23 آچر , سيپٽمبر 2018

گورک ترقيءَ جي راهه ڏانهن ويندڙ گورک اٿارٽيءَ جي اڳواڻ رفيق احمد جماليءَ سان ڳالهه ٻولهه:عباس گاڏهي

سنڌ جي ڪوهه مري طور شهرت رکندڙ  گورک هل اسٽيشن جيوتڻيڪ پنهنجي فطري حسن ۽ ماحول دوست موسم جي ڪري گذريل ڪيتري ئي عرصي کان مقامي توڙي ڏيهه واسين جي نگاهن جو مرڪز بڻيل رهيو آهي خوبصورت تفريحي ماڳ گورک ھل اسٽيشن جي هي ٽڪري چوماسي برساتن بعد سائي چادر اوڍي پنهنجي مڪمل فطري سونھ سان سرشار ٿي وڃي ٿي، گرمين جا ستايل ماڻھون سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ سميت پوري ملڪ مان اڙانگو سفر طئي ڪري  6 هزار فوٽن جي اوچائي تي دلڪش نظارن جو ڏيک ڏيندڙ گورک هل اسٽيشن تي پھچن ٿا تہ چوڌاري سائي چادر ڍڪيل جابلو سلسله ۽ ٿڌيون هوائون گورک هل جي چوٽي گهمڻ لاء ايندڙ ماڻهن کي پنهنجي اهميت جو احساس ڏيارين ٿيون،

ان حوالي سان گورک دولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين رفيق احمد جمالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي معلوم ٿيو ته جيتوڻيڪ گورک هل اسٽيشن تائين پهچڻ لاء سمورو رستو خراب هئڻ سبب سياحن کي ڪافي تڪليفون ڪرڻيون پيون پر مون پنهنجي ڪوششن سان مڪمل رستي جي نئين سر تعميراتي ڪم جلد شروع ڪرايو ويندو جنهن کان پوءِ سياحن کي اچڻ وڃڻ ۾ ڪا به ڏکيائي پيش نه ايندي،

هڪ سوال جي جواب ۾ رفيق احمد جمالي ٻڌايو ته منهنجي پهرين ترجيح مقامي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ آهي ۽ ٻئي ڪوشش آهي ته گورک تي بنيادي سهولتون ميسر ڪري گورک کي جديد نموني سان دنيا ليول تي متعارف ڪرائجي، اها حقيقت آهي ته اڳ جي ڀيٽ ۾ گورک بهترين ترقي طرف وڌي رهيو آهي، گورک جتي ٻاررڙن جي تفريح لاءِ شهيد بينظير ويو پارڪ جوڙيو ويو آهي اُتي هيڊ پيڊ کان ويندي گورک جي سونهن ۽ سوڀيا کي وڌيڪ پر رونق بڻائڻ جي لاءِ 48 هٽس جوڙايا ويا آهن جتي ايندڙ سياح آساني سان کائڻ پيئڻ جي شين کان وٺي رهائش تائين سُڪون جي تفريح ڪن ٿا.

جڏهن ته گورک هلز جي لاءِ محدود فنڊ هجڻ جي باوجود به رفيق احمد جمالي ذاتي شوق تحت گورک کي هر ممڪن تفريح مهيا ڪرڻ جي لاءِ سرگرم رهي ٿو هن ٻڌايو ته مون جيڪي روزگار کان ويندي پر اُمن ماحول جوڙڻ تائين جيڪي محنت ڪئي آهي اها سڀني جي سامهون آهي توڙي جو مخالف هر روز نوان نخرا ڪري گورک جي ترقي سامهون رڪاوٽ بڻجن ٿا تنهنجي باوجود به اسان نه انهن طرف ڏٺو آهي نه ئي ڏسنداسين، اسان  اڳ به گورک جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي ۽ هينئر به ڪوشش ڪري گورک کي سنڌ جو واحد تفريحي ماڳ بڻائڻ ۾ سرگدان آهيون، وڻن جي پوکائي کان ويندي چيئر لفٽ تائين ۽ منهنجي ڪوشش رهي آهي ته ممڪن سهولت گورک جي کاتي ۾ وڃي مان هجان نه هجان پر گورک سنڌ جو ۽ پاڪستان جو واحد تفريحي ماڳ بڻيل رهي جتي سياح پنهنجين فيملين سميت اچن ۽ قدرت جي فطرتي حُسن کي اکين سان ڏسن ۽ مزو ماڻين.

گورک چيئرمين رفيق احمد جمالي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته گورک جو رستو اڻانگو هجڻ سبب ڪافي تڪليفون در پيش آهن پر اسان انهن سمورن چئنلنجز کي هر وقت منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون کاول لڪ کان مٿي فقط سي سي بلاڪ ئي بهتر نموني سان ٺهي سگهي ٿو مون ڪوشش ڪري کاول لَڪ کان چوٽي تائين سي سي بلاڪ جوڙايو آهي جنهن جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ باقي واهي پانڌي کان 35 تائين روڊ کي ٻيهر تعمير ڪرايو ويندو جنهن جا فنڊس به رليز ٿي چڪا آهن تمام جلد اهو وڏو مسئلو حل ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ نه صرف عام سواري گورک تي پهچي سگهي ٿي ۽ هر ايندڙ ويندڙ ماڻهون کي اها تڪليف پيش نه ايندي جيڪا گذريل ڪافي عرصي کان وٺي درپيش ايندي رهي آهي.

گورک جي بي انداز مخالف ڪرڻ واري سوال تي هن کُلندي ٻڌايو ته مونکي حيرت ٿيندي آهي جيڪي ماڻهون گهر ۾ آرامي آهن اُهي به گورک جي ترقي جي مخالفت ڪري رهيا آهن مان چوندو آهيان ته ڪنڊو انهي لڳندو آهي جيڪو پنڌ ڪندو آهي بستر تي سُتل ماڻهون کي ڪهڙي ڪَل ته پنڌ جو احساس ڇا ٿيندو آهي، مون گورک کي ويجهي کان ڏٺو آهي ۽ لوڪل هجڻ جي ناتي سان هر هفتي گورک تي ويندو آهيان ۽ ڏسندو آهيان ته اُتي ڪم ڪار هلي ٿو يا نه جتي به اڻ وڻندڙ ڪوتاهي ڏسندو آهيان فوري طور تي نوٽيس وٺي ان مسئلي کي حل ڪندو آهيان مان چاهيان ٿو ته گورک جي ڪم  ۽ ترقي ۾ ڪنهن به قسم جي خُرد برد نه ٿيڻ گهرجي مون اڳ به سچائي سان گورک کي پنهنجي محنتن سان گورک بڻايو ۽ هاڻ به منهنجي پوري ڪوشش آهي ته گورک مڪمل ترقي ماڻي ان حوالي سان آئون پوري مُلڪ جي ميڊيا کي دعوت ٿو ڏيان اُها اچي ۽ گورک جي ترقي، گورک جي رونق ۽ گورک جي ڪاميابي کي پنهنجن ڪئميرائن ۾ قيد ڪري سوشل ميڊيا کان ويندي، اليڪٽرانڪ ميڊيا تائين گورک کي سچي ۽ ايمانداري سان ڪوريج ڪري گورک جي سونهن کي ملڪ ليول متعارف ڪرائڻ ۾ منهنجي مدد ڪن هن اهو به چيو ته گورک جي ترقي ۾ صرف ۽ صرف سنڌ حڪومت ۽ خاص طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو تعاون ۽ ڌيان رهيو آهي جنهنڪري ئي گورک مثالي ترقي ڪئي آهي پر وفاق ڪنهن به قسم جو تعاون نه ٿو ڪري جيڪڏهن گورک پاڪستان جي ڪنهن ٻئي صوبي ۾ هجي ها ته وفاق جون اکيون ان تي کُتل هجن ها پر بدقسمتي سان گورک سنڌ جو حصو آهي ان ڪري وفاق گورک سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي اسان کي انهن جي به پرواهه ناهي اسان پنهنجي هر دور ۾ گورک جي لاءِ سنڌ حڪومت کان فنڊس منظور ڪرائي گورک کي مڪمل ترقي طرفان وڌائينداسين.

سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙِڇ مان سوين جي تعداد ۾ جيڪي به سياح گورک گهمڻ لاءِ اچن ٿا اهي پنهنجي خوشي جو اظهار ڪندي ٻڌائن ٿا ته گورک سنڌ جي جنت آهي جتي قدرت طرفان مختلف گُلن جي خوشبوءَ ملي ٿي اُتي پيش ۽ گورک جو حُسن اُتان جو مال متاهه جنهن ۾ اُٺ، ٻڪريون، گڏهه ۽ رڍون ٻاهران آيل ماڻهن کي مونهن ٿيون، انهن ٻڌايو ته اسان ڪراچي جي ماحول ۾ ڏينهن رات بند فليٽن ۾ رهندي ۽ آفيسن اندر ڪم ڪندي فقط ۽ فقط مشيني زندگي گذاريون ٿا پر جڏهن گورک تي پهچون ٿا ته اسان کي ڪائنات جو سمورو رنگ فقط ئي فقط گورک تي ملي ٿو، جتي نه صرف ٿڌيون هوائون آهن پر هتي پاڻي جا چشما، فطري حسن رکندڙ ماحول ۽ هتان جي رهڻي ڪهڻي تمام گهڻو متاثر ڪري ٿي، اسان کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هتي شروع ۾ ڪهڙو سياح پهتو هوندو جنهن جي دريافت کانپوءِ گورک وجود ۾ آيو ۽ اڄ گورک تي پوري سنڌ مان وڏي انگ ۾ سياح هتي پهچي سياحتي حوالي سان نيون نيون ايجادون ڏسن ٿا جنهن ۾ هتان جي هوا، هتان جو ماحول ۽ هتان جو قداور جبل جي خوبصورتي پنهنجن اکين جي ڪئميرائن ۾ قابو ڪن ٿا، ان کان وڌ ٻيو ڪهڙو نظارو ٿي سگهي ٿو جو هتي هر وڻ، ٽڻ ۽ هر ننڍي ۾ ننڍي ٻوٽي کان ويندي مال تائين ۽ مال کان ويندي هتان جي منفرد ماڻهن سان سيلفيون ڪڍائڻ تي خوشي محسوس ٿئي ٿي.

گورک جي حوالي سان تاريخدانن، ماهرن ۽ سياحن جو چوڻ آهي ته هتي جي هوا ۽ هتي جو سُڪون پذير ماحول ٻڌائي ٿو ته هتي ڪنهن دور ۾ جانور رهندا هئا ۽ وڏي تعداد ۾ پکين جو آستانو هيو ان سبب هتي جو ٿڌو ماحول هيو ۽ ماڻهن جي اچ وڃ نه هئڻ ڪري وڏي انگ ۾ ناياب پکي هتي رهندا هئا، ماڻهن جي اچ وڃ کانپوءِ توڙي جو انهن پکين ۽ جانورن ۾ گهٽتائي ٿي آهي پر تنهنجي باوجود به هتي کوڙ سارا پکي ۽ جانور ملن ٿا، تاريخدان ۽ محقق اشتياق انصاري گورک بابت هڪ بهترين ڪتاب لکيو آهي جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته گورک سنڌ جو وساريل علائقو هيو جتي جابلو ماڻهن کانسواءِ ٻئي ڪا به آمدرفت نه هئي پر اڄ ملڪ جا ماڻهون هتي اچن ٿا ۽ گورک جي هوائن جو مزو ماڻين ٿا هتي گاج ندي جو وهڪرو ۽ پٿر تي اُڪر جو ڪم(چٽسالي) ۽ قبل مسيح جا آثار به موجود آهن گورک نه صرف هوائن ۽ خوبصورتي جي حوالي سان مشهور آهي پر گُورک تاريخي حوالي سان به وڏو شاهڪار سڏجي ٿو جتي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي تحقيق ڪرڻ سان ئي نيون نيون تاريخون ڳولي ۽ جوڙي سگهن ٿيون، ان حوالي سان عزيز ڪنگراڻي ٻڌائي ٿو ته گورک تي ٻُڌ ڌرم جا به آثار ملن ٿا اُتي جي جبل تي قديمي زماني جي لکت ٻڌائي ٿي ته گورک صدين جي تاريخ رَکي ٿو ۽ گورک هڪ مڪمل تاريخ آهي جنهن تي تحقيق ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

”املهه موتين“ جهڙي گهڻ صلاحيتي ۽ گهڻ پاسائين شخصيت ”شبنم موتي“:سڪينه امام

شبنم موتي اصولي طور تي ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي، سنڌ جو ساڃاهه وند ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے