25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

لنڊن ڊائري

خواجا معين الدين سيد

مار! عاصمه جهانگير به موڪلائي وئي، عاصمه جهانگير سان منهنجون ڪيئي ملاقاتون هيون،ساڻس پهرين ڏيٺ ويٺ ان وقت ٿي جڏهن مان ضياءَ الحق جي مارشل لا جي ڏينهن ۾ لاهور جي شاهي قلعي ۾ قيد هيس ۽ منهنجا گهر وارا اڻ ڄاڻ هيا، مون سگريٽ جي خالي پني تي ڪوئلي سان پيغام لکيو ته منهنجو هي نالو آهي هي منهنجي گهر جي ايڊريس آهي جيڪڏهن منهنجي گهر وارن کي ڪير خبر ٻڌائي ته مان هتي قيد ۾ آهيان. شاهي قلعي ۾ ڊيوٽي ڏيندڙ هڪ پوليس جي جيالي منهنجي چٺي لاهور هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ ۾ ويٺل وڪيلن کي ڏني، جن مان هڪ عاصمه جهانگير به هئي. هيءَ جون 1982ع جي ڳالهه آهي، عاصمه جهانگير ترت ئي رٽ تياري ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ منهنجي گرفتاري جي باري ۾ رٽ داخل ڪئي جنهن جي جواب ۾ گهرو وزير منهنجي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي ۽ ايئن منهنجي گهروارن ظاهر ڪري ڇڏي ۽ ايئن منهنجي گهروارن کي منهنجي گرفتاري جو اطلاع ملي ويو. عاصمه جهانگير سان منهنجي ڪا ڄاڻ سڃاڻ نه هئي، کيس منهنجي باري ۾ رڳو ايترو معلوم هيو ته مان هڪ سياسي ڪارڪن آهيان، هن بنا ڪجهه ڏسڻ جي مون جهڙي سياسي ڪارڪن لاءِ آواز اٿاريو. ان ڏينهن کان اڄ تائين منهنجي دل مان عاصمه لاءِ دعائون پئي نڪرنديون آهن.

هندستان جو وزيراعظم مودي اپريل ۾ برطانيا جو دورو ڪندو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ڪشميري ڪميونٽيءَ ڀرپور احتجاج جو پروگرام بڻايو آهي. ان سلسلي ۾ عوامي رابطا مهم هلندڙ آهي ۽ برطانيا ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستان جون سياسي جماعتون ۽ ڪشميري تنظيمون ڪل جمائتي ڪانفرنس جو پروگرام پڻ ٺاهي رهيون آهن ته جيئن احتجاج کي ڀرپور نموني ملهائي سگهجي. ان سلسلي ۾ پاڪستان ڄائو هائوس آف لارڊ جا ميمبر ۽ مختلف سياسي اڳواڻ سرگرم آهن. پ پ برطانيا جا عهديدار صدر محسن باري، اظهر بڙالوي، خواجا ڪليم الرحمان، سرور رانجها، ميان سليم چوڌري، مجيد خورشيد بخاري، ميان سليم آفتاب باغي ۽ نوجوان اڳواڻ آصف علي خان پيش پيش آهن، جن جي ڪوشش سبب اميد آهي ته مودي جي خلاف ۽ ڪشميرين جي خلاف ٿيندڙ ظلم تي ڪامياب احتجاج ٿي سگهندو.

هن هفتي بلاول ڀٽو جي منظوري سان هڪ نوجوان حميد رانا کي پ پ گريٽر مانچسٽر  جو صدر بڻايو ويو آهي، جيڪو پوليو وگهي معزور ٿي ويو هو پر انوجوان همت نه ڇڏي ۽ پنهنجي تعليم جاري رکي ۽ چارٽرڊ اڪائونٽنگ جي ڊگري حاصل ڪئي، هاڻي برطانيا جو چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آهي ۽ سچو جيالو آهي. ان سان هائوس آف ڪامن جي هڪ تقريب ۾ منهنجي ملاقات ٿي، ان پروگرام ۾ پاڪستان جا وڏا وڏا صحافي شامل هئا، هي نوجوان چاهي پيو ته هي صحافي ساڻس فوٽو ڪڍائن پر هي جيئن ته ويل چيئر تي هو تنهن ڪري ماڻهن ساڻس فوٽو ڪڍائڻ کان لنوايو. ان وچ ۾ جڏهن آصف زرداري صاحب هال ۾ آيو ته سندس نظر جيئن ئي ان تي پئي ته هن نوڙي ساڻس سلام دعا ڪئي، ان سان سيلفي ڪڍائي. اهو منظر ڏسي هال ۾ موجود سڀئي ششدر رهجي ويا. ان وقت ان جيالي جي اکين ۾ خوشي جا ڳوڙها وهي آيا. جڏهن بلاول ڀٽو، برطانيا ۾ پ پ جي نئين تنظيم سازي جو فيصلو ڪيو ته پ پ گريٽر مانچسٽر جي اڳوڻي صدر ۽ موجوده سينيئر نائب صدر برطانيا ۽ ٻين سينئر ڪارڪنن ان جو نالو تجويز ڪيو. اميد آهي ته ان جي نامزدگي سان پ پ جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيندو.

برطانيا ۾ پاڪستان هاءِ ڪميشن جو ڪردار: دنيا ۾ هر ملڪ جو سفارتخانو ٻئي ملڪ ۾ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي شهرين جي مفادن جو خيال ڪندو آهي پر لنڊن ۾ پاڪستان هاءِ ڪميشن لڳندو آهي اهو رڳو پنهنجي ملڪ پاڪستان مان ايندڙ وي آءِ پي جي مهمان نوازي ۽ خدمت لاءِ بڻايو ويو آهي. پاڪستان جي شهرين کي پنهنجي پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. نادرا جي آفيس هڪ ڪمري تي ٻڌل آهي جتي هميشه رش هوندي آهي ۽ ڪنهن کي اتي ويهڻ جي جاءِ ناهي هوندي ۽ ڪيئي مهينا گذرڻ باوجود ماڻهن کي پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ناهن ملي سگهندا. اهڙي نموني هندستان جون ايجنسيون ۽ ڪجهه پاڪستان جا غدار ڪڏهن فري بلوچستان ۽ ڪڏهن فري ڪراچي جي ناپاڪ مهم هلائيندا آهن پر پاڪستان هاءِ ڪميشن ان سلسلي ۾ ڪو موثر ڪردار ادا ناهي ڪندو پر ڪجهه پاڪستاني ڄاوا هائوس آف لارڊ ۽ پارليامينٽ جا ميمبر ۽ ڪجهه سياسي ماڻهو ان جو جواب ڏيندا آهن. پاڪستان هاءِ ڪميشن جو پاڪستاني ڪميونٽي سان ڪو موثر رابطو ناهي. پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي پرڏيهي آفيس کي گهرجي ته اهي پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي هدايت ڏين ته اهي پاڪستان جي ڪميونٽي جا مسئلا حل ڪري ۽ ڪميونٽي سان موثر رابطو ڪري ۽ اپريل ۾ برطانيا واري مودي جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ احتجاج لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪري.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران جي حڪومت، سنڌ جا سُڪل ڦٽ تازا ڪري ڇڏيا

سارنگ پيرزادو جيڪڏهن ڪنهن شخص کي گهڻا ڌڪ لڳن ۽ اهي ڦٽ ٿي وڃن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے