24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز :   ڌاٻيجي: بوائز پرائمري اسڪول زبون حال،  ڇت جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل

*   ڌاٻيجي شھر ۾ 1974کان قائم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول انتظاميا جي بي ڌياني سبب زبون حال ٿي ويو آهي، ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، پر شاگرد ۽ استاد معجزاڻي طور بچي ويا

ڌاٻيجي شهر جي  گورنمنٽ پرائمري اسڪول ڌاٻيجي ٽائون   ۾ لڳ ڀڳ 250 کان مٿي شاگرد تعليم پرائن ٿا.

اسڪول جي عمارت زبون حال ٿي وئي آهي جنهن ڪري چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهن.

اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب علمي سرگرميون سخت متاثر ٿي رهيون آهن .

استادن ٻڌايو ته اسڪول جي بلڊنگ مڪمل طور تي ناڪارا  بڻجي وئي آھي ڀتين کي ڏار پئجي ويا آهن ۽ ڇت زبون حال آهي .

استادن ٻڌايو ته اسڪول ۾ فرنيچر سميت سمورين سهولتن جي کوٽ آهي

هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول جي عمارت جي مرمت ڪرائي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جئين علمي سرگرميون بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهن

هي به ڏسي سگهو ٿا

MirpurBathoro

نيوز | ميرپوربٺورو:سينئر صحافي کي پي ايس او پاران ڌمڪيون ڏيڻ خلاف  قلم ڌڻين جو احتجاج

ميرپوربٺوري ۾   سينئر صحافي آڪاش زئور کي ايس ايس پي سجاول جي پي ايس او …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے