24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز : ڀان سيدآباد: ڪوٽڙي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي بحران خلاف احتجاجي تحريڪ جاري

*ڀان سيدآباد ۾ ڪوٽڙي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي بحران خلاف احتجاجي تحريڪ جاري، رهواسي سيد مراد علي شاهه جي وڏ وزارت ۾ به پاڻي نه ملڻ جي دانهن کڻي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاه جي مزار تي پهتا.

ڪوٽڙي جي مختلف علائقن ٻٻر چوڪ، خداجي بستي، خورشيد ڪالوني، سچل سرمست ڪالوني، مسڪين ڪالوني، عيسيٰ دل ڳوٺ، پوپٽ خاصخيلي ۽ گلشن مبارڪ سميت 12 کان وڌيڪ ڪالونين ۾ 20 سالن کان پاڻي جي بحران خلاف ٻولهاڙي اتحاد احتجاجي تحريڪ تيز ڪري ڇڏي

ڪوٽڙي سائيٽ جي رهواسين يوسف سارنگ، نظير ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي اباڻي ڳوٺ واهڙ ۾ سندس والد اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاه جي مزار تي پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ سيد عبدالله شاهه کي پاڻي نه ملڻ جي دانهن ڏني.

اڳواڻن چيو ته اسان سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاه وٽ سندس پٽ سيد مراد علي شاهه جي وڏ وزارت ۾ به پاڻي نه ملڻ جي دانهن کڻي پهتا آهيون، ۽ بنيادي انساني حق پاڻي نه ملڻ خلاف پرامن احتجاج ڪيو آهي

هنن چيو ته  جيڪو وڏو وزير پنهنجي ضلعي جي رهواسين کي پاڻي فراهم ڪري نٿو سگهي اهو سنڌ جي ڪهڙي خدمت ڪندو .

هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪوٽڙي سائيٽ ۾ سموريون واٽرسپلاءِ اسڪيمون بحال ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے