، فتح محمد بلوچ، ڪهده بابر ۽ صادق سنجراڻي شامل آهن. جنرل سيٽن تي مسلم ليگ ن جو امير افضل خان مندوخيل، نيشنل پارٽي جو محمد اڪرم، جي يو آءِ ف جو مولوي فيض محمد، اي اين پي جو نظام الدين ڪاڪڙ ۽ بي اين پي مينگل جي همايون عزيز ۾ مقابلو ٿيندو. عورتن جي سيٽن تي مسلم ليگ ن جي ثمينا زهري، نيشنل پارٽي جي طاهره خورشيد، جي يو آءِ ف جي عذرا سيد ميدان ۾ هوندي جڏهن ته ثناءَ جمالي، شمع پروين منگسي، عابده عظيم آزاد اميدوار طور سينيٽ جي سيٽ جي ڊوڙ ۾ هونديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيصل آباد ۾ بس هوسٽس جو قتل، پنجاب جي نگران وڏي وزير نوٽيس ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ بس هوسٽس  جي قتل واري واقعي جو نگران وڏي وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے