23 آچر , سيپٽمبر 2018

عاصمه سوچ ۽ فڪر قرار، ماڻهو کنڀي گم ڪرڻ ڪٿان جو قانون آهي: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) انساني حقن جي اڳواڻن، ترقي پسند دانشورن، ليکڪن ۽ صحافين انساني حقن جي علمبردار، مظلوم طبقن، عورتن، ٻارڙن ۽ مذهبي اقليتن جي حقن جي سڄي زندگي مزاحمت ڪندڙ عظيم عورت اڳواڻ عاصما جهانگير کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته عاصما جهانگير ڪڏهن به مرڻي ناهي، عاصما هڪ سوچ، فڪر ۽ نظريي جو نالو آهي، جنهن ۾ سڀ انسان برابر آهن ۽ انساني آزادي بنا سماجي ترقي ممڪن ناهي، هن رياست ۾ انساني حقن، اظهار راءِ جي آزادي ۽ سياسي حقن وارو سوال اڄ به موجود آهي، عاصما جهانگير جي کوٽ ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ محسوس ٿيندي. ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران عاصما جهانگير کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، هن ميڙاڪي ۾ عاصما جهانگير جي تصوير آڏو گل رکي ڏيئا ٻاري کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ کانپوءِ عاصما جهانگير جي زندگي، ڪردار ۽ جدوجهد تي روشني وڌي وئي. ان موقعي تي عاصما جهانگير جي ساٿي، نامياري صحافي ۽ انساني حقن جي اڳواڻ حسين نقي چيو ته حيدرآباد جو انساني حقن جي لاءِ وڏو ڪردار آهي، انساني حقن جي حوالي سان سڀ کان وڏي پهرين ڪانفرنس به حيدرآباد ۾ ٿي هئي، حيدرآباد سميت سڄي سنڌ انساني حقن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ ۾ اڳيان رهي آهي، ايڇ آر سي پي جا سڀ کان وڌيڪ ڪور گروپ به سنڌ ۾ ٺهيا آهن. هن چيو ته عاصما جهانگير ان وقت به جمهوريت ۽ انساني حقن جي ڳالهه ڪئي هئي، جڏهن پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ اونداهو ضياءُ الحق جو دور هو، عاصما جهانگير جو والد به سدائين اسيمبلي ۾ مخالف ڌر ۾ رهيو ۽ هو اصول پسند سياستدان هو، هن چيو ته ايڇ آر سي پي ملڪ جي سمورن مذهبن جي ماڻهن کي پاڻ سان شامل ڪيو ۽ انهن جي جدوجهد سان گڏ هلي آهي. هن چيو ته کنڀي گم ڪيل ماڻهن ۽ گم ٿي ويل ماڻهن جا لاش اچڻ واري عمل خلاف به ايڇ آر سي پي جي وڏي جدوجهد رهي آهي. هن چيو ته عاصما جهانگير دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ هئي، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو شايد پاڪستان کي ايترو نه سڃاڻندا هوندا جيترو هو عاصما جهانگير کي سڃاڻين ٿا، هن اقوام متحده ۾ پاڪستان جي نالي کي روشن ڪيو، پر اڄ ڪٿي ڪٿي عاصما جي خلاف غلط ڳالهيون به ڪيون پيون وڃن، جيڪو انتهائي ڏکوئيندڙ عمل آهي. هن چيو ته انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي انساني حقن لاءِ ڪردار ادا ڪندي رهندي. ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ اسد اقبال بٽ چيو ته ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، جيڪا رياست پنهنجي آئين ۽ قانون تي عمل نه ڪري ته پوءِ ڪير ڪندو، آئين هر ڪنهن کي ان جو حق ڏئي ٿو ته هو ڪو به نظريو اختيار ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته گهرن ۾ رات جي وقت داخل ٿي ماڻهن کي کنڀڻ وڏو ظلم آهي، جيڪڏهن ڪنهن جو ڪو ڏوهه آهي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو، پر ماڻهن کي مهينن تائين گم ڪرڻ ڪٿان جو قانون آهي، عاصما جهانگير گم ڪيل ماڻهن تي وڏو اسٽينڊ ورتو. هن چيو ته گم ڪيل ماڻهن لاءِ آواز اٿارڻ تي عاصما جهانگير کي ايجنٽ جا لقب به ڏنا ويا، هن مٿان توهين جي الزامن سميت ٻيا به ڪيترائي الزام لڳندا رهيا. هن چيو ته عاصما جهانگير کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو واحد طريقو ان جي ڇڏيل رستي تي هلڻ ئي آهي، نظرياتي طور تي عاصما هميشه زنده رهندي، مظلومن جي دلين ۽ انهن جي نظرن ۾ عاصما زنده رهڻي آهي، هوءَ مرڻي ناهي. پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته عاصما ڪنهن تعرف جي محتاج ناهي، پاڪستان ۾ انساني حقن جي تحريڪ کي متعارف ڪرائڻ جو سهرو عاصما جهانگير ۽ ٻين تي وڃي ٿو. هن چيو ته هڪ اهڙي ملڪ ۾ جتي جمهوريتون ۽ مارشلائون اينديون رهيون آهن، جتي انساني حقن اڃا تائين مثال ئي رهيا آهن، اتي عاصما جهانگير اها عورت هئي، جنهن طاقتور کي للڪاريو. هن چيو ته عاصما جهانگير جهڙي جرئت جي هن ملڪ کي ضرورت آهي، عاصما جهانگير بنا ڪنهن فرق جي انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. پي ايف يو جي جي اڳواڻ ۽ سينيئر صحافي لالا رحمان سمون چيو ته مون پنهنجي زندگي ۾ ٻن بهادر عورتن کي ڏٺو، جن مان هڪ شهيد بينظير ڀٽو ۽ ٻي عاصما جهانگير هئي،اڳوڻي شاگرد ۽ نامياري قانوندان يوسف لغاري چيو ته عاصما جهانگير جهڙي اڳواڻ ايڇ آر سي پي کي ملڻ مشڪل آهي، ان ڪري ايڇ آر سي پي کي پنهنجن سمورن ساٿين کي وري هڪ هنڌ گڏ ڪرڻو پوندو، اجتتماعي طور تي ايڇ آر سي پي جو ساٿ ڏيون ته ايڇ آر سي پي اڳتي وڌندي رهندي ۽ پوئتي نه هٽندي. هن چيو ته عاصما جهانگير کي رول ماڊل ڪري اڳتي وڌڻو پوندو، عاصما جي روشني واري ان قافلي کي اڳتي وڌائڻ سان ئي عاصما کي ڀيٽا پيش ڪري سگهجي ٿي. ايڊووڪيٽ شبير شر چيو ته عاصما جهانگير جي جدوجهد تمام ڊگهي آهي، هوءَ گولين مينهن ۾ به بيٺل رهندي هئي، هوءَ بيباڪ عورت هئي. هن چيو ته عاصما جهانگير هن خطي ۾ امن ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ ميڙ وٺي گهمندي رهندي هئي، هوءَ لطيف جي سورمين جهڙي عورت هئي.  پاڪستان فشرفوڪ فورم جي اڳواڻ سعيد بلوچ چيو ته عاصما جهانگير مظلومن جي حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ جي رٿابندي پئي ڪندي هئي، عاصما جهانگير انهن ماڻهن لاءِ سوچيندي هئي جيڪي ماڻهو مسئلن جي حل لاءِ آواز اٿارڻ چاهيندا هئا، پر آواز بلند نه ڪري سگهندا هئا. نامياري صحافي سهيل سانگي چيو ته عاصما اسان کان ڌار ٿي وئي آهي، پر اڃا محسوس نه پيو ٿئي، پر اهو ان وقت محسوس ٿيندو جڏهن هتي ڪا وڏي ويڙهه ٿيندي يا وڏو اهم معاملو اٿيندو ۽ پوءِ خبر پوندي ته ڪيتري کوٽ آهي ۽ عاصما اسان گڏ ناهي. هن چيو ته احمد برهماڻي ڳوٺ ۽ طيب ٿهيم ڳوٺ وارن واقعي جي سلسلي ۾ عاصما جهانگير جڏهن تحقيق ڪرڻ آئي ته ان سان باقائدا ملاقات ٿي، تڏهن ايڇ آر سي پي موجوده شڪل ۾ موجود نه هئي ته انهن ڳوٺن تي ڪيئن بمباري ٿي ۽ ڪيئن اتي گهرن کي ساڙيو ويو. هن چيو ته ضياءَ جي دور ۾ اسلام آباد جي روڊن تي نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو، مون ڪٿي اهو لکيو هو ته هڪ ننڍي قد واري عورت اسلام آباد جي وڏن وڻن کان وڏي ٿي لڳي ۽ ان جو قد هماليا جبل کان به وڏو نظر اچي ٿو. هن چيو ته عاصما جهانگير کي هر هنڌ وڙهندي ڏسون ٿا، هوءَ مزاحمت جي نشاني ۽ اتساهه هئي. سماجي اڳواڻ سليمان جي ابڙو چيو ته اسان کي ياد آهي ته لاهور جي رستن تي عاصما جهانگير نعريٰ هڻندي اسان سان گڏ هلندي هئي، هوءَ جمهوريت جي بحالي لاءِ ۽ آمريت جي خلاف روڊن تي نظر ايندي رهي، جمهوريت جي بحالي لاءِ اٿندڙ آوازن جي سرواڻي عاصما جهانگير ڪندي هئي. سينيئر صحافي اقبال ملاح چيو ته عاصما جهانگير سان اسان جو نظرياتي تعلق پراڻو آهي، 90ع واري ڏهاڪي کانپوءِ عاصما جهانگير سنڌ ۾ ايڇ آر سي پي جا اچي بنياد رکيا، عاصما جهانگير پاڪستان جي نظرياتي ڪيڊر جي سرواڻ ساٿين مان رهي آهي. هن چيو ته عاصما جي سوچ سرحدن جي محتاج ناهي، هوءَ دنيا جي عالمي امن، عورتن ۽ انساني حقن جي تحريڪ جو هڪ تسلسل هئي. هن چيو ته جڏهن شڪارپور ۾ ٻن نياڻين کي ڪاري ڪري ماريو ويو، عاصما نياپو ڪيو ۽ شڪارپور هلڻ جو چيو اسان بسن جا قافلا ڀري شڪارپور پهتاسين ۽ عاصما اتي وڏي ريلي جي سرواڻي ڪئي ۽ هن اهو چيو ته جنهن جڳهه تي نياڻين کي قتل ڪيو ويو اتي اسان مشعل ٻارينداسين ۽ اها مشعل اتي ٻري. هن چيو ته عاصما جهانگير مظلوم قومن ۽ طبقن جي اڳواڻ رهي آهي، هن جيترو پورهيو ۽ نظرياتي ڪم ڪيو آهي ان تي کيس خراج تحسين پيش ڪيون ٿا، شعور جي اها مشعل ٻرندي رهندي. ايڇ يو جي جي صدر ۽ سينيئر صحافي جئه پرڪاش موراڻي چيو ته عاصما جهانگير جي ٻاريل مشعل ڪڏهن وسامڻي ناهي ۽ اسان سڀ ان جدوجهد جي راهه ۾ هلندي انساني حقن جي ۽ اظهار راءِ جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندا رهنداسين. حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر خالد چانڊيو چيو ته عاصما جهانگير ملڪ جي پيڙهيل طبقن لاءِ جاکوڙ ڪندي رهي. پروفيسر بدر سومرو چيو ته عاصما جهانگير سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وڃي مظلوم ۽ ستايل ماڻهن ۽ خاندانن سان گڏ بيٺي، عاصما جهانگير انساني حقن جي ڳالهه ڪندي چوندي هئي ته سياسي حق به انساني حقن ۾ اچن ٿا. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي اڳواڻ ڪامريڊ اقبال چيو ته عاصما جي زندگي تي ڳالهائڻ لاءِ وڏو وقت کپي، هن جي جدوجهد ۽ ڪردار کي هڪ هنڌ گڏ ڪري بيان ڪرڻ ڏکيو آهي. وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي اڳواڻ مارئي لطيف چيو ته عاصما جهانگير پيڙهيل طبقن ۽ عورتن جي نمائندگي ڪئي، امن جي ڳالهه هجي يا انساني حقن جي ڳالهه عاصما سڀني کان اڳيان بيٺل نظر ايندي هئي. ان موقعي تي امداد کوسو، پروفيسر يعقوب چانڊيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.17

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے