23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: چيف جسٽس ثاقب نثار پاران جناح اسپتال جو دورو ، صفائي جي ناقص صورتحال تي ڪاوڙ جو اظهار

******-چيف جسٽس ثاقب نثار جناح اسپتال جي دوري دوران  صفائي جي ناقص صورتحال توڙي سهولتن جي عدم فراهميءَ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

 چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي کانپوءِ شاهه رخ جتوئي ۽ شرجيل ميمڻ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جناح اسپتال جو دورو ڪيو.

چيف جسٽس جي جناح اسپتال پهچندي ئي اسپتال انتظاميه ۾ ٿرٿلو پئجي ويو.

 چيف جسٽس ثاقب نثار جي آمد تي  انتظاميه حرڪت ۾ اچي وئي ۽ صفائي جو ڪم  پڻ ترت شروع  ڪرايو ويو.

چيف جسٽس ايمرجنسي وارڊ جو دورو ڪندي پڇا ڳاڇا ڪئي تھ  ايتري بدبوءِ ڇو اچي رهي آهي، هن سيمي جمالي کي حڪم ڏنو ته مون کي لکي ڏيو ته اسپتال ۾ ڪهڙيون سهولتون ميسر نه آهن.

 چيف جسٽس هدايت ڪئي ته صفائي جي صورتحال تي ڌيان ڏنو وڃي،  اسپتال جي دوري دوران چيف جسٽس مختلف وارڊن جو دورو ڪيو ۽ مريضن سان ملاقات ڪئي.

چيف جسٽس کي ڏسي مريضن شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا جنهن بعد چيف جسٽس عملي کي ڇنڊ پٽي.

چيف جسٽس جي آمد تي هڪ عورت هٿ ٻڌي بيهي رهي ۽ چيو ته سندس پٽ کي جعلي مقابلي ۾ ماريو ويو آهي، ساڻس انصاف ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے