16 سومر , جولاءِ 2018

ٽي وي اينڪر مطيع الله جان توهين عدالت ڪيس ۾ معافي وٺي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ٽي وي اينر مطيع الله جان توهين عدالت ڪيس ۾ معافي وٺي ڇڏي آهي جڏهن ته  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سندس جواب تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ صحافي مطيع الله جان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. مطيع الله عدالت ۾ پيش ٿي غير مشروط طور معافي ورتي آهي، جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مطيع الله جان جي جواب تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي 21 فيبروري تائين ٻيهر جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس شوڪت عزيز صديقي رمارڪس ڏيندي چيو ته اعتراف ته ڪيو  غلطي ٿي وئي آهي جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته مون کي دوکو ڏيندا ته ايئن نه ٿو ٿي سگهي، اهو ئي حال رهيو ته سڌو سنئون ٽاڪ شوز تي پابندي لڳائي ويندي. هن چيو ته ڪنهن سان ذاتي اختلاف ناهي، هتي اداري جي ڳالهه آهي، توهان پنهنجي جواب ۾ چيو ته توهان حقيقتن تي ٻڌل پروگرام ڪيو ته پوءِ قسم نامو ڇئي رهيا آهيو؟ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 21 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

معيشت جي خراب صورتحال، ناڻي بابت نگران وزير طرفان آءِ ايم ايف جو در کڙڪائڻ جو اشارو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي بابت نگران وزير چونڊن کانپوءِ آءِ ايم ايف جو نئون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے