23 ڇنڇر , جون 2018

رپورٽ: گهوٽڪي ۾ وليج ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران هڪ سو پنجاھه عورتن کي هنر سيکاريو ويو

 

گهوٽڪي ۾ وليج ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران هڪ سو پنجاھ عورتن کي  ۾ سلائي، ڪڙهائي، ۽ بيوٽي پالر جو ڪم سيکاريو ويو آهي، انهن ۾ پڻ ميشنون ورهايون ويون آهن، وڌيڪ ڏسون ٿا ته گهوٽڪي مان مسرت مهر جي هن رپورٽ ۾………….

گهوٽڪي ۾ گھوٽڪي ۾ وليج ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران شهر جي 50 کان وڌيڪ وارڊن مان 150  ڇوڪرين کي   سلائي، ڪڙهائي

 ۽ بيوٽي بالر جو ڪم سيکاريو ويو آهي

پروجيڪٽ جي ڊرائريڪٽر جو چوڻ هو ته اسان جي سماجي تنظيم ٻهراڙي جي ڇوڪرين کي روزگار جي فراهمي مختلف پروجيڪٽ شروع ڪيا، جنهن مان هي هڪ آهي

پروگرام جي  هڪ ٻي ميزبان جو چوڻ هو ته اسان گهوٽڪي جي 150 کان وڌيڪ ڇوڪرين جي چونڊ ڪئي ۽ هنن کي هنر سيکاري پاڻ ڀريو ڪيو آهي

ان موقعي تي هنر سکندڙ هڪ ڇوڪري جو چوڻ هو ته هنن کي هتي اچي ڏاڍو مزو آيو، ٽرينگ دوران ماحول تمام سٺو آهي  گھوٽڪي ۾ وليج ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن سٺو سهڪار ڪيو آهي …………

ان موقعي تي ضلعي چيئرمين جو چوڻ هو ته ضلعي چيئرمين سردار حاجي خان مهر جن چيو ته فلاحي ڪمن ڪرڻ سان ئي عورتن ۾ خد اعتمادي وڌندي ۽ باوقار روزگار ڪري پنهنجو گهر هلائي سگهنديون ۽ غربت ۾ پڻ ڪمي ايندي.

 ميونسيپل چيئرمين گهوٽڪي  اصغر علي شاه چيو ته اهڙن ادارن کي عورتن جي مدد لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي ته جيئن ضلعي گهوٽڪي جي هرغريب عورت خوشحالي واري زندگي گذاري سگهي.

 اسسٽنٽ ڪمشنر گهوٽڪي اڪرام ملڪ جن هن تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي گھوٽڪي ۾ وليج ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران هڪ سو پنجاھ عورتن ۾ سلائي ڪڙهائي جون مشينون ۽ بيوٽي پالر جي سامان جون ڪٽون پڻ ورهايون ويون،جڏهن تقريب ۾ سوين عورتن پڻ شرڪت ڪئي ………………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hyderabad: The memorandum of Ahmed Kooja, a friend of the small kandel, Noor Ahmed Kooja

نيوز: حيدرآباد: ننڍي کنڊ جي ادب دوست شخصيت نور احمد کوجه جي ياد ۾ تقريب

حيدرآباد ۾ ننڍي کنڊ جي ادب دوست شخصيت نور احمد کوجه جي ياد ۾ تقريب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے