24 خميس , مئي 2018

نيوز : حيدرآباد: پيار پرڻو ڪندڙ جوڙي جو موتمار ڌمڪين خلاف احتجاج،تحفظ جو مطالبو

*حيدرآباد ۾ احتجاج ڪندي  پيار جو پرڻو ڪندڙ ريشما خاتون گهر ڪئي آهي ته کيس ۽ سندس مڙس کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سعيد آباد جي رهواسي  ريشمان ٻڌايو ته هن 5 مهينا اڳ صلاح الدين ڪاڪا نالي شخص سان پيار جو پرڻو ڪيو هو.

هن ٻڌايو ته پسند جي شادي ڪرڻ کان پوءِ سندس مائٽ کين مارڻ لاءِ ڳولهي رهيا آهن ۽ ڳوٺ ۾ جرڳو ڪوٺائي سندس مارڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي.

 هن ٻڌايو ته هن جي مائٽن سندس مڙس مٿان اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي.

هن وڌيڪ چيو تھ هن پنهنجي مرضيءَ سان  صلاح الدين ڪاڪا سان شادي ڪئي آهي، کيس ڪنهن به ورغلايو ناهي.

 هن آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کان مطالبو ڪيو آهي ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hyderabad: Soho Qazi Ahmed, siege violence against students of violence in violence

نيوز: حيدرآباد: ايس ايڇ او قاضي احمد جي تشدد ۾مارجي ويل شاگردن سان انصاف لاءِاحتجاج

* ايس ايڇ او قاضي احمد جي تشدد ۾مارجي ويل شاگردن سان انصاف لاءِ حيدرآباد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے