23 آچر , سيپٽمبر 2018

پهرين ئي چيو هو پاناما معاملو پارليامينٽ ڏسي، ادارن جي هڪ ٻئي جي معاملن ۾ مداخلت سان ڪمزور ٿيندو: خورشيد شاهه

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ايوان کي قانون سازي جو حق آهي، پارليامينٽ جو ڪردار پارليامينٽ کي ئي ادا ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته اهو بحث گهڻو پهرين ٿيڻ گهرجي ها، ماضي جي غلطين کي سامهون رکي اقرار ڪرڻ گهرجي، جڏهن اسان عدليه کي ڊڪٽيشن ڏيندا آهيون ته ٺيڪ ٿيندو آهي؟ خورشيد شاهه چيو ته جڏهن پاناما جو معاملو آيو ته اسان چيو هو ته معاملو پارليامينٽ کي ڏسڻ گهرجي، اسان پاڻ پارليامينٽ جو تقدس پامال ڪيو ڪنهن ٻئي ناهي ڪيو، اسان پاڻ پارليامينٽ کي ڪمزور ڪيو آهي. هن چيو ته اسان پارليامينٽ کي بالادست ڏسڻ چاهيون ٿا، سمورن ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ادارا هڪ ٻئي جي معاملن ۾ مداخلت ڪندا ته ملڪ ڪمزور ٿيندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن قانون سازي هڪ فرد ۽ مفادن جي لاءِ ٿيندي ته اها تباهه ڪري ڇڏيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے