18 سومر , جون 2018

آرام سان کائو ۽ ٿولهه کان محفوظ رهو

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاچ سان ثابت ٿيو آهي ته آهستي آهستي کاڌو کائيندڙ ماڻهو ٿولهه کان بچل هوندا آهن جڏهن ته تڪڙ ۾ کائيندڙ ماڻهو سولائي سان ٿولهه جو شڪار ٿي ويندا آهن. ان ڳالهه جو انڪشاف جاپان جي مشهور مئگزين ۾ شائع ٿيل هڪ جاچ ۾ ڪيو ويو آهي پنج ورهين تي ٻُڌل اها جاچ 59 هزار 7 سئو ماڻهن تي ڪئي وئي جنهن جو مقصد ماني کائڻ جي انداز ۽ عادت جو ٿولهه تي ٿيندڙ اثر جو مشاهدو ڪرڻو هو. جاچ ذيابيطس جي ٻي قسم جي مرض ۾ مبتلا مريضن تي ڪئي وئي هئي جنهن جي لاءِ مريضن کي ٽي گروپن ۾ تقسيم ڪيو ويو هو. پهريئن گروپ ۾ تڪڙ ڪري کائيندڙ ۽ ٻئين گروپ ۾معمول جي انداز ۾ ۽ ٽئين گروپ ۾ آهستي آهستي کائيندڙ مريضن کي رکيو ويو هو. جاچ دوران ماهرن مريضن جي زندگي جي طريقن، کائڻ پيئڻ جي عادتن۽ دلچسپي جي معاملن، موسم ۽ ٻين بنيادي ڄاڻ بابت سوال پُڇيا، مريضن جي جوابن مان هٿ ٿيل نتيجن کي مرتب ڪرڻ دوران حيران ڪندڙ ڳالهه سامهون آئي ته جلدي کائڻ ۽ درست طريقي سان گِرهه نه چٻاڙيندڙ مريضن مان 45 سيڪڙو ماڻهو ٿولهه جو شڪار ٿي ويا جڏهن ته آهستي آهستي کائيندڙ ماڻهن جي وزن ۾ ڪا به واڌ نه ٿي. جاچ جي بنياد تي ماهرن ٽائپ ٽو ذيابيطس ۾ مبتلا مريضن کي وزن برابر رکڻ جو تجورز ڏنو آهي ڇو ته ذيابيطس جي مرض ۾ ڦاٿل ماڻهو بلڊ پريشر جو شڪار ٿي ويندا آهن جنهن جي ڪري دل ۽ گردي جي ڪارگردگي به متاثر ٿي سگھي ٿي. تنهن هوندي کائڻ جي عادت ۽ طريقي ۾ هاڪاري تبديلي سان گڏوگڏ ڪسرت، وقت تي دوائون کائڻ ۽ پنهنجي اعلاج سان باقاعدي چيڪ اپ ڪرائيندي رهڻ به ضروري آهي، ماهرن جو چوڻ آهي ته ٿ ولهه ڪيترين ئي بيمارين جي پاڙ آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن ۾ ذيابيطس جي مرض لاءِ خدشو به وڏي ويندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گرين ٽي دل جي حفاظت ڪندي آهي

لنڊن(ويب ڊيسڪ) گرين ٽي ۾ هڪ مرڪب دريافت ٿيو آهي جيڪو رت جي رڳن ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے