24 سومر , سيپٽمبر 2018

نواز شريف کي اقتدار نه پر اختيار گهرجي، ايندڙ حڪومت به ملي رهي هئي: طلال چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزي طلال چوڌري چيو آهي ته نواز شريف عدل حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا جنگ وڙهي رهيو آهي اها پنهنجي اقتدار لاءِ نه پر عام ماڻهن لاءِ وڙهي رهيو آهي ملڪ ۾ عدم واري نظام ۾ سڌارا ناممڪن بڻجي چڪا آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ت تصديق ٿو ڪيان ٿه نواز شريف کي ايندڙ پنجن سالن لاءِ به حڪومت ملي رهي هئي پر اقتدار نه اختيار گهرجن ٿا.  هن چيو ته اسان عام ماڻهو لاءِ عدم جي نظام ۾ سڌارن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، اڄ ڪلهه حالتون اهي آهن ته ڪنهن گهر تي ڪرائيدار قبضو ڪري ته مالڪ مڪان ان کان واپس نٿو وٺي سگهي، قبضا مافيا کي به خوف ناهي جتي چاهن قبضو ڪن. طلال چوڌري چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي قانوني شڪل عدليه ئي ڏني، جيڪڏهن اهو به قبوليون ته نواز شريف سخت مزاج آهي هن سان ڪنهن جي به ناهي ٺهندي پر باقي جيڪي وزير اعظم هئا انهن سان ڇا ٿيو؟ ڪير به مدو پورو نه ڪري سگهيو انهن کي ڪنهن نه ڪنهن طرح هٽايو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے