19 اربع , سيپٽمبر 2018

زينب ڪيس جو فيصلو ۽ لکين ٻارڙن جي تحفظ جو سوال

دهشتگردي جي انت اوري عدالت لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ تڪڙي ڪارروائي هلائيندي قصور ۾ ستن سالن جي معصوم نياڻي زينب کي زيادتي کانپوءِ وحشياڻي نموني قتل ڪندڙ جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. عدالتي فيصلي تحت مختلف شڪن ۽ فڪرن تحت نياڻي کي ورغلائي وٺي وڃڻ، کيس زيادتي جو نشانو بڻائي قتل ڪرڻ ۽ قتل کانپوءِ لاش کي تذليل واري انداز ۾ گند جي ڍير ۾ ڦٽو ڪرڻ جي ڏوهن ۾ جوابدار کي چار ڀيرا ڦاهي جي سزا ۽ ڏنڊ توڙي قيد جون به مختلف سزائون ٻڌايون ويون آهن.

زينب گُل هو،جنهن اڃا پنهنجا پن پکيڙيا پئي ۽ خوشبو سان هر ڏَسا کي مهڪايو پئي ته ان کان اڳ کيس پٽي، نپوڙي ساهه ڪڍي کيس ڦٽو ڪيو ويو. اڄ زينب اسان جي وچ ۾ نه آهي، جڏهن ته کيس زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ  جوابدار کي آيل سزا تي  سندس والدين به اطمينان جو اظهار ڪيو آهي پر هن ڪيس ۾ تڪڙي ڪارروائي هلائڻ ۽ آيل تڪڙي فيصلي کانپوءِ به چئي نٿو سگهجي ته پاڪستان اندر ٻارڙن سان زيادتين، کانئن جبري پورهيو وٺڻ، کين اسڪولن ۾ موڪلڻ بدران گهٽين ۾ رلندو رهڻ ۽ کانئن مزدوري ڪرائڻ جي روش ۽ رويي جو ڪو خاتمو ايندو.

سڀ کان پهريون ته جڏهن زينب جو واقعو پيش آيو ته ان کان اڳ اهڙي قسم جا 7 کان 11 ٻيا واقعا به قصور ۾ پيش اچي چڪا هئا، جڏهن ته سڄي ملڪ اندر اهڙي قسم جي واقعن جو تعداد تمام گهڻو آهي، هن واقعي کانپوءِ ميڊيا ۾ ۽ سماج ۾ بحث جنم ورتو، اهڙي قسم جي واقعن کي ڪيئن روڪي سگهجي؟ هڪڙي راءِ اها سامهون آئي ته والدين پنهنجي اولاد سان ويجها ٿين ۽ کين اهو ٻڌائن ته ٻارن جي جسم جي ڪهڙي ڪهڙي حصي کي ڇهي سگهجي ٿو ۽ ڪهڙي حصي کي نه؟ ۽ جيڪڏهن ڪير ايئن ڪري يعني سندن جسم جي اُن حصي ، جنهن کي هٿ نٿو لاهي سگهجي، جي ڪير ڇُهي ٿو ته ان تي هو يا ته والدين کي ٻڌائن يا والدين موجود نه آهن ته پوءِ ڀرپاسي ۾ جيڪو به موجود هجي، تنهن کي ٻڌائن، رڙيون ڪن، سماج کي جاڳائن ۽ پاڻ کي محفوظ بڻائن.

ٻي راءِ اها به سامهون آئي ته اسان وٽ جيڪو نصاب اسڪولن ۾ پڙهايو وڃي ٿو، تنهن ۾ اهڙي تعليم ضرور شامل هجي، جنهن ۾ ٻارڙن کي کليل نموني سمجهائي سگهجي ته سندن جسم جا ڪهڙا ڪهڙا حصا آهن، جيڪي جيڪڏهن ڪير ڇُهي ٿو ته ڪو مسئلو ناهي پر اُهي حصا جيڪي سندن جسم جا پرائيوٽ حصا هجن ٿا، تن کي جيڪڏهن ڪير ڇُهي ته پوءِ ڇا ڪري سگهجي ٿو.

ٽئين راءِ اها سامهون آئي ته هڪ ته اسان جي ملڪ ۾ ٻارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪي جوڳا قانون موجود آهن ۽ جيڪڏهن ڪي موجود به آهن ته انهن تي وري عمل ڄڻ ته ٿئي ئي نٿو. اُن ڏس ۾ اها راءِ به سامهون آئي ته ملڪي سطح تي ۽ صوبائي سطح تي اسيمبلين کي ٻارڙن جي تحفظ لاءِ، مٿن جنسي تشدد خلاف، سندن جبري پورهيي خلاف اثرائتا قانون ٺاهڻ کپن ۽ حڪومتن کي وري انهن قانونن تي عمل يقيني بڻائڻ گهرجي ته جيئن ڪو به ٻار ايئن وحشيت جو ۽ سماج جي وحشي روين جو شڪار نه ٿئي جيئن زينب سان ٿيو، زينب جهڙن قصور جي ٻين ٻارڙن سان ٿيو ۽ سڄي ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي ۽ ٿيندو رهيو آهي.

هي رڳو ٻارڙن جي تحفظ ۽ جياپي جو معاملو نه آهي پر اسان جي سماج ۾ ته انصاف واري نظام تي آڱريون کڄنديون رهيون آهن، ڪارو ڪاري تحت مرد توڙي عورت کي قتل ڪري سرعام ڏوهه قبولي ، اهڙي ڏوهه جا ڏوهاري ان ڪري وڃي پوليس وٽ پيش پوندا هئا جو کين پڪ هئي ته هو اهو سڀ ڪجهه غيرت جي نالي ۾ ڪن ٿا، تنهن ڪري کين خون به معاف ٿي ويندا پر سماج جي متحرڪ ڪردار جي ڪري، اسيمبلين ۾ اثرائتي قانون سازي جي ڪري هاڻي ڪارو ڪاري تحت ٿيندڙ ڪنهن به قتل کي قتل جو ڏوهه ئي سمجهيو وڃي ٿو. اهڙي طرح قبيلائي جهيڙن ۾ سوين جانيون ضايع ٿي وينديون هيون ۽ اهڙي ڏوهه ڪندڙن کي خبر هوندي هئي ته کين جرڳن ذريعي قبيلائي سردار بچائي وٺندا، جيڪو ورهين کان اسان جي سماج ۾ ٿيندو به رهيو پر جڏهن قانون عمل ۾ آيو، جڏهن سماج جاڳيو ته جرڳائي ڀوتار ڪنڊن ۾ لڪڻ ۾ پورا هئا ۽ اڄ اهي قبيلائي جهيڙا جيڪي ملڪ ۽ ايئن کڻي چئجي ته سنڌ ۾ معمول بڻيل هئا، تن ۾ چڱي حد تائين گهٽتائي اچي چڪي آهي.

زيب جي واقعي ۾ جيئن انصاف واقعي به ٿيندي نظر  آيو آهي، تئين سماج اندر هر ناانصافي تي ايڏي ئي تڪڙي نموني جي انصاف ٿيندي نظر اچي ۽ ڪيس ايئن ئي تڪڙا اڪلائجن ته ٿي نٿو سگهي ته هن سماج ۾ اوڻايون ۽ برايون ختم نه ٿين.

سومر  19 فيبروري  2018ع،  2  جمادي الثاني 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سرڪار جو ساراهه جوڳو قدم…

سنڌ سرڪار طرفان سرڪاري نوڪرين ۾ ڀرتين لاءِ اميدوارن کي عمر جي حوالي سان رعايت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے