24 سومر , سيپٽمبر 2018

ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر پرڏيهي آفيس طلب، جنگبنديءَ جي ڀڃڪڙي تي شديد احتجاج

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر  کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري کوئي رٽا سيڪٽر ۾ ڀارتي فورسز خلاف بنا جواز فائرنگ ۾ ٻارڙي جي شهادت تي احتجاج ڪيو. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري لائن آف ڪنٽرول جي کوئي رٽا سيڪٽر تي ڀارتي ڀارتي فورسز جي بنا جواز فائرنگ سان ٻارڙي جي شهادت تي سخت احتجاج ڪيو.  ڊي جي ڏکڻ ايشيا ۽ سارڪ ڊاڪٽر محمد فيصل ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي احتجاجي دستاويز به پيش ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت جنگبنديءَ جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي ۽ هلندڙ سال رڳو ڏيڍ مهيني دوران 335 ڀيرا جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ 15 بيگناهه شهري شهيد ۽ 65 زخمي ٿيا آهن.  پرڏيهي آفيس جي احتجاجي دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته 15 فيبروري تي به ڀارتي فورسز ٻارڙن جي اسڪول وين کي نشانو بڻايو جنهن ۾ گاڏيءَ جو ڊرائيور شهيد ٿيو معصوم شهرين ۽ خاص ڪري ٻارڙن کي نشانو بڻائڻ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي ۽ ڀارت طرفان جنگبندي جي ڀڃڪڙي علائقائي امن لاءِ به خطرو آهي. احتجاجي دستاويز ۾ چيو ويو ته ڀارت جنگبندي جي ٺاهه جو احترام ڪري ۽ ڀڃڪڙين جي جاچ ڪري گڏيل قومن جي ملٽري آبزور گروپ کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے