23 ڇنڇر , جون 2018

وزير اعظم پي آءِ اي ۽ اسٽيل ملز کي خانگائڻ واري صورت ۾ احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزير اعظم شاهد خاقان عباسي پي آءِ اي ۽ اسٽيل ملز کي خانگائڻ واري صورت ۾ احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهي. بلاول ڀٽو زرداري پي آءِ اي ۽ پاڪستان اسٽيل ملز کي خانگائڻ خلاف مزاحمت بابت خبردار ڪندي چيو ته وزير اعظم ادارن کي خانگائڻ واري ڪوشش کان باز اچي، خانگائڻ واري صورت ۾ وزير اعظم احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهي. هن چيو ته ادارن کي خانگائڻ کان روڪڻ لاءِ  پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر ننهن چوٽي جو زور لڳائينداسين. ڄاڻايل فيصلو ان شخص جو آهي جيڪو پاڻ پي آءِ اي جو اڳوڻو چيئرمين هو. هن وڌيڪ چيو ته وزير اعظم پنهنجي منافعي واري خانگي ايئر لائن جو بنياد رکيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فٽبال ورلڊ ڪپ: ايراني عورتن کي ميچ ڏسڻ جي آزادي ملي وئي، نئين تاريخ رقم

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي فٽبال ٽيم اربع جي رات اسپين جي هٿان شڪست کاڌي پر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے