18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه

جهوني جوڳيءَ ٿڏو ساهه کڻندي چيو ته ”جنين ڪاڻ مياس، سي ڪانڌي به ڪونه ٿيا“ چوڌري نثار ٿو چئي ته آئون مريم نواز کي ميڊم يا سر چئي سندس ماتحت ڪم نه ڪندس، بلڪه هن جو اهو چوڻ ته ان خيال جا ٻيا به کوڙ ساٿي پارٽي ۾ موجود آهن ۽ اسان پارٽي اندر انهن اختلافن تي بحث ڪنداسين. هن جي هم خيالن ۾ شهباز شريف ۽ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي به شامل آهن، هن هڪ ٻيو به اشارو ڏنو آهي ته هن ملڪ ۾ انقلاب صرف ذوالفقار علي ڀٽي ڏنو، هن عوام کي زبان ڏني، جنهن مان لڳي ٿو ته هيءُ ۽ سندس ساٿي به پ پ سان به ٺهي سگهن ٿا. حالانڪه ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پ پ ۽ زرداري صاحب خلاف گذريل ۽ موجوده دور ۾ جيڪا زبان نواز شريف ۽ شهباز شريف استعمال ڪري رهيا آهن، اهڙي زبان چوڌري نثار ڪڏهن به استعمال نه ڪئي، ۽ هو کلم کلا چئي پيو ته هو شهباز شريف سان گڏ ڪم ڪري سگهي ٿو، پر مريم نواز سان هرگز نه، ۽ هن اها به ڌمڪي ڏني ته هن کي مجبور ڪيو ويو ته هو وڪي ليڪ واري راز تان به پردو کڻندو، جنهن مان ظاهر آهي ته ڪجهه هفتن ۾ ن ليگ ۽ نواز شريف جو لغڙ ڪاٽا ٿيڻ وارو آهي، ۽ هاڻ نواز شريف واقعي مڪمل نااهل ٿيڻ وارو آهي. ججن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ، شنوائين تي نه اچڻ، بغاوت ڪري جيل وڃڻ جي تياري ڪري چڪو آهي، پر پنهنجي ڀاءُ ۽ چوڌري نثار کي وزيراعظم ٿيڻ ۽ پارٽي قيادت ڏيڻ بدران هو صرف مريم نواز کي ئي قيادت ڏيڻ جي حق ۾ ضد ڪري، پنهنجو ۽ ن ليگ جو خاتمو ڪرڻ طرف وڌي رهيو آهي، ۽ اسٽيبلشمنٽ به اهوئي چاهي ٿي ته هي پنهنجي غلطين سان ئي پنهنجو انت آڻي.“

ڪامريڊ سليم چيو ته “اهوئي حشر اسانجي ايم ڪيو ايم جو ٿي رهيو آهي، سينيٽ جي ٽڪيٽن تان جيڪو جهيڙو ٽسوري جي نالي ۾ شروع ٿيو، ۽ رابطه ڪميٽي اليڪشن ڪميشن کي خط لکي فاروق ستار جا هٿ وڍڻ جي ڪوشش ڪئي، تنهن مان ته ادارن جي نيت ظاهر ٿي وئي، في الحال فاروق ستار جي هٿن جي مرهم پٽي ڪري، وري کيس ٽنگو ٻڌي، ڪرسيءَ تي ويهاري ڇڏيو آهي، پر ادارن جا اهي پتلي تماشا عوام کي صاف صاف سمجهڻ ۾ اچڻ لڳا آهن، پر ياد رکجو ايم ڪيو ايم جا ميمبر ادارن سان وڏا وعدا ڪندا، پر اليڪشن رات، الطاف جو هڪڙو فون ايندو، ته پوءِ نتيجا سڀني جي سامهون اچي ويندا، پر اڪثريت ۾ اڄ به طاقت الطاف جي آهي، ڇو ته خوش حال ميمبر کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ملڪيت به پياري هوندي آهي، ان ڪري ممڪن آهي ته ادارا ان اليڪشن کي ئي ملتوي ڪن، جو ميمبرن جو ريٽ پنجاهه ڪروڙن تائين وڃي پهتو آهي، زرداري ٻروچ آهي، رومال هيٺيان آڱرين جي زبان ۾ مال جو سودو ڪندو آهي، امام الدين شوقين پير پاڳاري کي ڇڏي، هڪڙي هفتي ۾ پ پ کي ايڏو پيارو ٿيو، جو ”نه اڳلا نه پڇلا، وارا چاڳيا وچلا“ ڪروڙين پارٽيءَ لاءِ خرچ ڪندڙ پير، مير، سردار، مستحقين ڇڏي، سانگهڙ ضلعو پير پاڳاري کان کسي ڏيندڙ جوڻيجن جي وڏي مخالفت سرمائيڪار ۽ سنڌ جي مهاجر بزنس ۾ پولي جوس ۽ پاپولر انڊسٽريءَ جي مالڪ کي پ پ جا چونڊيل غيرتي وڏيرا منهن خراب ڪري ووٽ به ڏيئي ويندا، پر اصل حقيقت الطاف سان ٺاهه ڪري، ۽ ان کان مدد حاصل ڪري، سينيٽ جي سيٽ پ پ کي ڏيارڻ جي به گيم ڏسڻ ۾ پئي اچي، ذاتيون ڏکاريون ڪونه ڪبيون پر ڳالهه ته چٽي ٿي ويئي، “چانڊيا چور، مگسي شاهد” سنڌ جو پهاڪو آهي.“

مواليءَ چڙندي چيو ته “ڪامريڊ… ڪوڙا ليڊر، ڪوڙا نظريا کڻي، انگريزن جي سازشن سان هندوستان، توڙي هت آيا ۽ وري پاڪستان ٽوڙي، هندستان وڃڻ ٿا چاهيو ڇا…؟ نه اٿائون قوم پرستي، نه وطن پرستي، بلڪه ڦرلٽ ۽ ڀتا خوري، ڀائي لوگ جي زبان ۽ دهشت توهان بي وطنن جو ڌرم ايمان آهي، انساني خون ۽ جيئرو انسان ساڙڻ جا مقدما پيا هلن، توهان جيئن ته انگريز مڙهيا ۽ پاڪستان جي اعليٰ زرخير فصل توهان مڪڙن سان ڀيل ڪرائي، ته اڄ تائين ٻولي واري بل کان وٺي، انهن نفرتن جو درياءُ سڄي سنڌ کي لوڙهي رهيو آهي، سنڌين ۽ پ پ کي اوهان ڦريو لٽيو آهي، جيتريون نوڪريون ۽ فنڊ اوهان حاصل ڪيا، اوترن جي اڌ جيترا به ڌرتي ڌڻين کي نه نصيب ٿيا آهن. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ادارن اڳئين دور ۾ اوهانکي پ پ جو اڌ حصو فنڊن، اسڪيمن ۽ نوڪرين جي ڪوٽا جي نالي م اوهان کاڌا، ۽ اڄ به جيڪڏهن بلوچن ميمبرن لاءِ ريٽ پنجاهه ڪروڙ پيو هلي، ته پوءِ سنڌ ۾ به ذري گهٽ ان جي لڳ ڀڳ هلندا هوندا، ۽ ڏوڪڙ وٺڻ کان پوءِ وفاق ۽ صوبي جي حڪومت سان اوهانجي سياسي واپار جي ڏيتي ليتي هلندي رهندي، شهيدن جي پارٽي قيامت تائين قائم رهندي، ڦورو ڦر ڪري ڀڄي ويندا آهن، الطاف ڀڄي وڃي لنڊن وسائي، پر پ پ جا اصل وارث بلاول ۽ آصف زرداري نه، بلڪه سنڌ جو عوام آهي ۽ رهندو، ۽ شهيدن جو نظريو سنڌ رياست کي دنيا جي نقشي تي نروار رکندو ايندو، هيءَ پيرن فقيرن جي سنڌڙي سونهاري، سدائين ڀاڳ واري رهندي، توهانجو نئون نسل ايندڙ دور ۾ سنڌي سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو، ته سنڌي ويچارا وري انهن کي وري به جيءَ ۾ جايون ڏيندا. ن ليگ جو نثار چوڌري پاڻ کان عمر ۾ ننڍو هئڻ ڪري، مريم نواز کي پنهنجو ليڊر مڃڻ لاءِ تيار نه آهي، جڏهن ته بلاول مريم کان به ننڍڙو نوجوان آهي، پر پوءِ به سڄي پاڪستان جي سموري جهوني ۽ جوان قيادت، کيس پنهنجو ليڊر ۽ بينظير ۽ پ پ جو وارث قبول ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪري رهيا آهن، اهو اعتزار حسين هجي يا خورشيد شاهه، سڀ عام ڪارڪنن وانگر پارٽيءَ جا جيالا ٿي رهڻ ۾ به فخر ٿا محسوس ڪن، ۽ خدا ڪندو ته عمران خان، الطاف حسين ۽ ن ليگ نظرن مان ڪريل ليڊر، ۽ پارٽيون ٿي وينديون، ۽ پ پ هڪ دفعو وري بلاول جي نوجوان قيادت ۾، ملڪ جي نوجوانن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻي، پارٽيءَ کي ڪامياب ڪري ويندا.”

تڏهن مون چيو ته ” ادا… ايم ڪيو ايم کي پنهنجن ئي هميشه لاءِ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، آيو فاروق آئوٽ، منير صديقي آئوٽ، فاروق ستار واري ڏنل آئين تي عمل ڪرڻ کان اليڪشن ڪميشن مطمئن نه آهي، ڪنوينر پاڻ ۾ وڙهي پيا آهن، ۽ عنقريب پريس ڪانفرنسون ڪري، هڪٻئي جا ٻول پڌرا ڪندا، ۽ سينيٽ لاءِ وري ٽسوري کي ٽڪيٽ ڪنهن ڏياري…؟؟؟، اها خبر به عنقريب پئجي ويندي، ۽ جيڪڏهن سندس سيٽ خطري ۾ پئجي ويئي، ته پوءِ هوبه پريس ڪانفرنس ڪري، وڏا وڏا راز ظاهر ڪندو، ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ جي اندروني لڙائي، ممڪن آهي ته ان اليڪشن ۾ ۽ وڏي اليڪشن کي غير يقيني بنائي، ۽ پوءِ جيئن مشرف ٿو چئي ته مسلم ليگ جي سڀني ڌڙن کي هڪ بنائي، پوءِ واڳ وٺڻ ايندس، تيئن وري ايم ڪيو ايم جا اصلي خالق ۽ مالڪ ايندڙ اليڪشن ۾، ڪارڪنن کي مشرف جي پليٽ ۽ فارم ڏيندا، ۽ مشرف کي هيرو بنائڻ لاءِ، هندوستان کي هن جي هٿان گاريون ۽ ڌمڪيون ڏياريندا، ۽ ڪارگل ڪهاڻي کي ٻيهر ظاهر ڪري، سندس ڪارنامن کي ميڊيا ۾ نمايان ڪندا، جڏهن ته ن ليگ ٽڪر ٿيندي، ۽ مسلم ليگ قائد اعظم جي نالي سان مضبوط ڪري، سڀ ليگي ان جهنڊي هيٺ گڏ ٿيندا، ته پوءِ پي پي ۽ پي ٽي آءِ کي نمبر ٻيو قوت بنائڻ لاءِ، جيڪڏهن ن ليگ جا ڀاڳيلا عمران سان مليا، ته پوءِ اسٽيبلشمنٽ ان کي پاور ڏياريندي، جيڪڏهن سرحد ۽ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ ميمبر پ پ جي ويجهو ويا ته پوءِ ڪو شڪ نه آهي ته بلاول کي پنجاب ۾ هيرو بنائي نعرا لڳن ته “نقلي شير ڀاڳ گئي، اصلي شير آگئي”، بس رڪاوٽ اها آهي ته اسانجي ٿاڻي جو صوبيدار يعني انگريز پنهنجي اسٽيشن ڊائري ۾ لکي ڇڏيو آهي، سنڌين کي هميشه دٻائي رکجو، ۽ انهن کي اوچن ايوانن کان هميشه پري رکجو، ڇو ته پير پاڳاري، جي ايم سيد  ۽ ڀٽي جا پوئلڳ هڪ ٿي ويا ته پوءِ ايم آر ڊي تحريڪ وارا ڪهاڙيون کڻي ٽينڪن وارن تي حملو ڪندا، ۽ ٽينڪن اڳيان سمهي پوندا، بي نظير ڪارڊ واريون سنڌياڻيون ريل جي پٽڙين تي سمهي حرن وانگر ريلون ڪيرائي به سگهن ٿيون، ان ڪري انگريز مائي جو ڪامياب فارمولا ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو” جاري رکندا ته جاهل سنڌي، قبيلائي جهيڙن جي جرڳن ۾ ئي قابو هوندا، ۽ سندن اسڪول بند، ٻار دربدر، جهالت جي ڪري هو پنهنجي اصلي دشمن کي نه سڃاڻندا، پاڻ ۾ ئي ٽڪريا پيا هوندا، ۽ قدرتي وسيلن کي ادارن جي طاقت سان انگريز کڻائيندا پٺاڻن جي ٽرانسپورٽ ۾، گروڙ شريف چيو “جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قنڌارئون جوکواسحاق “ ڊار جو فارم رد ٿئي يا وري عمران خان ن ليگ تي وڌيڪ ڏمرجي، پر چوندا آهن ته جنهن جي جيتري سگهه هوندي، هو اوترو ئي طاقت جو مظاهرو ڪندو، ادارن کيس تمام گهڻو مٿي تي چاڙهيو، پر پنجاب ۾ پنهنجا پير کوڙڻ جي کلي ڇوٽ نه ڏنائون، پر ويچاري کي پنجاب پي ٽي آءِ جو ڪرڻ جو هنر نه ڏنائون، اهڙي طرح زرداري ۽ پ پ کي جيئن پنجاب مان پاڙيون پٽيائون، ته وري 20 سال کيس پنجاب ۾ پير پختا ڪرڻ لاءِ، بس هن وقت پنجاب مان ڪجهه پي ٽي آءِ ۽ ڪجهه پ پ کي سيٽون ڏيندا، پر هاڻ ن ليگ جا ٽڪرا ڪرڻ کان پوءِ انهن باغي ڀڳوڙن سان پ پ ۽ پي ٽي آءِ کي ٽوڙي، آڪسيجن ڏيئي، انهن ۾ نمبر ون ۽ نمبر ٽو ٿيڻ لاءِ چڪو چکائيندا، پر هاڻ پنجاب جي ايوانن جي ذريعي ادارا اها پاور جي چاٻي هميشه لاءِ پنهنجي هٿ ۾ رکندا. باقي سائين مراد علي شاهه سنڌ جا اسڪول نه کولرائي سگهيو، هاڻ ٽيبليٽ ڏيئي ٿو سنڌ ۾، تعليم کي ترقي ڏياري سائين باڇا شهباز ۽ نواز شريف پنجاب ۾ ليپ ٽاپ ڏيئي ڪميشن حاصل ڪئي، پر تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن کي ئي ليپ ٽاپ ڏنا، پر سنڌ جي ٻارن کان پٽي ڦري، اسڪول بند ڪرائي، ماسترن کي گهر ويٺي پگهار ڏياري، سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڪهڙي تعليم ڏني ويندي، يقينن اهي ٽيبليٽ شهري شاگردن کي اڌ ڏيئي، اڌ کپايا ويندا، جيئن حيدرآباد جي اسپتالن لاءِ پنج سو ويگن رڪارڊ ۾ وصول ٿي، وڪرو ٿي ويون، ۽ ڪجهه ڪراچي نواب شاهه روڊ تي ٽيڪسيءَ ۾ پيون هلن، تيئن جديد تعليم جي نالي سنڌي ٻار کي لالي پاپ ڏيئي، پنهنجا پاليا ويندا، غريب پ پ ورڪر يا سنڌي قوم جي ٻارن کي ستيءَ ۾ سور آهن ۽ رهندا، ڇو ته سندن بابا، ڏاڏا به سردارن، ميرن، پيرن جا ابي ڏاڏي غلام رهيا، ڀٽي اهي غلاميءَ جون زنجيرون ٽوڙيون، اهو دشمن ۽ دنيا پئي مڃي، پر زرداري صاحب جي دور ۾ وري وڏيرا ڀرتي ڪري، زنجيرون وڌايون پيون وڃن.

سپريم ڪورٽ کي رائو انور پنهنجو تحفظ ڏيارڻ جو چئي، جمعي جي ڏينهن سڀ راز کولڻ جي جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، ان ڏينهن هن سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي جيڪي راز ظاهري ڪري، وعدي معاف گواهه ٿي، سنڌ حڪومت ۽ زرداري صاحب خلاف اهم انڪشاف ڪيا، ته انهن جو انجام به اهوئي ٿيندو، جيڪو ذوالفقار مرزا قرآن پاڪ کڻي ميڊيا آڏو ظاهر ڪيا، يا عزيز بلوچ جيڪي ثبوت ۽ الزام پ پ قيادت تي عدالت ۽ ميڊيا آڏو هنيا… انهن جو ٿيو، ها جيڪڏهن واڳ ڌڻي هن ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي، ڀٽي شهيد وانگر، قصوري ڪيس وانگر، ڦاسي ڏيڻ ٿا چاهين، ۽ بلاول کي مظلومت جو داستان ڏيئي، هيرو بنائي، نئين قيادت جو دور شروع ڪرڻ ٿا چاهين، ته به ان ڪيس جو حوالو نٿا بڻائي سگهن، ڇو ته ان فيصلي کي عدالتي قتل قرار ڏنو ويو آهي، ها اسٽيبلشمنٽ سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو ۾ “را” جي ايجنٽ ڪلبوشن جي ڪهاڻيءَ کان پوءِ، هاڻ ايران ۾ هٿ وجهڻ جي ڳالهه ڪري چٽو چيو آهي، ته پوءِ پڪ اسانجا ادارا آمريڪا ۽ سعوديءَ جي پگهار تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا آهن ته پوءِ ڀٽي کانپوءِ زرداري صاحب لاءِ….؟؟؟؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪپتان کان وزيراعظم تائين

غلام مصطفيٰ کهاوڙ 1992ع ۾  عالمي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ  جي فاتح ڪپتان ڪرڪيٽ کي الوداع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے