18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

روز ملندڙ لاش؟

محمد خان دائود

سنڌ ۾ ته هونئن ئي بهاني بهاني سان روز ناحق قتل ٿي رهيا آهن.ڪڏهن ڪنهن جو لاش ڪنهن سُڪل تلاءُ مان ملي ٿو ته ڪڏهن ڪو لاش ڪنهن واههُ ۾ ترندي ملي ٿو.ڪڏهن ڪو لاش رکي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هندي نظر اچي ٿو. ته ڪڏهن انهن لاشن جو پوسٽ مارٽم ئي نٿو ٿئي ۽ اُهي لاش ائين ئي دفن ٿي وڃن ٿا جئين رات وچ ۾ اُهي تازا ڄاول ٻار دفن ڪبا آهن .جنهن ٻارن کي محبت جي سزا ۾ سزا وار ڪبو آهي!

ڪڏهن اُهي لاش ٿاڻي جي ڀڳل ديوار سان رکي وڏي منڇي جو انتظار ڪبو آهي. ڪڏهن انهن لاشن کي ڏاند گاڏين ۾ رکي انهن اسپتالن لاءِ نيو ويندو آهي جنهن اسپتال ۾ نه ڊاڪٽر هوندا آهن ۽ نه ئي عملو تڏهن به غالب چواڻي ته

“دل ڪو خوش رکني ڪو غالب يه خيال اڇا هي!“

اُهي لاش جيڪي سنڌ جي ڌرتي تي ائين پکڙيا پيا آهن جئين ڪنهن رڻ زال جي سينڌ جا وار ان جي نرڙ تي نروار هوندا آهن. اُهي لاش جيڪي بي ڏوهين جا آهن. جيڪي انڌي گاڏين جي نظر ٿي ويا.اُهي لاش جيڪي تيز رفتاري جي نذر ٿي ويا. اُهي لاش جيڪي موالي ڊرائيورن جي ور چڙهي ويا.اُهي لاش جيڪي روڊن کي ڳاڙهو.۽ اکين کي آلو ڪري ويا.اُهي لاش انهن روڊن تي ايئن پکڙيا پيا هُئا.جيئن ڪنهن هوٽل جي ٽيبل تي تاش جا پتا!

اُهي لاش جيڪي ڌرتيءَ جي سيني ۾ ايئن لهي ويا جيئن مُهاڻا سمنڊ ۾ لهي ويندا آهن.پر اڃان ته انهن کي جئڻو هوُ.پر هوُجئڻ جي سزا ۾ ماريا ويا .اُهي لاش جيڪي دشمنيءَ نه هوندي به دشمنيءَ جي نذر ٿي ويا آهن،  جيڪي ٻولي زات ،قوم ۽ قبيلي جي فرق ۽ بنياد سان ڪيا وڃن ٿا.اُهي قتل جنهن قتلن جي ڪري بس سنڌ جي قومي شاهراهه ڪجهه ڪلاڪن لاءِ بند ٿئي ٿي وري ساڳي راند ساڳيو چرخو!

اُهي قتل جنهن قتلن تي سياست ٿئي!

اُهي قتل جنهن قتلن جي پويان سازش هُجي!

اُهي قتل جيڪي سردار ڪرائيندا آهن!

اُھي قتل جنهن قتلن تي جرڳا ڪيا ويندا آهن!

اُهي قتل جنهن قتلن جي پويان وڏا وڏا ڏنڊ رکيا ويندا آهن جڏهن ڏنڊ نه ڀري سگهبا آهن ته پوءِ سنڱ چٽي ڏبا آهن!

اُهي قتل جنهن جي قاتلن کي ڪڏهن به ڦاهيءَ جي سزا ناهي ايندي!

اُهي قتل جيڪي پوليس جي سرپرستي ۾ ڪيا ويندا آهن.۽ وڏيرن جي نگراني ۾ انهن قتلن جا جرڳا ڪيا ويندا آهن!

اُهي قتل جيڪي ٻولي جي ذات جي بنياد تي ڪيا ويندا آهن!

اُهي قتل جنهن قتل ۾ بس هڪڙو انسان نه ماربو آهي پر انهن قتلن ۾ قرآن جي اها ڳالهه ڪيتري نه سچي ثابت ٿيندي آهي ته

“هڪ انسان جو قتل سموري انسانيت جو قتل آهي!“

انهن قتلن پويان قتل جي هڪ سريز هلي پوندي آهي قتل قتل قتل قتل……!!!!

اُهي قتل جيڪي ڪشمور کان ويندي لاڙ ڪاڻي تائين ،لاڙ کان ويندي اتر تائين ٿين ٿا سنڌ لڙڪ لاڙي ٿي پر سرڪار  بي خبر رهي ٿي.

هي پوءَ به اُهي قتل آهن جيڪي آهن ته ناحق پر انهن جو ڪو نه ڪو جواز ڄاڻيل هوندو آهي.ڪٿي محبت  جي ميم!ته ڪٿي ڪارو ڪاري،ڪٿي ڪٿي طزاد ته ڪٿي ڪا پراڻي دشمني!

ڪٿي ڪا سڱ چٽي ته ڪٿي ڪا زميني جهيڙو،ڪٿي ڪو ٻنيءَ جو مسئلو ته ڪٿي ڪنهن وني جو سانگ!

ڪٿي ڪا دهول تي دشمني ته ڪٿي،ته ڪٿي ڪنهن وڏيري جي ڪرڙي نظر هئي، قتل ته سمجهه ۾ اچن ٿا.انهن قتلن جو ڪڏهن ڪڏهن ڪٿي نوٽس به ورتو ويندو آهي،ائين جئين ڀوري ڀيل جي تذليل جونوٽس ورتو ويو هو.

پر اُهي قتل رڪڻا به ناهن .اهڙن قتلن سان سنڌ جي ڌرتي ڳاڙهي ٿيندي پئي وڃي.پر اسان کي اُهي قتل،ناحق قتل ڇو نظر نٿا اچن جيڪي هر روز ٿي رهيا آهن.انهن قتلن سان سنڌ جي سينڌ ائين ڳاڙهي ٿي وڃي ٿي جئين ڪنهن نئين ڪنوار جي سينڌ سندور سان رڱي وڃي.اُهي اهڙا قتل آهن جيڪي هڪ جهٽڪي سان 15 کان مٿي انسان پاڻ سان گڏ کڻي وڃن ٿا.اُهي اهڙا قتل آهن جو نه پرچو ڪٽجي ٿو.نه ڪو فريادي آهي.نه ڪا درخواست داخل ٿئي ٿي.نه ڪو فريادي ئي بنجي ٿو.بس قتل ٿين ٿا لاش اسپتال آندا وڃن ٿا.پوءِ وري انهن ماڳهن تي رسن ٿا جتي پراڻي مقامن ۾ انهن لاءِ نيون قبرون منتظر آهن.

اهي قتل ڪنهن جي کاتي ۾ درج ٿيندا؟جيڪي روز جي بنياد تي ٿي رهيا آهن.پر ڪنهن کي ڪا به ڳڻتي ڪونهي.جيڪي پنهنجي صحت سان خوشي سان گاڏين ۾ سوار ٿين ٿا وري گاڏيون وڍهي انهن جي چچريل وجودن کي گاڏين مان ڪڍيو وڃي ٿو،جيڪي سفيد ڪپڙن سان گاڏيءَ ۾ سوار ٿين ٿا .وري لال لباس سان گاڏيءَ مان ڪڍيا وڃن ٿا.جيڪو اڪيلو گاڏيءَ ۾ چڙهي ٿو ان جو اڪيلو لاش اچي ٿو جيڪي ڪنٽب سان گاڏين ۾ چڙهن ٿا انهن جو وري ڪٽنبن سان لاش اچن ٿا.

اهو الميو ناهي ته پوءِ ڇا آهي.سنڌ جا روڊ رستا قاتل ٿي ويا آهن.سنڌ جو ڪو به اهڙو روڊ ناهي جنهن روڊ مٿان اهڙا ناحق قتل نه ٿيا هجن،انهن روڊن تي سفر ڪندي مريض به اجل جو شڪار ٿيا آهن ته گهوٽن به پنهنجا سر گهوريا آهن.ڄاڃين جون بسون به انهن روڊن تي ٽڪر کائي ڏور تائين ويون آهن. ته حاجي به ڀلي پار تان ڀيرو ڀري اچي اتي اجل جو شڪار ٿيا آهن. .انهن روڊن ته عمري زائرين کي به نه بخشيو آهي.انهن رودن تي وڏيرن جا پٽڪا به ڌوڙ ٿيا آهن.ته انهن ئي روڊن تي سنڌ جي نوجوانن جون ڊگريون حوا ۾ اُڏرندي ڏٺيون ويون آهن.انهن روڊن اسمبيليءَ ميمبرن کي به نه بخشيو آهي.ته انهن روڊن ڊاڪٽرن کي به قبر ڀيڙو ڪيو آهي.انهن روڊن تي ئي سنڌ  جا امير قتل ٿيا.ته انهن ئي روڊن تي  سنڌ جا ڪولهي ڀيل،ميگهوار قتل ٿيا.

انهن روڊن ڪنهن کي بخشيو آهي؟!!

جيڪو به سنڌ جي روڊن جو مسافر ٿيو آهي. انهن روڊن انهن مسافرن جو سر نيو آهي.پو ڀلي اُهي ڪير به هجن.باقي رهي ڳالهه انهن وزيرن مشيرن جي اُهي نه ته هن ڌرتيءَ جا رهواسي آهن ۽ نه  ئي انهن کي خبر آهي ته سنڌ جا روڊ رستا ڪهڙي حالت ۾ آهن.هوُ ته ڪراچي ۽ دبئيءَ جي روڊن ري عياشيءَ جهڙو محفوظ سفر ڪن ٿا.انهن کي سنڌ جي هيڻي قاتل روڊن جي خبر ئي ناهي ته اُهي روڊ هڪڙي ڏينهن ۾.هڪڙي مهيني ۾.هڪڙي هفتي ۾ ڪيترن انسانن کي قبر ڀيڙو ڪن ٿا. ۽ نه ئي اُهي انهن روڊن تي سفر ڪندا آهن، جيڪڏهن ڪڏهن ڪندا به آهن ته شاهي پروٽوڪول ۾،انهن کي جڏهن اُهي روڊ ئي خالي ملن ته انهن کي ڪهڙي خبر ته اُهي روڊ ڪهڙي آفت جو نالو آهن.۽ انهن روڊن تي ڪئين نه حياتيون بس هڪڙي ڳاڙهي ليڪ ٿي وڃن ٿيون .جنهن ليڪ جو نه پوسٽ مارٽم ٿي سگهي ۽ نه ئي انهن جي سڃاڻپ ٿي سگهي.

ڪنڌ ڪوٽ کان ويندي لاڙڪاڻي تائين ڪشمور کان ويندي ڪيٽي بندر تائين. انهن روڊن تي راڪاس گهمي ويو آهي. جيڪو انهن حياتين جو دشمن ٿي پيو آهي.سرڪار آهي ته ان کي اها خبر ئي ناهي ته ڪئين اهئي جانيون اهي روڊ ڳڙڪائي رهيا آهن ۽ انهن روڊن تي هلندڙ گاڏين جي ڦيٿن ۾ اهي جانيون پري تائين گيلجي وينديون آهن ۽ پويان بس ڳاڙيون ليڪون ڇڏي وينديون آهن.اُهي روڊ جيڪي سنڌ ۾ اجل جو نئون پيغام کڻي آيا آهن .جنهن روڊن ڪئي گهر اجاڙي ڇڏيا آهن.جنهن روڊن تان انسان پنهنجي صحت وارو سفر ڪندا آهن.پر مُئل ورندا آهن.اُهي روڊ جيڪي ڪنهن کي به نٿا بخشين.اُهي روڊ جيڪي عالمن ڏاهن جو قتل ڪن ٿا ۽ جاهلن جو به انت آڻين ٿا.

خبر ناهي ته روڊ کاتو ڪٿي ستل آهي.۽ اُهي پيسا ڪيڏاهن وڃن ٿا . جيڪي روڊن جي سڌاري لاءِ ڪم اچڻا آهن.

هي اهڙا قتل آهن جنهن جو درد به سوا ٿيندو آهي.۽ پيو من کي جهوريندو آهي.جڏهن صحت مند انسان گهران نڪري ۽ ان جو وڊيل وجود گهر اچي ته اهڙي حالت ۾ ان من کي ڪئين قرار ايندو جيڪو من ان ماڻهو سان دفن ٿي ويو جيڪو ماڻهو پنهنجي سموري خوابن سان دفن ٿي ويو.

روڊ کاتي ۽ سرڪار کي خبر هوندي ته هر سال سنڌ جي روڊ رستن تي ڪيترا انسان اجل جو شڪار ٿين ٿا،پر صرف هن ڊسمبر کان ويندي فيبروريءَ جي سرد مهيني ۾ سنڌ جي روڊ رستن تان ٻن سئو کان به وڌيڪ انسان پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن.

ان انگ ۾ هوسڙيءَ جو قتل شامل ناهي جنهن ۾ ڏهه انسان روڊ تي ايئن پکڙيا پيا هُئا جيئن هلندڙ گاڏيءَ مان چماٽا ڪري پوندا آهن.ايئن ئي اُهي انسان هوسڙي ۽ حيدر آباد دنگ تي ڪري پيا.لتاڙيا ويا۽ مري ويا!

آخر ڪهڙي ڳالهه آهي ته ان ميداني علائقي ۾ به ايڏي ڪثرت سان روڊ حادثا ٿي رهيا آهن ايترا روڊ حادثا ته اُن چترال ۾ به نٿا ٿين جتي هر سفر موت جي کوهه جهڙو هوندو آهي. سنڌ جا روڊ اهڙا ڇو ٿي ويا آهن جو هو ڪنهن جبل جي چوٽي ته به ناهن بلڪل سيڌا آهن تڏهن به انهن روڊن ڪيتري ئي گهرن کي ماتمن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.اهڙي قتلن جي ايف آءِ آر ڪنهن تي درج ٿيندي ۽ اهڙي ڪيسن جي ڪڏهن ٻڌڻي ٿيندي؟!!!

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪپتان کان وزيراعظم تائين

غلام مصطفيٰ کهاوڙ 1992ع ۾  عالمي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ  جي فاتح ڪپتان ڪرڪيٽ کي الوداع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے