23 ڇنڇر , جون 2018

آمريڪا ۽ ڀارت سان ڇڪتاڻ جو سبب ن ليگ سرڪار آهي: حنا کر

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته مسلم ليگ ن جي پرڏيهي پاليسي تباهه ڪندڙ آهي، ڌمڪيون ڏيڻ تي ڀارت کي دهشتگرد ملڪ قرار ڏيڻ گهرجي. هڪ انٽريو ۾ حنا رباني کر چيو ته پ پ حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪيو ته سموريون شيون نئين حڪومت کي پليٽ ۾ رکي فراهم ڪيون، جيڪو علائقائي محور آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت پنجن سالن جي دور ۾ علائقي سهڪار کي هٿي ڏني ڇو ته ان کانسواءِ ڪجهه به ممڪن ناهي، پاڙيسري ملڪ افغانستان، ايران ۽ ڀارت سان سٺا لاڳاپا قائم ڪيا ويا ۽ ان ئي شيءِ سان هڪ ملڪ پنهنجي پرڏيهي پاليسي کي درست رخ ۾ وٺي وڃي سگهي ٿو.سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ ن حڪومت ايئن هلي رهي آهي جيئن لڳل باهه کي وسايو وڃي ۽ ڊگهي مدي وارا ته ڇا ننڍي مدي وارا مقصد به نه آهن. حنا رباني کر چيو ته موجوده صورتحال ۾ ڀارت ۽ آمريڪا سان لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ جو سبب حڪومت آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو چوي ٿو ته پرڏيهي پاليسي حڪومت نه پر فوج ٺاهيندي آهي ته ڪجهه حد تائين اداري طور سندس ڪردار ٿي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن حڪومت ذميوار ناهي ته استعيفيٰ ڏئي گهر وڃڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جي ڊي اي ۽ ق ليگ ۾ چونڊ اتحاد، شفاف چونڊون ٿيندي نظر نه ٿيون اچن: پاڳارو

اسلام آباد (بيورو)  گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائيننس  ۽ مسلم ليگ ق ايندڙ عام چونڊن ۾ اتحاد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے