23 ڇنڇر , جون 2018

نيوز : ڏهرڪي: پيءُ پاران ڌيءُ کي جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ وارو الزام زال مڙس جو ذاتي جهيڙو ظاهر

ڏهرڪي ڀرسان پيءُ پاران ڌيءُ کي جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ وارو الزام زال مڙس جو ذاتي جهيڙو ظاهر ٿيو آهي.

ڳوٺ بهادر پتافي ۾ ڳوٺاڻي محرم پتافي پاران نون سالن جي سڳي ڌيءَ خورشيد پتافي کي مسلسل هڪ مهيني تائين جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ جي الزام  وارو واقعو زال مڙس جو ذاتي جهيڙو ظاهر ٿيو آهي.

مبينا جنسي ڏاڍ جو نشانو بڻيل جي الزام هيٺ آيل نون سالن جي نينگري خورشيد پتافي پنهنجي پيءُ محرم پتافي، ڏاڏي مغل پتافي، ڏاڏي زليخان پتافي ۽ گهر جي ٻين ڀاتين سميت پريس ڪلب  پهتي.

هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو تھ  مون سان ڪوبه اهڙو واقعو پيش نه آيو آهي، منهنجي پيءُ تي الزام ڪوڙو آهي.

محرم پتافي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ٻه ڏينهن اڳ  منهنجي گهروارين پاڻ ۾ جهيڙو ڪيو هو ان تي مان ٻڻهي کي مارڪٽ ڪئي.

هن چيو تھ بعد ۾ منهنجي وڏي گهر واري پنهنجي مائٽن ڏانهن هلي وئي ۽ بعد ۾ هن مون تي ڪوڙو الزام لڳايو.

متاثر خاندان ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان  مطالبو ڪيو تھ  معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hyderabad: The memorandum of Ahmed Kooja, a friend of the small kandel, Noor Ahmed Kooja

نيوز: حيدرآباد: ننڍي کنڊ جي ادب دوست شخصيت نور احمد کوجه جي ياد ۾ تقريب

حيدرآباد ۾ ننڍي کنڊ جي ادب دوست شخصيت نور احمد کوجه جي ياد ۾ تقريب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے