25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز : ڪوٽڙي:خانگي مل ۾ ڪم ڪندڙ  پورهيت پر اسرار نموني فوت ،پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي

ڪوٽڙي ڀرسان  خانگي مل ۾ ڪم ڪندڙ  پورهيت پر اسرار نموني فوت ٿي ويو.

خانگي مل  ڪنول  ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت 30 سالن جو  عاشق کوکر  پاڻي جي ٽانڪي صاف ڪندي فوت ٿي ويو.

اطلاع تي ڪوٽڙي سائيٽ  پوليس پهچي  لاش پنهنجي  تحويل ۾ وٺي تعلقا اسپتال ڪوٽڙي پهچايو، جتان لاش ضروري ڪاررواين بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي سائيٽ پوليس پوسٽ انچارج زاهد جهٽيال ٻڌايو ته نوجوان جي موت جو سبب ڄاڻڻ لاءِ  جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

مقتول جي  ڀاءُ  محبوب علي ٻڌايو ته ڀاءُ  مل ۾ ڪافي وقت کان ڪم ڪندو هو، واقعي ڪيئن پيش آيو آهي ڪابھ ڄاڻ نھ آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

BhiyaCityMissingGirl

نيوز | ڀرياسٽي: اغوا ٿيل ڪنڊياري واسي نوجوان جي آزادي لاءِ وارثن پاران احتجاج

ڀرياسٽي ۾ مبينا طور اغوا ٿيل ڪنڊياري واسي نوجوان جي آزادي لاءِ سندس وارثن پاران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے