24 سومر , سيپٽمبر 2018

هيرو آهوجا- هر قسم جي ڄاڻ هئڻ سان گڏوگڏ شاندار شخصيت جو مالڪ!:ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

24 سيپٽمبر 2010ع تي آءٌ جاپان جو دورو پورو ڪندي ممبئيءَ موٽي آيس. خبر پيئي ته منهنجي نياڻي ورشا پنهنجي فيانسي، ڪمار آهوجا جي خواهش جي مدِ نظر ’اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بينڪ‘ مان پنهنجي سروس ئي ڇڏي ڏني هئي. فطرتاً مونکي ڪجهه جهٽڪو ته لڳو، پر سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ’ڌيءَ پرائو ڌڻ هوندي آهي!‘؛ ان لاءِ آءٌ پنهنجا شخصي رايا ته مٿن مڙهي به نه پئي سگهيس. بهرحال ٻه مهينا پوءِ 30- نومبر 2010ع تي هنن جي شادي جيئن ته اڳواٽ ئي طئه ڪيل هئي ته اسين ان لاءِ تيارين کي لڳي وياسين.

اسان وٽ الهاس نگر ۾ رواج آهي ته ويڏي (نڪاح) واري رسم جو سمورو خرچ ڪنواريتن تي هوندو آهي؛ پر رسيپشن لاءِ ٻيئي ڌريون خرچ جو اڌو اڌ ڪري ڀرينديون آهن. ان لاءِ اسان ٽنهي ڀائرن کي به پنهنجي سيڻن توڙي نياڻي ڪمار آهوجا ۽ انجي وڏي ڀاءُ هيرو آهوجا تي مڪمل اعتماد هئو؛ ته اهي هر ڳالهه برابر ئي ڪندا. ان لاءِ اسين سڀ ڪجهه ڪمار جي وڏي ڀاءُ هيرو آهوجا تي ڇڏيو، جنهن جي مختلف هوٽلن سان واقفيت هئي ته هر قسم جي ڄاڻ به رکندڙ هئو.

آءٌ ممبئيءَ پهچي پنهنجي جاپان واري ميزبان، ماميا ڪينساڪوُ توڙي تمام شاگردن جو شڪريو بجا آندو ؛ جن مونکي پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ ڏني هئي. ان سان گڏوگڏ مون اتي کين پنهنجي  نياڻي جي شاديءَ لاءِ دعوت ڏني هئي ۽ هتان به ٻيهر پنهنجي دعوت کي دهرايو. جيتوڻيڪ هنن جو خاص شاديءَ لاءِ سيڙجي اچڻ ته ڪجهه ڪجهه ڏکيو هئو؛ پر هنن جاپاني ماڻهن هڪ ڳالهه ڏاڍي سٺي ڪيئي، جو انهن گڏجي ڪري منهنجي نياڻي ورشا کي زندگي جي هڪ نئين اننگ شروع ڪرڻ لاءِ پنهنجي نيڪ تمنائن جو اظهار ۽ دعا جا ڪجهه لفظ سنڌيءَ ۾ لکي موڪليا هئا. هڪ بهترين فولڊر ۾ اهو ليٽر هنن رومن سنڌيءَ ۾ ٽائيپ ڪري موڪليو هئو ۽ پنهنجا سڀ نالا پڻ لکيا هئا. منهنجي لاءِ ته اها هڪ انوکي ۽ بهترين سوکڙي هئي!

30- نومبر 2010ع تي منهنجي نياڻي ورشا جي ويڏي (نڪاح) جي رسم هوٽل ميوُر، الهاس نگر جي هڪ هال ۾ رکي ويئي. اسان وٽ جيڪي ٻاهريان مهمان آيل هئا؛ انهن مان پڻ ڪيترا ته اسان ان ساڳئي هوٽل ۾ ئي رهايا هئاسين. پر اُتي وڌيڪ رومس ڪونه ملي سگهيا، ته ڪجهه مهمان واري ’هوٽل جواهر‘ ۾ پڻ رهايا هئاسين.. خوشيءَ جي ڳالهه اها هئي ته لنڊن مان ڀيڻ گيتا ۽ راج ڏاسواڻي پڻ خاص ورشا جي شاديءَ لاءِ آيل هئا. انهن کي اسين ’هوٽل جواهر‘ ۾ رهايو هئوسين.

اندور مان اسان جا ناناڻا ۽ لاڙڪاڻي وارو جهونو دوست، ڊاڪٽر ارجن بدلاڻي پڻ آيل هئو. ميوُر هوٽل ۾ ويڏيءَ جي رسم لاءِ اسين سڀ اڳواٽ ئي پهچي چڪا هئاسين. گهوٽ وارا جڏهن سرگس ڪڍندا اُتي پهتا.انهن ڏينهن ۾ هڪ رسم هلي هئي ته گهوٽ ڪار مان لهندو ئي ڪونه هئو؛ جيسين پهرين ان جا دوست ڪنوار پيءُ کان ڪجهه خرچي ڪونه وٺندا هئا. خرچيءَ جو به ڪو ڪاٿو ئي ڪونه هوندو هئو. هنن مون کان هڪ لک روپيا پئي گهريا. مون کي وري پنهنجي نياڻي جي وڏي ڀاءُ هيرو آهوجا ۾ ڏاڍو اعتماد هئو. مون ان کي هڪ سائيڊ ۾ وٺي وڃي ته چيو، آءٌ هنن سان ڪونه پڄي سگهندس! پر هوُ همراه ايڏو ته نيڪ انسان  هئو؛ جو بلڪل منهنجي پٽ جيان مسئلو سنڀاليندي مون کان صرف چند روپيه ئي سنوڻ خاطر انهن کي ڏياريا ۽ پنهنجو پاڻيهي هرهڪ ڳالهه سلجهندي ويئي.!

ان سڀ ۾ مونکي پنهنجي سيڻ، سائين نند لال آهوجا جي به ساراه ڪرڻي پوندي. هن پنهنجي ٻارڙن ۾ اهڙا ته بهترين سنسڪار ڀريا هئا؛ جو هنن جي وجود کان ٻين جو ڀلو ئي ٿيڻو هئو. نندلال آهوجا پاڻ توڙي ڪمار جي والده پڻ بيحد نيڪ شخصيت  جا مالڪ هئا ۽ اسان کي ڪابه تڪليف ڪانه پئي ڏني ويئي.

’هوٽل ميوُر‘ ۾ منجهند جي لنچ ۽ شام جو ناشتو به رکيو ويو هئو؛ جو ان مهل ئي ويڏيءَ جو ٽائيم مليل هئو. دوستن ۽ احبابن به اسان کي ڏاڍي عزت ڏني ۽ هال تقريباً مهمانن سان ڀريو ئي پيو هئو. تڏهن الهاس نگر جو ان مهل وارو صوبائي اسيمبلي ميمبر، ڪمار آئلاڻي  به هئو ته اڳيون بزرگ ايم.ايل.اي. دادا سيتلداس هرچنداڻي  به آشيرواد ڪرڻ آيو هئو.

شام جو ويڏيءَ جي رسم پوري ٿي ته اسين پنهنجي نياڻي جي وداعي ڪندي ادا پريم ۽ ڀاءُ منوهر جي گهر موٽي آياسين. جوائنٽ فيميلي سبب اسين ته پاڻ به ڪيترن ڏينهن کان اتي الهاس نگر ۾ ئي رهيل هئاسين.

اندور کان آيل ڊاڪٽر ارجن بدلاڻيءَ کي ممبئيءَ پنهنجي پٽ ڏانهن وڃڻو هئو ته آءُ وڃي کيس ڀر واري  ريلوي اسٽيشن،’شهد‘ تي ڇڏي آيس. هڪ دفعو سائينءَ جي مهر سان ويڏيءَ جي رسم ۽ وداعي ٿي ويئي هئي، ته آءٌ ڄڻ پاڻ کي ڪافي هلڪو هلڪو محسوس ڪري رهيو هوس. هينئر ڄڻ مون کي ڪنهن به قسم جو ڪو ٽينشن ئي ڪونه هئو. جيتوڻيڪ اڃا به هڪ وڏو پروگرام ايندڙ  ڏينهن ڌ ’ريجنسي هال‘ ۾ رسيپشن پارٽي هئي؛ پر ان جو سمورو بار ڪمار جي وڏي ڀاءُ هيرو آهوجا پاڻ تي کنيو هئو ۽ اسان کي صرف بل جو اڌ ڀرڻو هئو. ان کان سواءِ منهنجا سيڻ به بيحد نيڪ انسان هئا ته ان سبب به ڪجهه ٽينشن گهٽ ئي هئو.

ايندڙ ڏينهن 1-ڊسمبر 2010ع تي الهاس نگر جي ’ريجنسي هال‘ واري کليل ميدان ۾ بهترين ڊيڪوريشن ڪرائي ويئي هئي. منهنجي دل خوش پئي ٿي. آءٌ ته مهل کان اڳ ئي هال تي پهچي ويو هوس؛ جو ممبئيءَ جا ڪيترائي مهمان اچڻا هئا، جيڪي بلڪل ٽائيم تي ئي ايندا آهن. رام جوهراڻي ۽ رنجيت بٽاڻي صاحب به آيا، ته رام لالچنداڻيءَ جي گهر جا ڪيترائي ڀاتي ۽ اجيت منيال به آيو. اهم ڳالهه اها هئي ته دادا چندر ٺڪر(ريڪو اپلائنسز جو مالڪ) جيڪو هر روز پابنديءَ سان گهر ۾ 8:00 بجي شام جو سمهي به پوندو هئو، اهو پڻ ان ڏينهن پنهنجو اصول ٽوڙي پنهنجي شريڪِ حيات کي به ان رسيپشن تي وٺي آيو هئو!

ڌڻي سائينءَ جي مهر سان سمورو ڪارج سک سان ٿي چڪو؛ بعد ۾ ورشا ۽ ڪمار جيئن ته اڳواٽ ئي فلائيٽ بوڪنگ ڪرائي ڇڏي هئي ته اُهي هني مون لاءِ 4 – ڊسمبر 2010ع تي پهرين ڪولالمپور(ملائيشيا) نڪري ويا؛ جتي هنن ’جينٽنگ‘ واري هل اسٽيشن ڏٺي ۽ پوءِ سنگاپور پهچي ڪروز ۾ ٿائلنڊ مان پينانگ ۽ فڪيٽ مان به ٿي آيا. رب جي مهر سان اُهي 16- ڊسمبر 2010ع تي جڏهن واپس سهار انٽرنيشنل ايئرپورٽ، ممبئيءَ پهتا ته اسين انهن سان اُتي ملڻ ويا هئاسين؛ جيتوڻيڪ هوُ صرف اسان سان ملي ڪري حالي احوالي ٿي سڌو الهاس نگر پنهنجي گهر ئي نڪري ويا!

جئه هند ڪاليج، ممبئيءَ جو اڳوڻو پرنسپال، نانڪ شوداساڻي؛جنهن کي اسين ’اين.ڊبليو.شوداساڻي‘ ڪري چوندا هئاسين؛ اهو بعد ۾ مئنيجمينٽ طرفان  ڪاليج جو انتطام سنڀالڻ لاءِ ڊئريڪٽر ۽ مئنيجمينٽ سيڪريٽري پڻ بڻيو هئو. آءٌ فيبروري 1994ع ۾ جئه هند ڪاليج ڇڏيندي بمبئي يونيورسٽيءَ آيو هوس. تڏهن مون ’سنڌي سرڪل‘ جو آخري پروگرام ڊسمبر 1993ع ۾ ڪيو هئو. مون کانپوءِ جيتوڻيڪ جئه هند ڪاليج ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ ته هلندو رهيو؛ پر سنڌي سرڪل طرفان ڪلچرل پروگرام ٿيڻ بند ٿي ويا هئا. انهن کي وري زنده جاويد بڻائڻ لاءِ پروفيسر نانڪ شوداساڻيءَ جو ڀرپور رول رهيو ؛  جڏهن هن 26- اپريل 2008ع تي ٻيهر’سنڌي سرڪل‘ ۾ روح ڦوڪڻ لاءِ هڪ ايڊوائزري ڪاميٽي ٺاهيندي مونکي به ان تي نامزد ڪيو. جئه هند ڪاليج ۾ هڪ ميٽنگ رکي ويئي، ته ڪيئن ان کي ٻيهر Revive ڪجي مون هنن جي سڏايل ميٽنگ ۾ شوداساڻي صاحب کي پنهنجي طرفان ڀرپور ساٿ جي پڪ ڏني. هاڻ ’سنڌي سرڪل‘ جي پريزيڊنٽ جون جوابداريون شوداساڻي صاحب پاڻ سنڀالڻ لاءِ تيار هئو؛ جڏهن ته باقي تمام ٻوليائي ايسوسئيشن لاءِ ’پريزيڊنٽ‘ ، ڪاليج پرنسپال ئي هوندو آهي.

هتي وري پرنسپال کي’سندس سرڪل’ لاءِ  چيئرپرسن بڻايو ويو هئو؛ جڏهن ته اها جوابداري عام طور هر اُن مخصوص ٻوليءَ جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ تي هوندي آهي. پر هاڻ جو ڪيترن ئي سالن کان ’سنڌي سرڪل‘ ڪجهه نه ڪري سگهي هئي ته شوداساڻي صاحب پاڻ ان جي جوابداري کڻندي مئنيجمينٽ جي جوائنٽ سيڪريٽري، پروفيسر مايا ميرپوري کي ’سنڌي سرڪل‘ جو سيڪريٽري بڻايو ۽ ڪاليج ۾ ڪم ڪندڙ سنڌيءَ جي ليڪچرر ڪاجل رامچنداڻيءَ کي جوائنٽ سيڪريٽريءَ جي جوابداري سونپي هئي. انهن سڀني سان گڏ مون کي ۽ پروفيسر موهني  ڊائس، پروفيسر جيوتي ٺڪر، پروفيسر چمپا واڌواڻي ۽ ڪجهه ٻين سنڌي پروفيسرس کي به ان ڪاميٽيءَ تي رکيو هئو؛ جيڪي ڀل ٻيا سبجيڪٽ پڙهائيندر هئا، پر پاڻ سنڌي هئا. تڏهن هنن 26 اپريل 2008ع تي اهڙو ’افتتاحي پروگرام‘ رکيو هئو.

هينئر ’سنڌي سرڪل‘ ممبئيءَ جي هڪ بزنس مين نانڪ روپاڻيءَ کان اسپانسر شپ وٺندي ان جي سماجي تنظيم ’پريه درشني اڪاڊمي‘ سان گڏ 12-فيبروري 2011ع تي انيلا سندر جي هڪ نئين ٺاهيل بئلي ’ زال… ڪڏهن زير ڪڏهن زبر!‘ جو اهتمام ڪيو هئو. ان لاءِ پرنسپال شوداساڻي صاحب ايل.ڪي.آڏواڻيءَ کي مکيه مهمان طور شرڪت ڪرڻ لاءِ مڃائڻ ۾ ڪامياب ويو هئو ۽ ان سان گڏ  سندس نياڻي پرتيڀا آڏواڻي به مهمان خصوصي طور اچڻا هئا.

جئه هند ڪاليج جي پرنسپال ڪيرتي نارائڻ، جيڪا ڪجهه سال اڳ هتي اچڻ کان اڳ هانگ ڪانگ ۾ رهندي هئي  ۽ اُتي پڻ سنڌين سان هن جا سٺا تعلقات هئا. اها بيحد کُلئي دل جي مالڪ هئي ۽ ’سنڌي سرڪل‘ کي ’چيئرپرسن‘ طور هر ممڪن سپورٽ ڏيندي رهندي هئي. ان فنڪشن کان اڳ ڪاليج مئنيجمينٽ ۾ ٿوري تبديلي آئي هئي ۽ پروفيسر نانڪ شوداساڻي صاحب جئه هند ڪاليج لاءِ ’ڊئريڪٽر‘ جي جوابدارين تان دستبردار ٿيندي پاڻ لاءِ صرف مئنيجمينٽ جي ’سيڪريٽري‘ جي پوسٽ ئي رکي هئي. هاڻ ڪاليج لاءِ ’ڊئريڪٽر‘ جي جاءِ تي ’انڊين نيوي‘ مان رٽائرڊ ڪموڊور موهن گدواڻي اچي ڪري پنهنجون جوابداريون سنڀالي چڪو هئو.

12- فيبروري 2011ع واري پروگرام کان اڳ شوداساڻي صاحب سنڌي سرڪل ايڊوائزري ڪاميٽيءَ جي جيڪا ميٽنگ سڏائي؛ ان ۾ ڪموڊور موهن گدواڻيءَ به شرڪت ڪيئي. هنن پروگرام لاءِ ڪمپيئرنگ جي جوابداري منهنجي مٿان رکي ۽ باقي گهڻو انتظام به ڪموڊور ئي ڏسي رهيو هئو. پوءِ به اهو سڀ ڪجهه پروفيسر شوداساڻيءَ جي ’سنڌي سرڪل‘ سان وفاداريءَ سبب ئي ٿي رهيو هئو.

ممبئيءَ ۾ قيام پذير ايل.ڪي.آڏواڻيءَ جو سالو، ڀاءُ جڳتياڻي رهندڙ آهي؛ جيڪو پنهنجي شريڪ حيات لتا جڳتياڻيءَ معرفت مونکي پڻ سٺي عزت ڏيندو آهي. اسين’سنڌي شان‘ انگريزي مخزن لاءِ پنهنجا مضمون لکندا هئاسين ته اتي ڀيڻ لتا جڳتياڻي به ڪڏهن ڪجهه مضمون موڪليندي هئي ته ان سبب هوءَ مونکي سٺي عزت ڏيندي هئي. ڀاءُ جڳتياڻيءَ مونکي چوائي موڪليو ۽  هو مونکي بمبئيءَ ۾ ايل.ڪي.آڏواڻيءَ سان صحيح نموني متعارف ڪرائيندو. جيتوڻيڪ آءٌ اڳ به 2003ع ۾ جڏهن آڏواڻي صاحب هندوستان جو وزيرداخلا ۽ ڊپٽي پرائيم منسٽر هئو. ته آءٌ سندس دهليءَ واري گهر ۾ هڪ پروگرام  جي ڪمپيئرنگ ڪري چڪو هوس؛ پر هينئر جڳتياڻي صاحب چئي رهيو هئو ته اها ان جي ڀلمانسائي هئي.

12- فبروري 2010ع تي جڏهن سنڌي سرڪل وارو پروگرام ’جئه هند ڪاليج‘ آڊيٽوريم ۾ ٿيڻ وارو هئو، ته هال وقت کان اڳ ئي ڀرجي چڪو هئو. تمام حاضرين کي پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ هاءِ ٽي ڏني ويئي هئي. اسين ’سنڌي سرڪل‘ جا ايدوائزري ميمبرس پروفيسر شوداساڻي سميت ڪاليج جي گيٽ تي ايل.ڪي.آڏواڻي صاحب جي مرحبا لاءِ بيٺل هئاسين. هن جي ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرڻ توڙي ڪاليج پهچڻ تائين هر هر ٻڌايو پئي ويو ته هينئر اُهي ڪٿي پهتا آهن. پوءِ جڏهن اهي سچ پچ ڪاليج جي دروازي تي پهتا ته تاڙين جا ڦهڪا پئجي ويا. هنن کي سڌو ئي مٿي چوٿين ماڙي واري بورڊ روم ۾ رفريشمينٽ ڪرائڻ لاءِ وٺي ويا. اسان کي به اُتي هلڻ لاءِ چيو ويو هئو، ان لاءِ اسين به مٿي وڃي ان سان گڏ ريفريشمنيٽ ڪيئي. جڳتياڻي صاحب معرفت مون آڏواڻي صاحب کي ادا پريم جو ڪتاب  ‘The Indus Empire’ (History of Sindh) ڏنو ۽ کيس ٻڌايو ته يونيورسٽيءَ طرفان ادا پريم خاص طور غير جانبدرانه اڀياس ڪندي اهو ڪتاب تحرير ڪيو هئو.

فنڪشن ۾ حيدرآباد (سنڌ) ’نيشنل ڪالجيئيٽ بورڊ جو پريزيڊنٽ، نرنجن هيراننداڻي به آيل هئو ته اهو پڻ مونکي سٺي عزت ڏيئي رهيو هئو. سنڌي سرڪل طرفان سيڪريٽري مايا ميرپوري حاضرين جو سواڳت ڪيو. بعد ۾ مون جڏهن ڪمپيئرنگ ڪندي ايل.ڪي.آڏواڻيءَ کي مٿي منچ تي اچي ڳالهائڻ لاءِ عرض ڪيو ته پرنسپال نانڪ، شوداساڻي ۽  ايل.ڪي.آڏواڻيءَ جي  تقرير محفل ۾ رنگ آڻي ڇڏيو. شڪر ادائيءَ جي رسم، جوائنٽ سيڪريٽري ڪاجل رامچنداڻيءَ طرفان ادا ڪيئي ويئي. اهم ڳالهه اها هئي ته آڏواڻي صاحب، انيلام سندر جو  ٿورو ئي بئلي ڏسي جڏهن وڃڻ تي هئو ته انيلا سندر جي خواهش تي پوءِ هن پورو ٽائيم آڊيٽوريم ۾ ويهندي اهو سمورو ئي بئلي ڏٺو!

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليلا خالد: تاريخ جو بهادر ڪردار:حميده گهانگهرو

اها چوڻي مشهور آهي ته عورت نفيس، نازڪ، ڪمزور دل ۽ هيڻي هوندي آهي، اهو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے