22 منگل , مئی 2018

پاڪستان کي واچ لسٽ ۾ شامل ڪرائڻ ڀارت جي سازش آهي، يقينن ائين نه ٿيندو: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان کي دهشتگردن جي مالي مدد ڪندڙ ملڪن جي واچ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ هڪ سياسي عمل هوندو. آمريڪا طرفان ايندڙ هفتي پئرس ۾ ٿيندڙ “فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس” جي اجلاس ۾ پاڪستان خلاف تحريڪ پيش ڪئي ويندي، جنهن ۾ پاڪستان کي دهشتگرد تنظيمن جي مدد ڪندڙ ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويندو. دهشتگرد تنظيمن جي مدد روڪڻ لاءِ قائم ڪيل ان تنظيم ۾ فرانس، برطانيا ۽ جرمني به شامل آهن. اسلام آباد حڪومت ان فهرست ۾ شامل نه ٿيڻ لاءِ پنهنجون سفارتي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. مفتاح اسماعيل انهن جي ڪوشش جي سلسلي ۾ ايندڙ هفتي پئرس ۾ ٿيندڙ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي اجلاس کان اڳ برلن ۾ موجود آهي، جتي هو جرمني جي اهم اختيارين سان ملاقاتون ڪري رهيو آهن. ان ڏس ۾ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته اسان کي يقين آهي ته پاڪستان کي واچ لسٽ ۾ شامل نه ڪيو ويندو، اسلام آباد حڪومت ان حوالي سان سڀ تقاضا پورا ڪيا آهن ۽ هاڻ پاڪستان کي واچ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ سياسي عمل هوندو. هن چيو ته تنظيم ۾ شامل 25 کان 30 ملڪن سان ڳالهائي رهيا آهيون، مختلف ملڪن اسان جي موقف جي ساراهه ڪئي آهي، اسان کي جنهن بنياد تي واچ لسٽ ۾ شامل ڪيو پئي ويو اسان اهو بنياد ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي. مفتاح اسماعيل موجب اها تنظيم ڀارت جي اثر هيٺ اچي اهڙيون ڳالهيون ڪري رهي آهي، هڪ ملڪ جي سياست ۽ سازش جي ڪري اهڙي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن اهو معاملو ٽيڪنيڪي آهي ته اسان ان کي ختم ڪري ڇڏيو آهي پر جيڪڏهن اهو معاملو سياسي آهي ته اها اسان سان زيادتي آهي. سندس چوڻ هو ته ڪجهه وقت اڳ ناروي سميت ٻين ملڪن کي به واچ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، اسان عالمي سطح تي پنهنجو ڪم ڪري ڇڏيو آهي، اميد آهي ته پاڪستان کي واچ لسٽ ۾ شامل نه ڪيو ويندو. رپورٽن موجب نيڪٽا جي ويب سائيٽ تي پابندي پيل تنظيمن جي فهرست موجود آهي پر ان فهرست کي اپ ڊيٽ ناهي ڪيو، انهن تنظيمن خلاف نوٽيفڪيشن ته آيو آهي پر انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، ڇو ته انهن جو نالو نيڪٽا اڃا تائين شيڊيول ۾ شامل ناهي ڪيو، جيستائين انهن جو نالو شيڊيول ون ۾ شامل نٿو ٿئي، انهن خلاف ڪا به ڪارروائي عمل ۾ نه ايندي، جنهن جو فائدو انهن تنظيمن کي ٿيندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف رڳو ٻن سوالن جا جواب ڏئي ڇڏي ته ڪيس حل ٿي ويندو: تحريڪ انصاف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو آهي ته نواز شريف رڳو ٻن سوالن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے