18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

پاڪستان لاءِ ڪوئلي جي ڪوڙڪي

ليکڪ:   عمر ايس چيما / ترجمو: عبدالخالق جوڻيجو

ٻيو ۽ آخري حصو

نوٽ: ليکڪ متبادل توانائي ۽ ٽيڪنالاجي مارڪيٽنگ جو ماهر آهي ۽ لنڊن ۾ رهندو آهي، هي سندس مضمون جو آسان ۽ مختصر ترجمو آهي. وڌيڪ تفصيلن ۽ ٽيڪنيڪل نقطن لاءِ ڊان ( 4 فيبروري 2018) ۾ ڇپيل سندس جائزو ڏسي سگهجي ٿو.

 

عالمي طور توانائيءَ ۾ تبديليون:

گذريل ڏهاڪي دوران بجلي منصوبن ۾ زبردست تبديلي آئي آهي، بجليءَ جي عالمي پيداوار ۾ سج ۽ هوا جو حصو لڳاتار وڌندو ٿو رهي. ان جا ٻه مکيه سبب آهن، هڪ ته ٻارڻ جو خرچ ڪونهي ۽ ٻيو ته پاڻيءَ جي کوٽ ۾ ڪو واڌارو ڪو نه ٿو ٿئي. هڪ ٻيو تبديليءَ جو عنصر قدرتي گئس آهي جنهن کي ٿرمل بجلي گهر هلائڻ لاءِ ڪوئلي تي ترجيح ڏني وڃي ٿي جو ان جا نقصانڪار اثر گهڻو گهٽ آهن.

اچو ته ڏسون ته وڏيون معيشتون ڪيئن متبادل توانائي اختيار ڪري رهيون آهن، امريڪا، چين ۽ ڀارت ڪوئلي تي انحصار ڪندڙ مکيه ملڪ آهن جن وٽ پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ذخيرا به وڌيڪ ترقي يافتا آهن ۽ رسد جو نظام به بهتر آهي، آمريڪا جي سالياني رپورٽن مطابق اتي نئين هزاريءَ ۾ سج، هوا ۽ گئس کي زبردست بالادستي ملي آهي، خاص ڪري 2015 ۽ 2016 دوران سج ۽ هوا استعمال ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿيو آهي.

ڪوئلي يا ايٽمي توانائي تي هلندڙ بجلي گهر يا ته ختم ڪيا ويا آهن يا انهن جي مدي پوري ٿيڻ تي ختم ڪيو ويندو، جڏهن ته اهڙا نوان پلانٽ لڳائڻ بند ڪيا ويا آهن. ٽرمپ انتظاميا پنهنجي سياسي مفادن تحت ڪوئلي جي واپار کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر چاڙهو ڪو نه ٿيس ڇاڪاڻ ته ڪوئلي جو ڊائنو سار پالڻ جي ڀيٽ ۾ متبادل توانائيءَ تي تمام گهٽ خرچ  ٿو اچي. هن مهيني ئي ڪوئلي ۽ ايٽمي توانائيءَ جي استعمال کي وڌائڻ ۽ مالي رعايتون ڏيڻ جي ڪوشش کي آمريڪي وفاقي ڪميشن رد ڪري ڇڏيو، جنهن تي ميڊيا ۾ سرخيون لڳيون ته ” ٽرمپ جو ڪوئلو بحالي منصوبو مري چڪو “

چين جي متبادل توانائيءَ ڏانهن ڊوڙ اڃا وڌيڪ نمايان آهي، اٽڪل هڪ سال اڳ ۾ انتظاميا 1.2 گيگا ميگاواٽ صلاحيت وارن 103 ڪوئلي جي بجلي گهرن جا لائسينس اوچتو رد ڪري ڇڏيا، چين پنهنجي تجربن مان سکيو ته ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر سفيد هاٿي آهن،  چين جي تجربي بابت آزاد آمريڪي تحقيق اهو نتيجو ڪڍيو ته ساڳي ناڪام حڪمت عملي جاري رکڻ ڪا عقلمندي ناهي ۽ متبادل توانائي ۽ گئس ئي بهتر رستو آهي. هوا جي وڌندڙ گدلاڻ ۽ پيدا ٿيندڙ سماجي ڀڃ ڊاهه کان علاوه چين جي اقتصاديات کي به فائدو ڪو نه ٿيو. ان جي ڀيٽ ۾ شمسي توانائيءَ سان چين جي محبت تيزيءَ سان وڌندڙ آهي. 2016 دوران عالمي طور لڳندڙ 165 گيگا واٽ جي منصوبن مان 68 گيگا واٽ متبادل توانائيءَ وارا منصوبا رڳو چين ۾ شروع ٿيا. ان ڏس ۾ ٻين ملڪن ۾ چين جي سيڙپڪاري گذريل سال 44 ارب ڊالرن جي ٿي. متبادل توانائيءَ جي استعمال، پيداوار ۽ ان تي ٿيندڙ لاڳت جي حوالي سان چين دنيا ۾ سڀ کان اڳتي آهي.

انڊيا ۾ به ڪوئلي جو مستقبل اونداهون آهي، خطرناڪ هوا گدلاڻ سياسي قيادت لاءِ مصيبتون پيدا ڪري رهي آهي، جنهن ڪري ڪوئلي جي بجلي گهرن جي زهريلي اخراج کي سختيءَ سان ڪنٽرول ڪرڻ جي نتيجي ۾ ان جي لاڳت ۾ بي پناهه اضافو ٿئي ٿو. اهڙي طرح سج ۽ هوا متبادل  توانائيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪوئلو بجلي گهڻي مهانگي ٿئي ٿي. ڪوئلي وارن بجلي گهرن جي جاءِ تي متبادل توانائي اچڻ سان ڀارتي صارفين کي ساليانو 8 ارب ڊالرن جي بچت ٿيندي. تازي تحقيق مان ظاهر ٿيو ته ڪوئلي جي پويان وڌيڪ پئسو لڳائڻ جي نتيجي ۾ انڊيا پئرس موسم معاهدي جي هدف کي حاصل نه ڪري سگهندو، جنهن ڪري ٿي سگهي ٿو کين ڪيترا ڪوئلو بجلي گهر وقت کان اڳ بند ڪرڻا پئجي وڃن ۽ نتيجي ۾ وڏو مالي نقصان کڻڻو پوي. ان جي ڀيٽ ۾ متبادل توانائيءَ جي سلسلي ۾ اهڙو خطرو ڪونهي. اهڙي طرح ڀارتي حڪومت پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪندي 50 گيگا واٽ جا ڪوئلي جا منصوبا ترڪ ڪري رهي آهي. دنيا جي سڀ کان وڏي ڪوئلو ڪمپني ” ڪوئلو انڊيا“ جيڪا ڀارت جي 82 سيڪڙو ڪوئلي جي مالڪ آهي، سا 37 کاڻيون بند ڪرڻ تي مجبور ٿي ويئي آهي. ڪوئلو کان آجو مستقبل يقيني بڻائڻ خاطر اڃا ٻيون کاڻيون به بند ڪيون وينديون.

وقت جو لکيو صاف نظر اچي رهيو آهي. چلي کان برطانيا ۽ آسٽريليا تائين ساڳيون حقيقتون ۽ ساڳيا رجحان نظر اچي رهيا آهن. مستقبل جي بجليءَ ۾ تمام وڏو حصو سج، هوا ۽ قدرتي گئس جو هوندو. مستقبل تي نظر رکندر معيشتون ڪوئلي کي چنبڙندي ماضيءَ ۾ ڦاسڻ نٿيون چاهين. پاڪستان پاران توانائي شعبي ۾ عالمي رجحان جي ابتڙ پنهنجا محدود مالي وسيلا ڪوئلي تي خرچ ڪرڻ بيوقوفي  ٿيندي، چين ۽ ڀارت وانگر پاڪستان به پئرس موسم معاهدي تي صحيح ڪندڙ ملڪ آهي. ان حوالي سان ذميواريون پوريون نه ڪندو ته سندس بين الاقوامي ساک تباهه ٿي ويندي. پاسڪتان وٽ ان شعبي ۾دنيا جي اڳواڻي ڪندڙ ملڪ چين کان وڌيڪ بهتر  ٽيڪنالاجي ڪانهي. ڪوئلي بابت چين جي صلاحيت جو ڦوڪڻو ئي ڦاٽي پيو ته پاڪستان پنهنجي ڪمزور معيشت سان ساڳي غلطي دهرائڻ ڪٿي برداشت ڪري سگهندو. عالمي سطح تي ڪوئلي جو استعمال عروج کان زوال ڏانهن وڃي رهيو اهي، تنهن ڪري ٿر جي واريءَ ۾ کربين رپيا لڳائڻ مئل گهوڙي تي موڙي لڳائڻ جي برابر آهي.

جڏهن بجلي معاملن جا سياڻا منصوبي ساز ايڪويهين صديءَ ڏانهن سفر ڪري رهيا آهن، ان وقت  اسان توانائي جي هڪ اهڙي سلسلي ۾ پئسو لڳائي رهيا آهيون، جيڪو پنهنجي پوري اپت ڏيڻ کان اڳ  ۾ ئي فرسوده ٿي ويندو. جيتوڻيڪ متبادل توانائي سستي ۽ صاف سٿري به آهي ته پاڻيءَ جي قيمتي ذخيري جي به بچٽ ڪري ٿي پر ڪوئلي جا وڏا وڪيل اهو دليل  ٿا ڏين ته بيس لوڊ ( Base load ) يعني  بجليءَ جي گهٽ ۾ گهٽ مستقل  رسد لاءِ اهو ضروري آهي. برطانيا جي ” نيشنل گرڊ“ ڪمپنيءَ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جو ڪجهه سال اڳ چيل اهو جملو گهڻو مشهور ٿيو ته ” بيس لوڊ جو تصور رد ٿي چڪو آهي. متبادل توانائي ۽ قدرتي  گئس جي استعمال  سان بجليءَ جي مستقل رسد جا ڪيترائي ڪارائتا  طريقا آڏو اچي چڪا آهن.

پاڪستان جهڙا ملڪ جتي رسد ۽ ورهاست جو نظام انتهائي ڪمزور آهي ۽ بجلي چوري عام آهي، اتي بهتر متبادل ننڍيون گرڊ اسٽيشنون آهن، اهي ننڍيون گرڊ اسٽِشنون مختلف سطحن تي مثال طور ڪنهن صنعتي علائقي، ٻهراڙيءَ جي ڳوٺ يا شهر جي ڪنهن حصي کي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي سگهن ٿيون. اهي ننڍيون اسٽيشنون پنهنجي ٻارڻ جون ضرورتون  گهڻو ڪري مقامي طور تي لوڊشيڊنگ جو بهترين حل آهن.

ان ڳالهه جو به امڪان ناهي ته ٿر جي ڪوئلي مان پيدا ٿيندر بجلي انڊيا درآمد ڪندو، سرحد جي هُن پار وارو علائقو انڊيا جي سولر توانائي بابت حڪمت عمليءَ ۾ اولين ترجيح تي آهي ۽ اسان ڄاڻون ٿا ته ڀارت خود پنهنجو ڪوئلي بجليءَ تي انحصار گهٽ ڪري رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو مستقبل جي متبادل توانائي تي ٻڌل بجليءَ جي معيارن سان مطابقت رکندڙ آهي.

سولر توانائيءَ جي صورت ۾ اسان کي بجليءَ جي سستي ۽ يقيني رسد خاطر پنهنجي قدرتي ماحول جي قرباني ڏيڻي ڪا نه پوندي، شروع ۾ ٿرڪول منصوبو جوڙڻ وقت ٿي سگهي ٿو صورتحال ايتري چٽي نه هجي پر هاڻي اسان ٻين جي تجربن مان سکندي، موجود موقعن کي سمجهندي ۽ مستقبل جي امڪانن کي نظر ۾ رکندي يقيني طور بهتر منصوبابندي ڪري سگهون ٿا.

بهتر آهي ته ٿرڪول منصوبو جتي آهي، ان کي اتي ئي دفنائي ڇڏجي ٿي سگهي ٿو ته چند ماڻهو وقتي طور ان بيوقوفاڻي ۽ تباهه ڪن منصوبي مان فائدو حاصل ڪن پر اسان کي ان جي خاطر اڪثريت جي ڀلائي ۽ ملڪي سلامتيءَ کي داءُ تي نه لڳائڻ گهرجي. اهو ايترو اهم ۽ ضروري ڪونهي جو ان جي خاطر اسان دنيا آڏو پاڻ کي هڪ ڪوتاهه نظر ۽ پنهنجو پاڻ کي تباهه ڪندڙ قوم طور ظاهر ڪريون جيڪا آسانيءَ سان گمراهه ٿي سگهي ٿي. ڪوئلي جي ان ڪوڙڪيءَ  ۾ ڦاسڻ هڪ سنگين غلطي ۽ قومي خود عذابيءَ وارو هڪڙو عمل هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪپتان کان وزيراعظم تائين

غلام مصطفيٰ کهاوڙ 1992ع ۾  عالمي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ  جي فاتح ڪپتان ڪرڪيٽ کي الوداع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے