17 جمعو , آگسٽ 2018

قيديءَ جي فرمائش تي ڌيءُ جو جيل اندر نڪاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ملير جيل ۾ قيدي جي فرمائش تي ڌيءُ جي نڪاح جي تقريب رٿي وئي، جنهن ۾ قيدين ۽ پوليس اهلڪارن گڏجي جهمر هنئي. ڊسٽرڪٽ جيل ملير ۾ قيدي محمد راشد جي فرمائش تي سندس ڌيءُ جي نڪاح جي تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جي مائٽن، قيدين ۽ پوليس اهلڪارن شرڪت ڪئي.  تقريب ۾ گيتن تي قيدين ۽ پوليس اهلڪارن گڏجي جهمر هنئي، جڏهن ته جيل انتظاميا طرفان گهوٽ ۽ ڪنوار کي تحفا پڻ ڏنا ويا. جيل سپرنٽينڊنٽ حسن سهتي موجب قيدي محمد راشد جي ڌيءُ جي نڪاح جو انتظام ان ڪري جيل ۾ ڪيو ويو، ڇو ته سزا سبب قيدي پنهنجي ڌيءُ جي شادي ۾ نه پئي وڃي سگهيو، اسان قيدي جي درخواست تي سندس خواهش پوري ڪئي. محمد راشد قتل جي ڪيس ۾ جيل ۾ قيد آهي، جڏهن ته سندس ڌيءُ عروسا جي شادي عبدالله نالي نوجوان سان ٿي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Money Laundering Scandal: Asif Zardari by consulting with lawyers After all, the decision to not be submitted in the Supreme Court

مني لانڊرنگ ڪيس: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ بئنڪنگ ڪورٽ جاچ بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے