23 آچر , سيپٽمبر 2018

اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 2 فلسطيني شهيد

غزه ( ويب ڊيسڪ ) والاريل فلسطين ۾ اسرائيلي فوج جي حملي جي نتيجي ۾ 2 فلسطيني نوجوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته هڪ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 اسرائيلي فوجي به زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب والاريل فلسطين جي علائقي غزه ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته سندن سڃاڻپ سلام صباح ۽ عبدالله ابو شيخ جي نالي سان ٿي آهي ۽ ٻنهي جي عمر 17 سال آهي. ٻئي طرف غزه ۽ اسرائيل جي سرحد تي بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 اسرائيلي فوجي زخمي ٿي پيا. امدادي اهلڪارن زخمي فوجين کي اسپتال منتقل ڪيو جتي ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. جاچ موجب اسرائيلي فوج کي ديسي طرز جي بم سان نشانو بڻايو ويو جڏهن ته حملي جي ذميواري ڪنهن به تنظيم قبول نه ڪئي آهي. واقعي کانپوءِ اسرائيلي فوج جنگي جهازن ۽ ٽئنڪن سان غزه تي بمباري ۽ شديد گولاباري ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے