18 سومر , جون 2018

سينيٽ جي چونڊ: اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جو اڄ آخري ڏينهن

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سينيٽ جي چونڊن لاءِ اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي ۽ شام چئين وڳي تائين اميدوار پنهنجا ڪاغذ واپس وٺي سگهن ٿا. اليڪشن ڪميشن موجب نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي ۽ سينيٽ اميدوارن جي آخري لسٽ به اڄ جاري ڪئي ويندي. سينيٽ جي 52 خالي سيٽن تي چونڊون 3 مارچ تي ٿينديون. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن پنجاب موجب مسلم ليگ ن جي اميدوار اسحاق ڊار جنرل سيٽ تي نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا آهن ۽ پنجاب مان سينيٽ جي ٽيڪنو ڪريٽ سيٽ تي اميدوار برقرار آهي. صوبائي اليڪشن ڪميشن موجب سينيٽ جي12 سيٽن لاءِ 27 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن. سينيٽ جي7 جنرل سيٽن تي 14 ٽيڪنو ڪريٽ ۽ عورتن جي ٻن ٻن سيٽن لاءِ پنج پنج اميدوار حصو وٺي رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيصل آباد ۾ بس هوسٽس جو قتل، پنجاب جي نگران وڏي وزير نوٽيس ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ بس هوسٽس  جي قتل واري واقعي جو نگران وڏي وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے