25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

خادم پنجاب ٻهراڙي روڊ پروگرام ۽ ميٽرو بس ڪرپشن ڪيس جي جاچ شروع

ملتان(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) خادم پنجاب ٻهڙاري وارن روڊن جي پروگرام ۽ ميٽرو بس ڪرپشن ڪيس جي جاچ شروع ڪري ڇڏي. تفصيل موجب نيب ملتان خادم پنجاب ٻهراڙي روڊن واري پروگرام ۾ ڪرپشن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي جڏهن ته نيب ملتان ئي ميٽرو بس ڪرپشن ڪيس ۾ 17 آفيسرن کي طلب ڪري ورتو آهي، جنهن لاءِ باقاعده سمن به جاري ڪيا ويا آهن. نيب طرفان ميٽرو ڪرپشن ڪيس ۾ گهربل آفيسرن ۾ ميٽرو انتظاميا جا آفيسر، ڪنٽريڪٽر ۽ ضلعي انتظاميا جا آفيسر به شامل آهن. ٻئي پاسي نيب ملتان نيشنل بينڪ ۾ غير قانوني ڀرتين تي اڳوڻي صدر ۽ نائب صدر کي به سمن جاري ڪري ڇڏيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے