20 خميس , سيپٽمبر 2018

چائينيز اسڪالرشپ ڪيئن حاصل ڪجي؟:واجد علي لاشاري

اسان جي مادر علمي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾، هونئن ته ڪيترائي پروگرام وقت بوقت ٿيندا رهندا آهن، پر اڄ آئون هتي ان پروگرام جا تفصيل لکندس، جنهن ۾ شاگردن کي چائينيز اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ  لاءِ مفيد معلومات ڏني وئي.

ايم اي شيخ آڊيٽوريم، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ٿيل هن پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي، جنهن جي سعادت شاگرد انس نظاماڻي حاصل ڪئي. ان کان پوءِ ڪمپيئرنگ جا فرائض چائنا مان پي ايڇ ڊي ڪري آيل مانائتي استاد ڊاڪٽر شهزور گل خاصخيلي انجام ڏنا. آجياڻي تقرير ڪندي اسان جي محترم ۽ سينيئر استاد محمد مٺل جسڪاڻي چيو ته هي اڄوڪو پروگرام شاگردن لاءِ وڏو سٺو موقعو آهي، جنهن ۾ پرڏيهه ۾ پڙهڻ لاءِ، خاص طور چائنا اسڪالرشپ وڏي وُٿ آهي. سائين يونيورسٽي جي محترم وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ميمڻ جا ٿورائتا مڃيندي شاگردن کي صلاح ڏني ته غور سان پروگرام کي ٻڌن، سمجهن، فائدو پرائين ۽ جڏهن اسڪالرشپ حاصل ڪري چائنا ۾ جتي به وڃن، اتي پنهنجي حيثيت اهڙي نموني مڃرائين، ته جيئن اتي جا پروفيسر کين چون ته اوهان جهڙا هوشيار ۽ محنتي شاگرد ٻيا به موڪليو.

آجياڻي خطاب کان پوءِ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خاصخيلي، جيڪو پڻ چائنا مان ئي پي ايڇ ڊي ڪري آيو آهي، هن وقت زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾، پلانٽ پروٽيڪشن ڊپارٽمينٽ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر آهي، ”ڪي نوٽ اسپيڪر“ Key not speaker جي حيثيت سان ڳالهائيندي چيو ته محنتي ۽ هوشيار شاگردن لاءِ چائنا اسڪالرشپ جا بيشمار موقعا موجود آهن. هن تمام تفصيلي نموني سان ۽ پنهنجي تجربي مطابق، انتهائي اهم ڄاڻ ڏني ۽ چائنا جون مختلف يونيورسٽيون ۽ ڪاليج  ٻڌائي، انهن ۾ رسائي ۽ مختلف ڊسيپلين ۾ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جا ڪيترائي سولا طريقا ٻڌايا ۽ بهترين معلومات ڏني.

چائنا مان پي ايڇ ڊي ڪري پهتل پلانٽ بريڊنگ اينڊ جينيٽيڪس ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ميڊم ڊاڪٽر شبانه کي به ڳالهائڻ لاءِ چيو ويو، جنهن خاص طور تي اسڪالرشپ لاءِ جن جن به سندن ۽ ضروري ڪاغذن جو لازمي انتظام ڪرڻو آهي، انهن بابت تفصيلي معلومات ڏني. ان کان پوءِ هڪ ٻئي محترم استاد ڊاڪٽر امداد لغاري صاحب، جيڪو پڻ چائنا مان پي ايڇ ڊي ڪري آيو آهي، ان جانورن جي پرورش، پالنا ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين مضمونن ۾ اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف يونيورسٽين ۽ ڪاليجز جي معلومات ڏني، اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ تمام سٺيون صلاحون ڏنيون، انيڪ ڳالهيون ڪيون ۽ پنهنجا ويچار ونڊيا. جڏهن ته ڊاڪٽر سهيل اوٺو ۽ ڊاڪٽر خالد ڍلو صاحب، جيڪي پڻ چائنا مان ئي پي ايڇ ڊي ڪري آيا آهن، جيتن جي سائنس واري شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهن، انهن ڳالهائيندي چيو ته هر سال چائنا ۾ چائينيز گورنمينٽ اسڪالرشپ جو سلسلو، مختلف يونيورسٽين ۾ ان جي شروعات ڊسمبر مهيني کان وٺي مارچ تائين، مختلف ڊپارٽمينٽس لاءِ درخواستون گهرائبيون آهن. جنهن جو پروسيس آن لائن ٿيندو آهي. سڀ کان پهريان ”CSC“ جي ويب سائيٽ تي رجسٽرڊ ٿيڻو پوندو آهي، پوءِ سليڪٽيڊ يونيورسٽي جو فام فِل ڪري، چائنا سبمٽ ڪبو آهي، ان پروسيس ۾ تقريبن 4 مهينا لڳي ويندا آهن. هر سال چائنا ۾ نيو بيچ سيپٽمبر ۾ شروع ٿيندي آهي. سائين جن به تمام تفصيل سان ڄاڻ ڏني، پنهنجا تجربا، رايا ۽ ويچار سٺي نموني پيش ڪيا.

تقريب جي آخر ۾ چائنا مان زميني علوم ۾ پي ايڇ ڊي ڪري آيل اسسٽنٽ پرفيسر ڊاڪٽر خالد ٽالپر صاحب کي سڏايو ويو، جنهن سڀني آيل مهمانن ۽ شاگردن جا ٿورا مڃيا. هي تقريب تمام سٺي نموني اختتام پذير ٿي، وڏي ڳالهه ته شاگردن تمام گهڻي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ايتري قدر جو ڪافي شاگرد بيٺي پير تقريب جي شروعات کان آخر تائين سندن دلچسپي جون ڳالهيون ٻڌندا ۽ نوٽ بوڪ ۾ نوٽ ڪندا رهيا. هن قسم جون تقريبون لاڳيتيون جاري رهيون ته سنڌ زرعي يونيورسٽي جا ڪيترائي گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ چائنا اسڪالرشپ حاصل ڪري، اعلي تعليم پرائي، پنهنجي صلاحيتن جو بهتر استعمال ڪري، ملڪي زرعي پيداوار ۾ پائداري ۽ استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے