24 آچر , جون 2018

پاڪستان ۽ ڀارت ۾ راندين ذريعي امن آڻي سگهجي ٿو: شاهد آفريدي

سوئٽزر لينڊ ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته راندين ذريعي پاڪستان ۽ ڀارت جي لاڳاپن ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي. ڀارتي ويب سائيٽ کي انٽرويو ڏيندي شاهد آفريدي چيو ته سياست کي راندين کان پري رکڻ گهرجي ۽ ڪرڪيٽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن تي پيل برف پگهارن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي جڏهن ته راندين سان پاڪستان ۽ ڀارت ۾ امن آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته ڀارتي رانديگرن سان سوئٽزر لينڊ ۾ نمائشي ميچ کيڏي کيس مذو آيو ۽ اهو ايونٽ هاڪاري رهيو. سندس چوڻ هو ته اهڙي قسم جا وڌيڪ ايونٽ مستقبل ۾ به ٿيڻ گهرجن. شاهد آفريدي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي هڪ ٻي سان عالمي مقابلا ڪرائڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان ۾ هاڻي سڪيورٽي صورتحال اڳ کان بهتر آهي ۽ اها سٺي ڳالهه آهي ته اتي عالمي ڪرڪيٽ بحال ٿي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته پي ايس ايل جون 2 ميچون لاهور ۽ فائنل ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو ۽ ڪراچي جي شهرين لاءِ ميچ ٿيڻ هڪ وڏو لمحو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ اهڙي قسم جي ميچز سان دنيا کي هاڪاري پيغام ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Order of special seals related to lost people and action against all requests

گم ٿيل ماڻهن بابت خاص سيل قائم ڪرڻ ۽ سمورين درخواستن تي ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت خاصل سيل قائم ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے