25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ادارن جي تڪرار کان بهتر آهي ته پارليامينٽ ۾ بحث ڪيو وڃي: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ادارن جي تڪرار کان بچڻ لاءِ بهتر اهو آهي ته ايوان ان معاملي تي بحث ڪري. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ۾ وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان حلف کڻندي آئين جو دفاع ڪرڻ جو عهد ڪيو آهي، عدالتن ۾ چونڊيل نمائندن کي ڪڏهن چور ڪڏهن ڌاڙيل ڪڏهن گاڊ فادر چيو ويندو آهي. وزير اعظم چيو ته ڇا اسان کي قانون سازي جو حق ناهي، ڇا اسان کي اجازت وٺي قانون سازي ڪرڻي پوندي، ادارن جي تڪرار کان بچڻ لاءِ بهتر آهي ته ايوان ان معاملي تي بحث ڪري. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته اهو ڪنهن پارٽي جو معاملو ناهي ان تي ايوان ۾ بحث ٿيڻ گهرجي، حڪومتي نمائندن کي عدالتن ۾ بي عزت ڪيو ويندو آهي. وزير اعظم چيو ته آئون ڪنهن اداري يا عدليه  تي تنقيد ناهيان ڪري رهيو رڳو حقيقت ٻڌائي رهيو آهيان، مخالف ڌر کان گذارش آهي ته ان کي پارٽي جو مسئلو نه بڻايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے