20 خميس , سيپٽمبر 2018

مشن ورلڊ ڪپ لاءِ پي سي بي مضبوط پروگرام جوڙي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) چيمپينز ٽرافي ۾ حيران ڪندڙ ڪاميابي کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايندڙ سال ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ڪاميابيءَ جون اميدون لڳائي ڇڏيون آهن ۽ مشن ورلڊ ڪپ لاءِ هڪ مضبوط پروگرام جوڙي ڇڏيو آهي. ورلڊ ڪپ ٽرافي ملڪ ۾ آڻڻ لاءِ پي سي بي جي جوڙيل پروگرام تحت پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي 15 مهينن دوران نان اسٽاپ ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي جنهن دوران رانديگرن کي گهٽ ۾ گهٽ 23 ون ڊي ميچون کيڏڻيون پونديون ۽ ميچن ۾ اضافو به ٿي سگهي ٿو. ان عرصي دوران پاڪستاني ٽيم کي ٽيسٽ ۽ ٽي 20 ميچون به کيڏڻيون پونديون. مصروف سيزن سبب رانديگرن کي فٽ رکڻ به ٽيم انتظاميه لاءِ چئلينج هوندو، ان عرصي ۾ پاڪستان سپر ليگ جون چوٿون ايڊيشن به ٿيندو جنهن ۾ رانديگر هڪ مهيني کان وڌيڪ تائين مصروف هوندا. پي سي بي جو چوڻ آهي ته مصروف سيزن سبب پاڪستاني رانديگرن وٽ مٿون کڻ جي به گنجائش نه هوندي تنهن ڪري ورلڊ ۾ سپر فٽ رانديگر ئي شامل ٿي سگهندا. زمبابوي جي آگسٽ ۾ رٿيل سيريز به رد ٿي وڃي ته پاڪستان کي ورلڊ ڪپ تائين مسلسل ميچ کيڏڻيون پونديون. ورلڊ ڪپ انگلينڊ ۾ 30 مئي کان 14 مئي تائين ٿيندو، ٽورنامينٽ لاءِ ميزبان انگلينڊ ۽ پاڪستان کانسواءِ آسٽريليا، ڀارت، نيوزيلينڊ، سريلنڪا، بنگلاديش ۽ ڏکڻ آفريڪا سڌو ڪواليفاءَ ڪيو آهي. ايندڙ مهيني زمبابوي ۾ رٿيل ڪواليفاءِ رائونڊ ۾ زمبابوي، ويسٽ انڊيز، آئر لينڊ ۽ افغانستان سميت 10 ٽيمون حصو هونديون، جنهن مان ٻن ٽيمن کي ورلڊ ڪپ ۾ جاءِ ٺاهڻي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے