19 اربع , سيپٽمبر 2018

رپورٽ : جسقم آريسر قومي اشوز تي ڀٽ شاھ کان ڪراچيِءَ تائين لانگ مارچ شروع ڪري ڇڏيو

ناظرين

لنڪ: سنڌ جي 6 اهم مسئلن تي جسقم آريسر گروپ پاران ڀٽ شاهه کان ڪراچي تائين لانگ مارچ جي شروعات ڪئي وئي آهي، وڌيڪ ڏسون ٿا ڀٽ شاهه مان عوامي آواز ٽي وي جي رپورٽر ………..هن رپورٽ ۾ ……………………

سنڌ مان قومي ، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن سميت  اديبن، ۽ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن جي جبري گم شدگين ۽ سنڌ سان ناانصافي خلاف جسقم آريسر گروپ پاران  پيادل مارچ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي…………..

هزارين ڪارڪنن ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڊاڪٽر مير عالم مري، امير آزاد پنھور، سرمد ميراڻي، صالح آريسر، ھوشو پنھور، اسلم خير پوري، ھاشم کوسو جي اڳواڻي ۾ درگاھ شاھ لطيف ۽ شيخ اياز جي مزارن تي گلن جون چادرون چاڙھي پيادل مارچ جي شروعات ڪئي

انھي موقعي تي پيادل مارچ جي اڳواڻن ميڊيا قومي مسئلن تي عوامي راءِ کي ھموار ڪرڻ ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي جدوجھدکي سگھاروڪرڻ لاءِ ڀٽ شاھ کان ڪراچي تائين پيادل سنڌ مارچ شروع ڪيو آھي جيڪو سنڌي شاگردن جي جدو جھد وارِ ڏھاڙي 4 مارچ تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪنداسين

هنن چيو ته رياستيادارن قومي ڪارڪنن کي کڀي گم ڪري قومي جدو جهد کي ڪمزو ڪرڻ گھرن ٿا انھن چيو رياستي ادار سنڌ جي بي گناھ نوجوانن کي کنڀي قتل ڪري رھيا آھن ڪيترن  گهرن کي ويران ڪري ڇڏيو آھي

هنن عالمي دنيا، انساني حقن جي تنظيمن ۽ چيف ۽ ٻين کان سنڌ مان کڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد  ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ……………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے