20 خميس , سيپٽمبر 2018

نوٽ بُڪ جا ورڪ : جاڏي پير –تاڏي خير-43: آدرش

اسان جو ڪوچ رات جو ڏهين وڳي کن اسلام ڪوٽ پهتو، شهر ننڊ نه ڪندا آهن، پر اسلام جي ڪوٽ ۾ سانت جي سلطنت هئي.

مان گاڏي مان لهي، اسلام ڪوٽ ۾ ائين هلڻ لڳم جيئن ڪو بادشاهه پنهنجي رياست ۾ هوندو آهي.

مان ۽ اشرف علي، بس اسٽاپ وٽان هلي، برَُ بڻيل بازار ٽپي، ٻيلي کاتي جي هڪ وڏي پلاٽ مان لانگهائو ٿياسون. اُتي اسان جي رولو ڍڳين آڌرڀاءُ ڪيو. هنن جو قد ڪاٺ اسپين ۾ بُل فائيٽنگ ڪندڙ ڏاندن جهڙو هو. ڍڳين جي اکين ۾ رات جاڳي رهي هئي.

پلاٽ ۾ ٻه ٽي ٻاڪڙا هوٽل، سگريٽن جون پڙيون، ڪاٺين جي مڏي ۽ ڪجهه ڪچا پڪا دڪان ٺهيل هيا. ملازمن کي پگهار کاتي مان ملندي آهي پر بونس هتان وٺندا آهن.

اسان ٻئي ڄڻا جسم ۾ ٿڪ ۽ اکين ۾ خواب کڻي، ڏيپلو روڊ تي اشرف ميان جي اوطاق اڳيان اچي پهتاسون. دروازي کي ڪلف لڳل ڪونه هو، ڄڻ سعوديءَ جي ”النهيان ول بي ايمان“ جي اوطاق هئي.

اشرف عليءَ دروازي ۽ ڀت جي وچ ۾ ڏنل وٿيءَ ۾ هٿُ ٽپائي، علي بابا وانگر ”کُل جا سِم سِم“ ڪري درُ کوليو. هن سان گڏ مان چور وانگر اوطاق ۾ داخل ٿيم، باقي اوڻيتاليهه چور، ٽريزري آفيس جي بابو ۽ سٺي ليکڪ حاجي محمد ڪنڀر جي گهر پنهنجي رٽائرمينٽ جا بل پاس ڪرائڻ ويا.

***

اشرف علي سمون جي دل ۽ دسترخاني وانگر، اوطاق ڪشادي هئي. اڱڻ ۾ ڪو سردار ويهي اونڌا سونڌا فيصلا ڪري، ته سرڪار به کيس ڪجهه نه چئي.

ٻه وڏا ڪمرا هيا. جنهن ڪمري ۾ مابدولت کي ٽڪڻو هو. ان ۾ ٻه کٽان، ٽي ڪرسيون ۽ هڪ ميز  پئي هئي. ڇت ۾ پکو اهڙو لڳل هو، جو ماڻهو بٽڻ هيٺ ڪري پاڻ گول ڦري، ته هوا لڳيس، دريءَ ۾ تاڪ اهڙا هيا، جو هٿوڙي سان بند ۽ کولڻا پيا پون.

ٻئي ڪمري ۾ ٽپال گهر وارن جو سامان سڙو، وٽ تارازيون، ڪاغذ پٽ، هيڊا ساوا فائيل ٽڙيا پکڙيا پيا هيا.

اوطاق جي ڪنڊ ۾، مک دروازي ڀرسان ليٽرين ٺهيل هئي. دروازي بدران ڪنهن غريب ڀيل کان ڦريل گوڏ جو پردو ڏنل هو. مهمان اندر ويهي وڏي واڪي جڏهن ڪو گانو ڳائي، تڏهن ئي ٻاهرين بيٺل ماڻهوءَ کي خبر پئي ته اندر چڱو مڙس ڪيئن ويٺو آهي.

***

اوطاق جي پاسي ۾ مُهڙ وارو ڪمرو ٽپال گهر آهي. جيڪو مسواڙَ تي ڏنل آهي.

پوسٽ ماستر محمد رمضان بجير آهي. طبيعت جو ماٺيڻو ماڻهو آهي. محمد سليمان بجير هڪ فرض شناس ٽپالي آهي. پرائمري درسي ڪتاب سبق ”ٽپالي“ ڄڻ هن کي ڏسي لکيو ويو آهي. اسلام ڪوٽ ۾ ٻيو ڪو ملي نه ملي. محمد سليمان ڪٿي نه ڪٿي، سائيڪل ۽ خطن سوڌو ضرور ملي ويندو، پوءِ کڻي اوهان کي بيرنگ خطُ ڏئي، ڏنڊ جا پئسا ڇو نه وٺي. هو ڀٽائيءَ جي سٽ ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي“ تي عمل ڪندو آهي.

اسلام ڪوٽ ۾ بجير ايڏا آهن، جو ٿالهي اڇلائبي ته ڪنهن بجير جي مٿي تي وڃي ڪرندي.

ٽپال گهر ۾ عارب ڪنڀر رٽائرڊ ٽپالي ايندو رهندو آهي. هو منفرد شخصيت جو مالڪ آهي. سڄو ڏينهن سعيد سگريٽ پيئندو رهندو آهي. شايد، اندر جا ڏک سگريٽن ۾ لاهيندو آهي.

***

خطن جو شاهي دور هو، ختم ٿي ويو. خط وڏي وٿ هيا. وڏو رومانس هيا. خط جي اڄ به اهميت آهي. ان جو لکڻ گهٽيو آهي. قدر نه ويو آهي.

اسان جي نبي سڳوري صه  کان وٺي دنيا جي بادشاهن، ڏاهن، فلسفين، ملڪ جي حڪمرانن، شاعرن، ليکڪن، تاريخ نويسن، سائنسدانن، اُستادن، شاگردن، اميرن، غريبن، مردن، زائفن، کدڙا فقيرن، شودَن، شريفن، عاشقن، معشوقن، محبوبائن، هر ٻه اکر لکندڙخط لکيا آهن.

خطن کي ڪبوترن ۽ ٽپالين مالڪن جي در تي پڄايو آهي. ڪنهن کي نه رنجايو آهي.

***

خطن واري سنهري دور ۾، جنهن ڏينهن خط لکي روانو ڪبو هو. ان ڏينهن کان ورنديءَ جو انتظار شروع ٿيندو هو. اوسيئڙو ڪندڙ خط جي موٽ ملڻ تائين. ڏيئا ٻاريندو ۽ وسائيندو هو.

***

شاعرن ۽ ليکڪن جي خطن جو وڏو جهان هوندو هو. دنيا جي مشهور ليکڪن ۾ آسڪروائيلڊ جا خط، فرانزڪافڪا جا پنهنجي پريميڪا ملينيا ڏانهن لکيل خط شاهڪار آهن. هو پنهنجي محبوبا جي خطن کي مينهن ڪڻيون چوندو هو.

اسانجي ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي جو لکيل خط ” منهنجي پياري ڌيءُ“، جواهر لعل نهروءَ جا پنهنجي ڌيءُ اندرا گانڌي ڏانهن لکيل خط، شاعر مرزا غالب جا خط، مولانا ابوالڪلام آزاد جا جيل مان لکيل خطن جو ڪتاب ”غبار خاطر“ ۽ مهان شاعر شيخ اياز جي خطن جو ڪتاب ”ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ شاهڪار شيون آهن.

خطن جي حوالي سان ڪليم لاشاري جو ” خطن جو سوانحي مطالعو“ سنڌي ٻوليءَ ۾ سٺو ڪتاب آهي.

***

خطن لکڻ جي اوج واري وقت ۾ گانا به ڏا سٺا ٺهيا. سنڌي ڪلام “ نه خط آيو، نه تون آئين“ مشهور ٿيو.

پاڪستاني فلمن جي گانن ۾ نورجهان جو ” چٺي ذرا سيان جي ڪي نام لکدي، حال ميري دل ڪا تمام لکدي“، احمد رشدي جا ڳايل ” جان تمنا خط هي تمهارا، پيار ڀرا افسانا، دل لي لو نذرانا“ ۽ ”لکي پڙهي هوتي اگر، تو تم ڪو خط لکتي“، ناهيد اختر جو ڳايل ” ميري محبوب ڪا آيا هي محبت ناما“ ۽ هندوستاني فلمي گانن ۾ محمد رفيق جو ڳايل ” لکي جو خط تيرا خط ملا، خط ۾ توني لکني ڪو لکا، خط سي پهلي مين آگئي“ لتا جو گانو” ڪبوتر جا…جا، ڪبوتر جا، پهلي پيار ڪي پهلي چٺي، ساجن ڪو دي آ. ڪبوتر جا جا“ ڏاڍا سندر ۽ وڻندڙ گانا هيا.

***

ٽپال کاتي ۾ نوڪري به پنهنجي ابتدائي عمر ۾ دنيا جي ناميارن ماڻهن ڪئي. دنيا جي نامياري سائنسدان آئن اسٽائين ٽپال کاتي ۾ نوڪري ڪئي. هو گڻائتو انسان هو. جڏهن جپان جي شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي مٿان آئٽم بم اڇلايا ويا هيا، ته آئن اسٽائن روئي ويٺو هو ۽ چيو هيائين: ”ڪاش! مان سائنسدان بدران موچي هجان ها.“

ترڪيءَ جو مشهور ناول نويس يشر ڪمال ڪرد هو. هن جا ناول ترڪيءَ جا وزيراعظم لڪي پڙهندا هيا. پنهنجي وهاڻي هيٺان رکندا هيا. ان به ٽپال گهر ۾ نوڪري ڪئي. هندوستان جي نامياري اداڪار ديوآنند به لفافن مٿان ٺپا هنيا. اردو جو وڏو هو. جنهن چيو هو : ” اسان عورت جي بدن تي ته قبضو ڪري سگهون ٿا، روحَ تي نه.“

راجندر سنگهه بيدي جو ٺاهوڪو ناول ” اڪ چادر ميلي سي“ سنڌيءَ ۾ نامياري ليکڪ لڇمڻ ڪومل ترجمو ڪيو هو. اهو ”ميري چادر“ جي نالي سان هند، سنڌ ۾ ڇپيو هو. ناول کي اداڪاره سنگيتا فلم ” مٺي ڀر چاول“ سٺي ٺاهي هئي، پر ڏسڻ وارو ڪوبه نه هو. ٺپ فلاپ ٿي وئي هئي. مائيءَ جا پئسا ئي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا هيا.

***

اشرف علي مون کي اوطاق ۾ ٿانيڪو ڪري، پاڻ ٻچن سان ملڻ ماني ٽڪيءَ جو بلو ڪرڻ ۽ پنهنجو سفر وارو ٿيلهو رکڻ لاءِ پنهنجي گهر ويو. اوطاق کان گهر ڪپڙي  جي هڪ ٿانَ جيتري مفاصلي تي هو.

***

کائڻ واري کان وڌيڪ کارائڻ وارو وڏو ماڻهو هوندو آهي.

هڪڙي ڀيري حضرت موسيٰ، ڌڻي سڳوري کان پڇيو : ” منهنجا مالڪَ! اهو ته ٻڌاءِ، جڏهن تون خوش هوندو آهين، تڏهن ڇا ڪندو آهين؟“  ڌڻي سڳوري وراڻيس : مان مينهن وسائيندو آهيان.“ وري پڇيائينس : ” اڃا وڌيڪ خوش هجين ته پوءِ؟“ چيائينس: ” مان گهرن ۾ ڌيئرون  پيدا ڪندو آهيان.“

حضرت موسيٰ پڇاڙيءَ ۾ پڇيس : ” تمام گهڻو خوش هجين، ڪنهن تي راضي ٿئين ته ڇا ڪندو آهين؟“

ڌڻي سڳوري ورندي ڏيندي چيس : ” اي موسيٰ مان تمام گهڻو خوش هجان ڪنهن مٿان راضي ٿيان، ته انجي گهر مهمان موڪليندو آهيان.“

اڄ اشرف علي سمون مٿان ربّ راضي ٿيو هو. مون جهڙو سهڻو سيبتو، شڪارپوري شهزادو مهمان ڪري موڪليو هيائين. ڌڻي سڳورو تمام گهڻو خوش، اشرف علي به چڱو خوش. مان به ڏاڍو خوش.

***

مان سگريٽ دکائي، ڪرسيءَ تي مغل اعظم بڻجي ويهي رهيم. ڀت تي لڳل گهڙيال خون ٿي ويل ماڻهوءَ جي دل وانگر بند هئو. ان جي هيٺان پراڻو ڪئلينڊر ٽنگيل هو. ان ۾ اسلام آباد واري شاهه فيصل مسجد جي تصوير هئي.

2006ع ۾ برطانيا جو وزيراعظم ٽوني بليئر پاڪستان آيو. ان جي شيڊول ۾ شاهه فيصل مسجد جو ديدار شامل هو. فرنگيءَ ڪري ان ڏينهن ٽي پهريءَ جي ٻانگ به ڪونه ملي، ته نماز به نه پڙهي وئي. فيصل مسجد اندلس جي قرطبه مسجد بڻيل هئي. جنهن ۾ شاعر مشرق علامه اقبال ئي نماز پڙهڻ کان محروم رهيو هو. هن ڏک مئون پوءِ نظم ”مسجد قرطبه“ لکيو هو.

***

سگريٽ پورو ٿيو، اشرف علي پنهنجي مربي پٽن ڄام اختر علي ۽ اصغر عليءَ سان گڏجي آيو ماني به ساڻ هين. هن جا فرزند مون سان ادب ۽ احترام سان ائين مليا، ڄڻ مريد سڳورا پير صاحب پاڳاري سان ملندا هجن.

ڪڻڪ جي مانيءَ تي ٿر جي سوادي ڀاڄي هئي. ماني کائڻ کانپوءِ، مٿان کير وٽو پيتم ته ويرُ بڻجي ويم. ڏند زور وٺي، سٺا سهڻا ٿي ويا.

اشرف علي مانيءَ کانپوءِ پنهنجي نينگرن سوڌو وڃي گهر آرامي ٿيو.

***

مان ٻاهر اچي ڪري، دروازي جو اندران ڪڙو ڏئي، اڱڻ ۾ بيهي اڀ ڏانهن نهاريو. منهنجي من وانگر هڪ ٽٽل ستارو آسمان تي اڻپورو هو.

رات ڪنهن سوار وانگر هلڻ لڳي. مان کٽ تي سمهي، مٿان سوڙ پائي، ڪنهن راهب وانگر جي ٻانهن جا خواب ڏسڻ لڳم، ته ننڊ اچي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے