24 خميس , مئي 2018

نيوز: رائو انوار سخت سڪيورٽي انتظامن باوجود عدالت ۾ پيش نه ٿيو

اڳوڻو ايس ايس پي ملير رائو انوار  سخت سڪيورٽي انتظامن باوجود عدالت ۾ پيش نه ٿيو …………

 چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ بئنچ نقيب الله محسود قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي جڏهن ته آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه سميت سنڌ پوليس جا اعليٰ آفيسر به عدالتي ڪمري ۾ موجود آهن.

 ٻڌڻي شروع ٿي ته چيف جسٽس آءِ جي سنڌ کان پڇيو ته سنڌ پوليس رائو انوار جي گرفتاري لاءِ ڇا ڪيو، اوهان جي ذميواري اڃا به اها ئي آهي. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ چيو ته رائو انوار پيش نه ٿيو جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان رائو انوار کي پيش ٿيڻ لاءِ شفاف موقعو ڏنو، حفاظتي ضمانت به ڏني، ٿورو انتظار ڪري وٺون ٿا پوءِ ڪيس ٻڌنداسين.

چيف جسٽس آبزرويشن ڏني ته ”لڳي ٿو ته رائو انوار پيش نه ٿي ڪري وڏو موقعو وڃائي ڇڏيو.“ رائو انوار جي گرفتاري لاءِ پوليس کي سموريون سهولتون فراهم ڪنداسين. عدالت ڪيس جي مختصر ٻڌڻي بعد شنوائي ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. ………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Islamabad MSC hunger strike continues for the independence of people from Sindh

نيوز: سنڌ مان کنڀيل ماڻهن جي آزادي لاءِ اسلام آباد ۾ايم ايس سي جي بک هڙتال جاري

سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ مهراڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے