19 اربع , سيپٽمبر 2018

نواز سومري جو ڪتاب تارن ڀري رات:اسد چنو

جيئن جيئن دنيا ترقي ڪئي آهي تيئن ريڊيو چينلس به گهڻا ٿي پيا آهن پر ريڊيو پاڪستان  اڄ به پنهنجي پوري آب و تاب سان پنهنجو معيار قائم رکيو پيو اچي اڄ به اهائي ادبي ٻولي ، مهذب ۽شائستگي واري گفتگو وڻندڙ موسيقي نشر ٿندي آهي ريڊيو پاڪستان جي اهميت ، افاديت ۽ان جو معيار اڄ به پنهنجي انفراديت سان قائم آهي،ريڊيو پاڪستان علم و ادب ،فن،تهذيب،سان گڏوگڏ اخلاقيات جو بهترين وسيلو آهي.ٻين ريڊيو چينلس تي ڪم ڪندڙ آر،جيز ۽ ڪمپيئرس جي ته خبر ناهي ڇا حال آ؟ پر ريڊيو پاڪستان تي ڪم ڪندڙ ڪمپيئر اڄ به پروگرام کان پهريان پنهنجو اسڪرپٽ ۽ ان سان ٺهڪندڙ موسيقي جا  اسم ترتيب ڏيئي پروگرام پروڊيوسر کان اسڪرپٽ ويٽ ڪرائيندو آهي اتان اجازت ملڻ کان پوءِ اهو پروگرام آن ايئر ٿيندو آهي،ڪمپيئرنگ به هڪ الڳ فن آهي بهترين آواز جو خوبصورت استعمال ڪنهن ڪنهن کي ئي ايندو آهي ۽ اهو به اهڙو جو ٻڌندڙ جي دل ۾ گهر ڪري وڃي،ان جي جذبن جي عڪاسي ڪندڙ موسيقي جي چونڊ ته پروگرام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندي آهي.هڪ اهڙو ريڊيو پاڪستان تان صوبائي نشرياتي رابطي تي نشر ٿيندڙ بي حد مقبوليت ماڻيندڙ پرو گرام تارن ڀري رات به هو (هو ان ڪري جو خبر ناهي ته الائي ڇو ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي سونهن کي ڄاڻي واڻي حيدرآباد شفٽ ڪيو ويو ) ڪيترن ئي بي حد خوبصورت ڪمپيئرس جي نظرداري  ۾ رات جو 11 وڳي کان 12 وڳي تائين پروگرام ڪيو تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ۽ پروگرام جي پيٽرن سان به خوب نڀايو،اسان جو يار نواز سومرو به اسان جي سٿ جو آهي.

نواز سومرو شاعر به آهي ته مطالعي جو شوق به کيس تمام گهڻو آهي جنهن جي ڪري سندس اسڪرپٽ ڏاڍو دلچسپ ۽ برجستو هوندو هو نواز پنهنجن انهن اسڪرپٽ کي ڪتابي صورت ۾ پيش ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ تمام خوبصورت ڪتاب جو اهم اضافو ڪري ڇڏيو آهي،سندس  ڪتاب کان پهريان به اهڙي قسم جا ڪجهھ ڪتاب جيڪي پڻ نج ريڊيو اسڪرپٽ تي مشتمل آهن ادب ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي چڪا آهن  هي هڪ سٺي ڪوشش آهي ته انهن خيالن کي جيڪي لفظ بڻجي  سماعتن تي پهتا ۽ هوا ۾ وکري ويا انهن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ۾ پيش ڪجي. ائين اهي پروگرام ۽ انهن پروگرامن جي تاريخ پڻ گڏ ٿيندي ۽ انهن لسنرز کي پنهنجي پسنديده ڪمپيئر کي هر هر پڙهڻ جو موقعو به ملندو رهندو ٿي سگهي ٿو ته ڪو پروگرام ٻڌڻ کان ڪو رهجي ويو هجي.

نواز سومري جي ڳالهايل (لکيل) هر جملو اسان ۾ حوصلو ۽ همٿ وڌائي ٿو زندگي گزارڻ جا بهترين ڏس ۽ گس اسان لاءِ آسان بڻائي ٿونواز نصيحتن سان گڏ سهڻيون صلاحون ڏئي ٿو، نواز پنهنجي انداز بيان سان ٻڌندڙن جي من کي موهي وجهي ٿو. اسان جي يار نواز سومري  پنهنجي هن ڪتاب جو نالو به هو بهو تارن ڀري رات رکيو آهي.

نواز سومرو جيئن ته بهترين آواز ۽ انداز بيان جو مالڪ آهي ته اهڙو ئي ڀلوڙ لکندڙ به آهي هن يار وقت جي نبض تي هٿ رکي پنهنجا اسڪرپٽ لکيا آهن۽ ٻڌندڙن سان مخاطب ٿيو آهي سندس موضوع اهڙا آهن جو ڇا چئجي ، نواز زندگي جي هر موضوع تي لکيو آهي (ڳالهائيو) آهي هر ان احساس کي پنهنجي خوبصورت انداز سان پيش ڪيو آهي جيڪو سهپ،رواداري ، خود اعتمادي ، پورهئي جي اهميت ، ڪاوڙ تي ڪنٽرول جا فائدا ٻڌائڻ سان گڏوگڏ نظم و ضبط ،صبر و تحمل ، ۽ بي جوڙ شادين جي نقصانن تي لکندي تاريخ ، ثقافت،ادب ، اخلاق ،مطلب تي زندگي جي هر ان موضوع تي نواز سومري لکندي (ڳالهائيندي) خوب نڀايو آهي سندس هي نثري تخليق به هڪ قسم جو شاعراڻو نثر محسوس ٿئي ٿو جنهن کي ٻڌندي (پڙهندي) ڏاڍو لطف اچي ٿو.

نواز حساس دل جو مالڪ آهي سندس دل ۾ عجيب و غريب احساس جنم وٺن ٿا ،جيڪي ڪنهن نديءَ جي تيز وهڪري وانگي جبلن تان پٿرن تان جهنگ جهر مان اڇلون کائيندا لفظن جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا ،جيڪي ٻڌندڙ (پڙهندڙ) کي پنهنجو اسير بنائي ڇڏين ٿا سندس هن ڪتاب  ۾شامل اسڪرپٽ ٻڌندڙ (پڙهندڙ) کي هڪ اتساھ ڏين ٿا ، نوان عزم نيون اميدون ڪر کڻي جاڳي پون ٿيون.

نواز سومرو محبتن جو متلاشي آهي سندس اسڪرپٽ ۾ سنڌيت ، رومانس، محبوب جون ارڏايون ، دوستي جي نالي تي ملندڙ دغائن جا احساس ڇلڪندي محسوس ٿين ٿا. نواز سومري جو هي ريڊيو اسڪرپٽ تي مشتمل ڪتاب 176 صفحن تي مشتمل آهي هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي نامياري ليکڪ،شاعر،بهترين براڊڪاسٽر،ڪمپيئر سائين نصير مرزا لکيو آهي هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد جو ڇاپيل آهي جنهن جو ملھ صرف 300 روپيا آهي،سچ ته نواز جو هي ڪتاب سنڌي ادب  ۾ هڪ بهترين اضافو آهي جيڪو هر هر پڙهڻ ۽ هانو سان هنڊائڻ جهڙو آهي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے