25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

اڳوڻو پوليس آفيسر عابد باڪسر دبئي مان ڪراچي منتقل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مختلف ڪيسن ۾ نامزد اڳوڻي پوليس انسپيڪٽر عابد باڪسر کي دبئي مان ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب مختلف ڪيسن ۾ گهربل عابد باڪسر کي دبئي مان جهاز ذريعي ڪراچي آندو ويو جنهن بعد کيس نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن موجب عابد باڪسر تي 8 ماڻهن جي قتل جو ڪيس داخل ٿيل آهي.  11 سالن کان روپوش اڳوڻي پوليس آفيسر کي 7 فيبروري تي انٽر پول جي مدد سان دبئي مان گرفتار ڪيو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے