17 جمعو , آگسٽ 2018

اهو وقت پري ناهي جڏهن فاٽا ڪي پي جو حصو هوندو: آصف زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته فاٽا جو حصو بڻجڻ پيپلز پارٽي جو مشن آهي ۽ اهو وقت پري ناهي جڏهن فاٽا صوبي جو حصو هوندو ۽ ان کي خطي ۾ مڪمل نمائندگي ڏني ويندي. آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ ملڪ اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران 18 ملڪ اڳواڻ پ پ ۾ شامل ٿيا. ملاقات دوران آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته وزيرستان جا ماڻهو ملڪي سرحدن جا نگهبان هئا، فاٽا وارن دهشتگردي جا زخم کاڌا ۽ مزاحمت ڪئي، هن وقت کين روزگار ۽ جديد اسپتال جي ضرورت آهي. هن چيو ته رياست جا فائدا فاٽا جي  عوام کي به ملن، اهو سندن حق آهي، وزيرستان ۾ وانا سڀ کان خوبصورت علائقو آهي، سازش تحت هتي باهه ٻاري امن تباهه ڪيو ويو. آصف زرداري چيو ته فاٽا جي حقن لاءِ پارليامينٽ اندر توڙي ٻاهر ڀرپور آواز اٿاريو ويندو، فاٽا جي عوام جي خواهش آهي ته سندن علائقا ڪي پي ۾ شامل ڪيا وڃن، پ پ سدائين عوامي سطح تي اٿندڙ آواز جو ساٿ ڏنو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Money Laundering Scandal: Asif Zardari by consulting with lawyers After all, the decision to not be submitted in the Supreme Court

مني لانڊرنگ ڪيس: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ بئنڪنگ ڪورٽ جاچ بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے