25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سنڌ جي ترقيءَ ڏانهن ڌيان جي ضرورت

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ امن بحال ڪرائي ڇڏيو اٿئون، هاڻي سمورو ڌيان ترقياتي منصوبن تي آهي. سنڌ سرڪار تي تنقيد ٿي رهي آهي ته چئني پاسن کان شهر کوٽيل آهي، شهر کوٽيل آهي معنيٰ ڪم ٿي رهيا آهن.

پاڪستان سپر ليگ ۾ حصو وٺندڙ ڪرڪيٽ ٽيم کي ڪراچي ڪنگز طرفان سندس مان ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ڪراچيءَ جي حوالي سان ماڻهن جو اعتماد بحال ٿيڻ شروع ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو واپاري، ڪاروباري ۽ تفريحي مرڪز ڪراچي آهي ٻيو ڪو به شهر ناهي پر بدقسمتيءَ سان ڪراچيءَ ۾ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون، هاڻي ڪراچيءَ جون روشنيون موٽي آيون آهن. اها سنڌ جي ماڻهن جي فتح آهي.هاڻي ماڻهو هتي اطمينان محسوس ڪن ٿا.

هن چيو ته ڪراچيءَ جو امن بحال ٿي چڪو آهي. ڪراچي هاڻي سڄي ملڪ کي هلائيندو. هن چيو ته ميڊيا کي ناڪاري سوچ کان سواءِ ڪجهه نظر نه ٿو اچي، جي شهر کوٽيو پيو آهي ته انڊر پاس ٺاهي رهيا آهيون، پليون ٺاهي رهيا آهيون ۽ مان پاڻ انهن ڪمن جي نگراني ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته 25 مارچ تي پي ايس ايل جو فائنل ميچ ڪراچيءَ ۾ ٿيندو.

ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ملڪ جو ڪاروباري واپاري ۽ تفريحي مرڪز صرف ۽ صرف ڪراچي شهر آهي ۽ اهو به درست آهي ته هي شهر سڄي ملڪ کي هلائڻ جو حق ته رکي ٿو پر ڪراچي جيئن ته سنڌ ۾ آهي، سنڌ جو گاديءَ وارو شهر آهي، تنهن ڪري هٿ وٺي ۽ منظم رٿابندي تحت هن شهر ۾ ڌرتي ڌڻين کي ويڳاڻو ڪرڻ ۽ فيصلا سازيءَ کان پري رکڻ لاءِ هٿ ٺوڪي سياسي انجنيئرنگ سان شهر اهڙين قوتن جي حوالي پئي ڪيو ويندو رهيو آهي. جن جو نه ته هن ڌرتيءَ سان ڪو تعلق رهيو آهي، نه ان جي ٻولي ۽ نه ئي وري ثقافت سان، نتيجي طور هن شهر ۾ نفرت ۽ تعصب کي هٿ وٺي چوٽ چاڙهيو ويو.

نفرت ۽ تعصب جي ٻج هتي بدامنيءَ کي جنم ڏنو، عدم برداشت کي جنم ڏنو. ايئن هي شهر لسانيت ۽ فرقيواريت جي ور چڙهي ويو، پوءِ روشنين جي هن شهر جي سڃاڻپ ٻوري بند لاش، ٽارگيٽ ڪلنگ، دهشتگردي، ڀتاخوري ۽ زمينن تي قبضا بڻجي وئي.

هن شهر جو امن گذريل ٽن ڏهاڪن کان ٽياس تي ٽنگيل رهيو، شهر جن جي حوالي ڪيو ويو، سي اڇي ڪاري جا مالڪ بڻيل رهيا، پڇا کان آجا هئڻ ڪري سنڌ جي سسي جي حيثيت رکندڙ هن شهر کي هن شهر جي واڳ هٿ ۾ ڪيو ويٺل سياسي ڌر ماڻهن لاءِ جهم بڻائي ڇڏيو.

پاڻي جڏهن مٿي کان پار ٿي ويو ته سيپٽمبر 2013ع ۾ وفاقي سرڪار، سنڌ سرڪار جي تعاون سان سمورين لاڳاپيل سياسي ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي رينجرز جي اڳواڻيءَ ۾ ٽارگيٽ آپريشن شروع ڪيو، جنهن جا بنا ڪنهن شڪ جي انتهائي مثبت ۽ بهتر نتيجا نڪتا آهن ۽ شهر جو پراڻو عوج بحال ٿيڻ شروع ٿيو آهي. شهر ۾ زندگي به موٽي آئي آهي.

ڪراچيءَ ۾ امن جي بحاليءَ کان پوءِ شهر ۾ واقعي به ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن، روڊ، پليون، اوورهيڊ برجز تعمير ٿي رهيون آهن. شهر کوٽيو پيو آهي، ترقياتي ڪم جاري آهن، جيڪو نظر به اچي رهيو آهي، جيڪو هاڻي ٿي رهيو آهي، سو گهڻو وقت اڳ ٿيڻ گهرجي ها پر دير آيد درست آيد. هن شهر ۾ هاڻي ادبي ميلا به ٿين ٿا، ادب، ڪلا، ثقافت کي به هٿي ملي پئي ته تعليمي توڙي نوجوانن جي مثبت سرگرمين ۾ به اضافو ٿيو آهي.

ڪراچي جيئن ته سنڌ جي دل آهي، سنڌ جي سسي آهي، تنهن ڪري ان جي خوشي تي سنڌ واسي سرها آهن ۽ اميد ڪن ٿا ته جهڙي تيزيءَ سان ۽ جيتري تحرڪ سان سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ ترقي ٿي رهي آهي، اهڙي ترقي، اهڙي ئي رفتار سان ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين، ٿر کان ڪاڇي تائين سنڌ جي هر ڪنڊ ۽ ڏس ۾ ٿيندي. هاڻي جڏهن ته عالمي اداري جي هڪ رپورٽ به سامهون اچي چڪي آهي ته غذائيت جي حوالي سان نائيجيريا جي عورت به سنڌ جي عورت کان مٿي آهي.

جڏهن ته سنڌ اندر اسڪول اڄ به بند آهن، جن کي کولي هلائڻ جو عمل اڃا مڪمل نه ٿيو آهي. ٿر ۾ معصوم ٻار ۽ مورن جي موت جو سلسلو مڪمل طور ختم نه ٿيو آهي. ڪاري ڪامڻ مان سنڌ جي جند اڃا نه ڇٽي آهي. سنڌ جي ضلعن ۽ تعليمي هيڊ ڪوارٽرن، اسپتالن ۾ بيمارين جي علاج ۽ ان جي سڃاڻپ جون اهڙيون سهولتون اڃا ميسر ٿيڻون آهن. جهڙيون مهذب دنيا جي ملڪن ۾ ماڻهن کي سندن چانئٺ تي ميسر هونديون آهن. سنڌ ۾ بنيادي ڍانچي جيڪو 2010ع جي تباهي مچائيندڙ ٻوڏ ۽ 2011ع وارين هاڃيڪار برساتن ۾ مڪمل طور تباهه ٿي چڪو هو، تنهن جي بحالي اڃا تائين ٿيڻي آهي. سنڌ ۾ سواءِ هڪ اڌ شهر جي باقي شهر تفريحي سهولتن کان به محروم آهن. اهڙا تفريحي ماڳ جتي ماڻهو پنهنجي خاندان ۽ ڪٽنب سان وڃي لطف اندوز ٿين.

چوڻ جو مطلب ته سڄي سنڌ ۾ ايئن ۽ اهڙي رفتار سان ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ، انهن جي ڪم ۾ تيزي آڻڻ ۽ مقرر مدي ۾ تڪميل جي به ضرورت آهي. سنڌ سرڪار کي سنڌ ۾ تعليم، صحت، پيئڻ جي پاڻي، بنيادي ڍانچي جي بحاليءَ سميت ماڻهن کي بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ جيڪي ڪوششون جاري آهن، سي تيز ڪرڻ گهرجن ۽ سنڌ جي سمورن شهرن ۾  معياري ترقياتي ڪمن کي يقيني بڻائڻ جي به ضرورت آهي ته جيئن ماڻهن کي محسوس ٿئي ته اهي ڪم رڳو هڪ اڌ شهر ۾ نه پر سڄي سنڌ ۾ برابريءَ جي بنياد تي هر شهر، هر ڳوٺ ۽ هر محلي ۾ ٿي رهيا آهن.

اڱارو 20 فيبروري  2018ع، 3 جمادي الثاني 1439 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪربلا جو واقعو ۽ حق جي فتح

ڪربلا جو واقعو سموري اسلامي تاريخ ۾ هڪ انتهائي اهم ۽ عظيم تاريخي واقعي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے